غزل
راشد مورائي
راشد مورائي
تون اگر چاهين ته مان لکندو رهان
ڊوه کي ڊاهين ته مان لکندو رهان
وار وکريل ٿو ڏسان ، وکريو وڃان
زلف جي ٺاهين ته مان لکندو رهان
پڪ ڏي پنهنجي حسن جو سُنهن کڻي
تون اجهو آهين ته مان لکندو رهان
ڇڏ قصي گو ديوَ ۽ راڪاس کي
سونهن ساراهين ته مان لکندو رهان
آ مٿي منهنجي تي فرقت جي ڀري
بار هي لاهين ته مان لکندو رهان
ڇو ستو پيو آنھ بڙ جي ڇانوَ ۾
ڳاه جي ڳاهين ته مان لکندو رهان
ڪوڙ کي هڻ ضرب ڪاري "راشد"
سچ ساڃاهين ته مان لکندو رهان