• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

اختلاف راءِ جو حق ساري دنيا ۾ ڏنو ويندو آهي

محمد خان سيال

سينيئر رڪن
ساري دنيا ۾ اختلاف راءِ جو حق ڏنو ويندو آهي پر اسان وٽ هڪ طبقو ائين ڪرڻ لاءِ تيار ڪونهي جيڪا هن ترقي ڪيل سائنسي دنيا ۾ جھالت جي پڪي نشاني آهي ـ وليم شيڪسپيئر ساري دنيا جو ناليوارو ۽ مڃيل شاعر آهي پر جيڪڏهن اوهان انهيءَ تي تنقيد ڪندا ته برطانيا ۾ ڪير به برو ڪونه سمجھندو ۽ نه ئي بدتميزي ڪندو پر اسان وٽ ڪنهن ليکڪ يا سياستدان جي غلطين جو حوالو ڏيندا ته اخلاق اندر بحث ڪرڻ بدران بدتميزيءَ جو طوفان کڙو ڪري ڏيندا ـ اڳ، ائين ٿيندو هو ته ڪنهن کي به اختلاف راءِ جو حق ڪونه ڏنو ويندو هو ۽ موٽ ۾ دڙڪا دهمان ڏئي بدتميزي ڪئي ويندي هئي ته جيئن ڪير به سچائي نه ٻڌائي پر هاڻ ساري دنيا بدلجي وئي آهي، سواءِ سنڌين جي هڪ طبقي جي، جيڪو اڃا به جهالت واري دور ۾ رهي ٿو ـ

اختلاف راءِ جو حق نه ڏيڻ ائين آهي ته جيئن اٺ پکيءَ جو مثال جيڪو واريءَ ۾ منڍي لڪائي ائين سمجھندو آهي ته طوفان جو خطرو ٽري ويو آهي جڏهن ته طوفان ٽرندو ناهي ـ اهڙا جاهل ماڻهو کڻي ڌرتيءَ جا سپوت ۽ وارث هئڻ جا دعويدار ڇو نه هجن پر سچائي اها آهي ته هو ڪڏهن به ترقي ڪري ڪونه سگھندا ۽ نه پنهنجي قوم ۾ اتحاد پيدا ڪري سگھندا ـ الطاف جو مثال اسان جي اکين اڳيان آهي، ڪالهه انهيءَ سان سياسي اختلاف ڪرڻ وارن کي جان جو خطرو هوندو هو پر اڄ سچائي سامهون اچڻ کانپوءِ الطاف جي حيثيت ٽڪيَ جيتري به نه رهي آهي ـ سنڌين جي اهڙي جاهل طبقي (سڀ نه) لاءِ رڳو ايترو چئي سگھجي ٿو: لگيَ رھو مُنا ڀائي......!!
 
Back
Top