راشد مورائي : سنڌ جو مزاحمتي ۽ انقلابي شاعر
سليمان وساڻ
سنڌ جي تاريخ تي نظر ڊوڙائبي ته اهڙا ڪيئي شاعر ملندا جن پنهنجي مزاحمتي ۽ انقلابي شاعري ذريعي سنڌ جي ماڻهن ۾ هڪ نئون جوش ۽ ولولو پيدا ڪيو آهي۔ اهڙي ئي عظيم شاعرن مان هڪ سنڌ جي ساهتي پرھڻي جي موري شهر سان تعلق رکندڙ راشد مورائي پڻ آهي۔
سنڌ جي هن سريلي شاعر راشد مورائي 5 مارچ 1944ع تي مورو ڀرسان سنڌوءَ جي ڪپ تي، ڳوٺ جوڻالي ۾ جنم ورتو. راشد مورائي سونهن، عشق، مذاهمت ۽ انقلاب جو شاعر هجڻ سان گڏ هڪ بهترين نقاد ۽ اديب پڻ آهي۔ راشد جا گيت ۽ غزل سنڌ جي سڀني فنڪارن ڳائي داد حاصل ڪيو آهي۔ راشد پيشي جي لحاظ کان هڪ استاد آهي۔
سندس شاعري ۽ لکيل مضمون مختلف رسالن ۽ اخبارن ۾ ڇپبا رهيا آهن ۽ خاص ڪري نوجوان ، تبديلي پسند ۽ شاگرد کيس پنهنجو شاعر سمجهندا آهن۔ سندس شاعريء جا ڪتاب ”سنڌڙيءَ جو سوداءُ“، ”مينديءَ سندا کيت“، ۽ ”دل جو شهر“ ڇپجي مارڪيٽ ۾ آيا ۽ گهڻو مقبول ٿيا آهن۔ جڏهن ته راشد مورائي جو سهيڙيل خطن جو ڪتاب - خط خوشيءَ مان کول پڻ ڇپجي چڪو آهي۔ جڏهن ته سندس اڻ ڇپيل تخليقي مواد تعلقي موري جا اديب، سنڌي ادب جي سونهن، جهڙي آيس جيئن، ڇپائي جا منتظر آهن۔ راشد مورائي سنڌ جو يگانو شاعر آھي جنهن پرائمري استاد ٿي ڪري علمي، ادبي خدمتون سرانجام ڏنيون آھن.
راشد مورائي 11 مارچ 2014ع تي بيماريءَ سبب اسپتال جي انتهائي نگهداشت واري شعبي ۾ داخل رهيو پر موت جي فرشتي 24 مارچ 2014ع تي راشد مورائي اسان کان کسي ورتو.