محمد خان سيال
سينيئر رڪن
ٽنڊي محمد خان ۾ زهريلي شراب واپرائڻ ڪارڻ 48 سنڌي اجل جو شڪار ٿي چڪا آهن ـ ساري سنڌ ۾ زهريلي شراب جا اڏا عام آهن جن جو ذميدار ايڪسائيز وارو وزير گيانچند ايسراڻي آهي جنهن جي خلاف مقدمو داخل ڪرڻ گھرجي ۽ کيس وزارت جي عهدي تان ترت هٽائڻ گهرجي ـ
مشهور تجزئي نگار مظهر عباس، ٽي وي چينل تي تبصرو ڪندي منهنجي انهيءَ مطالبي جي حمايت ڪئي ته واسطيدار وزير (ايسراڻي) خلاف مقدمو داخل ڪرڻ گھرجي ـ ٻئي طرف، وزير پنهنجي انهيءَ بيان کي ورجايو آهي ته مري ويلن کي 2 ـ 2 لک روپيا معاوضو ملندو جڏهن ته ڪراچيءَ ۾ زخمي ٿيندڙن کي به 5 ـ 5 لک روپيا معاوضو ملندو آهي ۽ مري ويلن جو معاوضو 10 لکن کان 20 لک هوندو آهي پر اسان جي سنڌ جا ٺيڪيدار (ڪوڙا سنڌي قومپرست) انهيءَ سلسلي ۾ ماٺ ۾ آهن ۽ ذميدار صوبائي وزير خلاف ڪا به تحريڪ هلائڻ لاءِ تيار ڪونهن ڇاڪاڻ ته هو هندو سنڌي آهي جڏهن ته سندن نظر ۾ مري ويل 48 جي، سنڌي هوندي به سندن ڪا اهميت ڪانهي (شايد انهيءَ ڪري ته 48 سنڌي مسلمان آهن) ـ ڪنهن سچ چيو آهي: لوڪ لڏڻ تي چري اڏڻ تي ـ
ان کان اڳ، بي ايل ايف جو سربراهه ڊاڪٽر الله نظر بلوچ اهو پليد شخص هو جنهن 11 اپريل 2015 جي رات جو تربت ويجھو شناختي ڪارڊ چيڪ ڪري 22 سنڌي ڳالهائيندڙ پورهيتن کي شهيد ڪيو هو ۽ اهڙو اعتراف بار بار ڪيو هئائين ته وڌيڪ سنڌي مزدورن کي قتل ڪندس، نه رڳو پنهنجي ويب سائيٽ تي پر بي بي سي اردو کي انٽرويو ڏيندي به ـ مون اڳ به اهڙا لنڪ فيس بوڪ تي ڏنا آهن پر اسان جي سنڌ جي ٺيڪيدارن (ڪوڙن سنڌي قومپرستن)، 22 بيگناهه سنڌي مزدورن جي جي قتل جي ذميدار دهشتگرد بلوچ ڊاڪٽر الله نظر طرفان اعتراف ڪرڻ جي باوجود سندس مذمت ڪرڻ کان انڪار ڪيو هو، ايستائين جو ڪنهن به مشهور بلوچ ليڊر جھڙوڪ عطاءَالله مينگل، اختر مينگل، سينيٽر مير حاصل بزنجو، ماما قدير بلوچ ۽ جلاوطن بلوچ ليڊرن، ڊاڪٽر الله نظر جي بار بار اعتراف جي باوجود، سندس نالو وٺي مذمت ڪونه ڪئي جڏهن ته سنڌ جي ٺيڪيدارن (سنڌي ڪوڙا قومپرست) قاتل جي بار بار اعتراف جي باوجود، سنڌي مزدورن جي قتل جي مذمت ڪرڻ کان انڪار ڪيو هو ۽ سنڌي پورهيتن جي حق ۾ آواز اٿاريندڙ مون اڪيلي شخص کي دڙڪادهمان ڏنا ۽ بدتميزيون ڪيون جيڪي سڀ رڪارڊ تي آهن ـ
ٻئي طرف، بلوچستان جي اڳوڻي قومپرست وڏي وزير ڊاڪٽر عبدالمالڪ بلوچ، شهيد سنڌي مزدورن لاءِ 10 ـ 10 لک روپين جي معاوضي جواعلان ته ڪيو هو پر 6 مهينن کان وڌيڪ عرصو گذرڻ جي باوجود، جنگ جي بيڪ پيج تي ڇپيل خبر موجب، قتل ٿيل سنڌي پورهيتن کي معاوضو ڪونه مليو پر ڪوڙا سنڌي قومپرست سدائين وانگيان انهي مسئلي تي ماٺ ۾ آهن ـ