جامي چانڊيي جي آواز کي دٻائڻ پٺيان چوڌري نثار جا ڪهڙا مقصد آهن؟

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ سليمان وساڻ طرفان آندل موضوعَ ‏24 مارچ 2016۔

  1. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,940
    ورتل پسنديدگيون:
    27,308
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    [​IMG]

    جامي چانديي کي روڪڻ ۽ ان جي آواز کي دٻائڻ پويان چوڌري نثار جا ڪهڙا مقصد آهن؟


    هنن جي هٿ ٺوڪين نظرين کان هاڻي سڀ واقف ٿي چڪا آهن. جاميءَ پنهنجي سگهاري آواز ذريعي سچايون بيان ڪري ٿو ۽ قلم ذريعي کين وائکو ڪري ٿو.
    جي اهڙو عمل ڪري هو جامي چانديي جي آواز کي دٻائڻ چاهين ٿا ته ان جي ڀرپور مذمت ڪيون ٿا. صوبائي حڪومت کي گهرجي ته وفاق کي سگهارو منهن ٽوڙ جواب ڏي.
    ___

    جامي چانڊيي ان حوالي سان پنهنجي فيسبوڪ ٽائيم لائين تي لکيو آهي:

    ٻاويهين مارچ تي مان خضدار يونيورسٽيءَ ۾ ليڪچر لاءِ ويل هئس، ته شام جو ڪراچيءَ مان هڪ صحافي دوست ماڻڪ ڪنگراڻي ۽ ڪجهه ٻين صحافين رابطو ڪري اطلاع ڪيو ته وفاقي گهرو وزير چوڌري نثار پاران منهنجي خلاف قدم کڻڻ بابت سنڌ حڪومت کي لکيو ويو آهي. جيئن ته مون کي ان حوالي کان ڪا به ڄاڻ نه هئي، مون دوستن سان ان بابت اڻ ڄاڻائيءَ جو اظهار ڪيو.
    ڪالهه وري سوشل ميڊيا تي گهڻو چوٻول ٿيڻ سبب اسلام آباد، لاهور، ڪراچي ۽ حيدرآباد مان صحافي دوستن ۽ مختلف سُڄاڻ ماڻهن جي مون سان رابطو ڪرڻ کان پوءِ مون ذاتي طور سنڌ حڪومت جي لاڳاپيل ذميوار عملدارن سان رابطو ڪيو، وٽانئن معلوم ٿيو ته واقعي اهڙو خط کين وُصول ٿيو آهي، جيتوڻيڪ نه ته مون کي ان خط جي ڪاپي ملي سگهي، ۽ نه ان بابت وڌيڪ تفصيل معلوم ٿي سگهيا. البته اها تصديق ٿي ته وفاقي گهرو وزير پنهنجي خط ۾ منهنجي ملتان ۽ پنجاب جي ٻين شهرن ۾ ڏنل ليڪچرن کي ”نظريه پاڪستان“ ۽ ”پاڪستان جي وقار ۽ سالميت“ جي خلاف قرار ڏيندي سنڌ حڪومت تي زور ڀريو آهي ته اُها پڻ منهنجي سرگرمين بابت جاچَ ڪري ۽ مون خلاف پنجاب جيان سنڌ ۾ به گهربل قدم کڻي.
    ان ڏِس ۾ مان ٻه ڳالهيون رڪارڊ تي آڻڻ چاهيان ٿو. هڪ ته ڪا به حڪومت مون کي يا ڪنهن به شهريءَ کي ڪو به نظريو سوچ ۽ خيال ۽ ان جي اظهار ڪرڻ لاءِ پنهنجي شرطن مطابق پابند نه ٿي ڪري سگهي. ۽ نه وري مان اهڙي ڪنهن به فيصلي کي مڃڻ جو مجاز آهيان. ملڪ ۾ عدالتون کليل آهن، ۽ جنهن به حڪومت کي منهنجي ڪنهن به موقف سان ڪو مسئلو آهي، ته اها معاملو عدالت ۾ کڻي وڃي ۽ مان پنهنجي پوري ذميواريءَ ۽ ضمير جي سچائيءَ سان ان جو دفاع ڪندس.
    جيئن ته خط سنڌ حڪومت کي لکيو ويو آهي، ان ڪري پاڻ کي جمهوريت پسند ۽ سيڪيولر سڏائيندڙ پي پي حڪومت جو به فرض آهي ته اهاهن معاملي بابت چِٽو ۽ جرئت منداڻو موقف رکي.
     
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو