1773ع ۾ احمد شاھ دراني وفات ڪئي ۽ پٽس تيمور شاھ ڪابل جي گادي تي ويٺو.ميان سرفراز خان پنهنجي فوجي عملدارن ٽالپرن سان ڦٽائڻ لڳو، جيڪي ڪلهوڙن جا مريد هئا. هن مير بهرام خان کي مارائي ڇڏيو.ميان غلام نبي خان به 1777ع ۾ ٽالپرن سان ڦٽائڻ ڪري مارجي ويو.ٽالپرن سندن ڀاء عبدالنبي خان کي گاديء تي ويهاريو، جنهن مير بجر خان کي مارائي ڇڏيو ۽ خوف کان ڪابل ڏانهن ڀڄي ويو ۽ اتان مدد خان پٺاڻ کي ساڻ وٺي آيو. 1764ع ڌاري محمد شاھ جي ڏينهن ۾ مغل شهنشاهت جا حصا مرڪز کان ڇڄڻ لڳا، هالانڪه نظام الملڪ آصف جاھ دکن ۾ ، سعادت علي خان ائوڌ ۾ خود مختيار حڪومتون قائم ڪيون.مرهٽن جي پيشوا باجي راءُ گجرات، مالوه ۽ بنديلکنڊ تي 1742ع ۾ اوڙيسا، بنگال ۾ بهار تي قبضو ڪيو، 1838ع ۾ نادر شاھ طوفان وانگي اٿيو. ڪابل ۽ 1739ع ۾ پنجاب کي لتاڙي ڪرنال جي جنگ ۾ مغليا لشڪر کي شڪست ڏيئي دهلي پهتو ۽ شهر کي لٽڻ ۽ قتل ڪرڻ کانپوء ويھ ڪروڙ نقد، طائوسي تخت بابر جي ڏيهن کان گڏ ٿيل زر ۽ جواهر، ڪوهنور هيري سميت هٿ ڪري، محمد شاھ سان ڪيل عهدنامي موجب ، اٽڪ کان سمنڊ تائين مهراڻ جي اولهندي ڪپ وارن پرڳڻن تي قبضو ڪري ڪابل ڏانهن موٽيو. اٽڪل اسي ڪروڙن جي ملڪيت لٽي مغل شهنشاهت کي کوکلي ڪري ويو{3}. نادر شاھ کي رڌل ڏسي ميان نورمحمد ڍل ڏيڻ کان نٽائڻ لڳو، جنهن تي 1152-1739ع ۾ نادر شاھ ڪابل کان لاڙڪاڻي پهتو. ميان صاحب خوف کان عمر ڪوٽ جي قلعي ۾ وڃي لڪيو، جتي نادر شاھ کيس سوڙهو ڪري هڪ ڪروڙ رپيا ڦري مٿس ويھ لک روپيا سالياني ڍل مقرر ڪري، بکر،سکر، شڪارپور ۽ لاڙڪاڻي کي ايران سان لاڳو ڪري، بکر جي قلعي کي ڪيرائي ، نئين سر تعمير ڪرائي ،ميان نور محمد کي ”شاھ قلي“ خان جو خطاب ڏئي واپس موٽي ويو. احمد شاھ دراني جو سکر پهچڻ: 1160 ھ - 1747ع ۾نادر شاھ قزلباس هٿان قتل ٿيو، افغانستان خراسان ۽ مهراڻ جي اولهندي وارا پرڳڻا احمد شاھ درانيء جي هٿ چڙهي ويا، جنهن ميان نورمحمد کي ”شاهنوازخان“ جو خطاب ڏنو ميان صاحب قنڌار کي ڍل پهچائڻ ۾ دير ڪئي،جنهن تي 1167ھ ۾ احمد شاھ دراني سکر پهتو،ٻيڙين وسيلي پل تيار ڪرائي روهڙي پهتو، ميان نورمحمد خان خوف کان جيسلمير ڏانهن ڀڄي ويو جتي وفات ڪيائين. سندس جنازه موري تعلقا جي احمد آباد ڳوٺ ۾ دفنايو ويو، احمد شاھ ميان صاحب جي وڏي پٽ محمد مرادياب خان کي ”سربلند“ جو خطاب ڏيئي موٽيو، پر ميان صاحب ۾ حڪومت هلائڻ جي صلاحيت ڪانه هئي ،انڪري اميرن گڏجي ميان غلام شاھ خان کي تخت تي ويهاريو. امرڪس جي جنگ: ميان نورمحمد جي مئي کانپوء سندس پٽن ۾ نااتفاقي پئجي ويئي.