• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

ڇا ته نازن پَلِي آ اڙي ڀونئرا

نثارناز

سينيئر رڪن
سنڌ سلامت جا ساٿيوالسلام عليڪم جيئي سنڌ جيئي سنڌي ٻولي
مقبول پروڊڪشن سنڌ پاران منهنجو هي گيت( غزل) سنڌ جي نامياري راڳي سرمد اياز ڳايو آهي توهان سان ونڊيندي تمام گهڻي خوشي پئي ٿئي اميد ته دوستن کي هي شاعري وڊيو جي روپ ۾ پسند ايندي

غزل
ڇا ته نازن پَلِي آ اڙي ڀونئرا
ڏس بدن مخملي آ اڙي ڀونئرا

پدمڻي ڪامڻي پير وک وک کڻي
ڇير پائي هَلِي آ ، اڙي ڀونئرا

رسُ نه پِي تون مٺا واس وٺ تون ڀلي
هُو ڪنوارِي ڪَلِي آ اڙي ڀونئرا!

همسري ”ناز“ ڪهڙِي ڪري ڪو هتي،
هُو ڀلن کان ڀَلِي آ اڙي ڀونئرا

منهنجي هن غزل جو هڪڙو بند جيڪو سرمد اياز پنهنجي ٻولن ۾ ڀري نه سگهيو
رنگِ انڊلٺ سمورا پئي مات ڏي
هرادا چنچلِي آ اڙي ڀونئرا !

 
Back
Top