• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

خبرون تي ٽيڪاٽپڻي / محمد خان سيال / جمعو 25 مارچ 2016

محمد خان سيال

سينيئر رڪن
قومي اسيمبليءَ ۾ آدمشماري ڪرائڻ جو ٺهراءُمنظور( خبر)
* هلو...خير جو ته ڪو ڪم ڪيوَ (تبصرو)

* سنڌ سرڪار، ٿورائيءَ وارن کي سڀ سهوليتون ڏيندي: وڏو وزير (خبر)
* * ......رڳو بيان جي حد تائين...!! (تبصرو)

* پ پ پ ۾ ڪوبه فارورڊ بلاڪ نه ٺهي رهيو آهي: عاجز ڌامراهه (خبر)
* * ڇڏيو آصف زرداريءَ کي ته ڀلي پيو ڪرپشن جي سمنڊ ۾ ٽُٻيون هڻي (تبصرو)

* ٽندي محمد خان سانحي ۾ مئلن لاءِ 2 لک معاوضو: صوبائي وزير گيانچند ايسراڻي (خبر)
* * ايڏو گھٽ معاوضو ڇو؟ ڇاڪاڻ ته مري ويل سمورا 48 ڄڻا سنڌي آهن؟ (تبصرو)

* منشيات جو عملو گھٽ آهي، وفاق مدد ڪري: صوبائي وزير گيانچند ايسراڻي (خبر)
* * اوهان رڳو مال ڪمائڻ ۽ سکڻا بيان جاري ڪرڻ لاءِ ويٺا آهيو ڇا؟ (تبصرو)

* ٽندي محمد خان سانحي ۾ ملهه پهلوان علي نواز پنهور مکيه جوابدار طور شامل (خبر)
* * علي نواز پنهور ملهه پهلوان نه پر، موت جو ملهه لڳي ٿو (تبصرو)

* موهن جي دڙي ۾ پٽن جي ڌڪاريل پيءُ آپگھات ڪري ڇڏيو (خبر)
* * افسوس! اولاد کي انهيءَ ڪري پاليو هئائين ڇا ته اهي کيس آپگھات لاءِمجبورڪن (تبصرو)
 
Back
Top