ميان عطر خان، احمد يار خان ۽ مقصودي گڏجي روهڙيء جي ڀرواري واھ امرڪس وٽ ميان غلام شاھ سان جنگ جوٽي ، پر شڪست کاڌائون. عطر خان قنڌار ڏانهن دانهن کڻي ويو، اتان نااميد ٿي بهاولپور جي دائود پوٽن ۽ اتي جي خيرياڻي سردارن کان مدد وٺي جنگ ڪرڻ آيو.پر اوٻاڙه وٽ شڪست کاڌائون. ميان غلام شاھ سنڌ جو حاڪم ٿيو. ميان غلام شاھ دٻدٻي سان حڪومت ڪئي. هن واپار جي ترقي لاء 1758ع ۾ اورنگا بندر جي ويجهو شاهڪار(شاهبندر) تعمير ڪرايو.اورنگا بندر شهزاده اورنگزيب 1061 ھ جي مابين تعمير ڪرايو هو، جڏهن هو شاهجهان جي ڏيهن ۾ ٺٽي جي صوبيدار ۽ بکر ۽ سيهوڻ جو تيولدار ٿي رهيو هو[4]. ميان غلام شاھ 1763ع ۾ ڪڇ جي راءُ کان بستا ۽ لکپت جا بندر ۽ قلعا فتح ڪيا. ڪلهوڙن گهڻائي تختگاھ شهر تعمير ڪرايا هئا. جهڙوڪ: خدا آباد ، مرادآباد،شاه ڳڙه ۽ محمد آباد،مگر انهن کي آبڪلاڻي کان خطروهو، تنهنڪري ميان غلام شاھ 1768ع ۾ گنجي ٽڪري جي شاخ تي نئون قلعو حيدرآباد تعمير ڪرايو، جنهن ٺٽي کانپوء صنعت ۽ واپار ۾ ترڪي ڪئي. ميان جي جنرل بهرام خان ديره جات جي ناهرن کي شڪست ڏني، انهن ڪارنامن جي ڪري احمد شاھ ابداليء ميان صاحب کي ”شمس الدولت“ ۽ ”صمصام الدولا“ جا خطاب ڏنا هئا.1772ع ۾ ميان غلام شاھ وفات ڪئي، پٽس ميان محمد سرفراز خان گادي تي ويٺو. جنهن هالا تعلقا ۾ نئون تختگاھ خداآباد وڏن جي يادگيري لاء تعمير ڪرايو. ڪلهوڙن جي حڪومت جو خاتمو: 1773ع ۾ احمد شاھ دراني وفات ڪئي ۽ پٽس تيمور شاھ ڪابل جي گادي تي ويٺو، ميان سرفراز خان پنهنجي فوجي عملدارن ٽالپرن سان ڦٽائڻ لڳو جيڪي ڪلهوڙن جا مريد هئا. هن مير بهرام خان کي مارائي ڇڏيو.ميان غلام نبي خان به 1777ع ۾ ٽالپرن سان ڦٽائڻ ڪري مارجي ويو، ٽالپرن سندس ڀاء عبدالنبي خان کي گاديء تي ويهاريو، جنهن مير بجر خان کي مارائي ڇڏيو ۽ خوف کان قابل ڏانهن ڀڄي ويو ۽ اتان مدد خان پٺاڻ کي ساڻ وٺي آيو، جنهن لاڙ تائين سنڌ جي شهرن ۽ ڳوٺن کي ڦري ويران ڪري ڇڏيو.[5]. ميان عبدالنبي نه ڪابل کي ڍل پياري سگهيو نه ٽالپرن مريدن سان صلح رکي سگهيو، اٽلندو پٺاڻن کان سنڌ کي تاراج ڪرايائين، ٽالپرن جي سردارن مير فتح خان ۽ مير عبدالله خان کي قتل ڪرايائين، جنهن تي ٽالپرن پهريان لنياري جي جنگ ۽ 1783ع ۾ هالاڻي جي فيصلي ڪن جنگ ۾ ڪلهوڙن کي شڪستون ڏيئي سنڌ تي قبضو ڪيو. بکر جي قلعي جي نئين سر تعمير: اهو ياد رکڻ گهرجي ته جي قنڌار جي سدوزئي درانين جي ڏيهن ۾ سنڌ جي سري وارو ”مغولي“ پرڳڻو، جنهن ۾ بکر جو قلعو، سکر، شڪارپور ويندي مديجيء تائين شهر ۽ ڳوٺ ڪابل قنڌار جي ماتحت هئا.افغان نائب شڪارپور ۾ رهندو هو سن 1192 ھ -1778ع ۾ تيمور شاھ جي حڪم سان نواب صديق بکر جي قلعي جي نئين سر تعمير ڪرائي. (ڪتاب: تاريخ سکر)