خبرون تي ٽيڪاٽپڻي / محمد خان سيال / 26 مارچ 2016

محمد خان سيال

سينيئر رڪن
* نواز شريف سرڪار طرفان ڪالاباغ ڊيم منظورڪرائڻ جي ڪوشش ناڪام (خبر)
* * پنجاب جو وزيراعظم! هيري سندي هير، ٽنگ ڀڄي به نه لهي...!! (تبصرو)

* 18 ـ 18 ڪلاڪ لوڊ شيڊنگ جاري رهندي: مملڪتي وزير عابد شير علي شاهه (خبر)
* * وارو ڪريو..پنجاب جي وزيراعظم نواز شريف جي ماسات عابد عليءَ کي پاڳل خاني ۾ داخل ڪرايو(تبصرو)

* ٽنڊي محمد خان جي 48 گھرن ۾ ماتم، جاچ اڳتي نه وڌي (خبر)
* * صوبائي وزير گيانچند ايسراڻيءَ کي بچائڻو جو آهي (تبصرو)

* آدمشماري نه ڪرائڻ جو فيصلو، سنڌ جو الڳ آدمشماري ڪرائڻ جو مطالبو رد (خبر)
* * پنجاب جي وزيراعظم نواز شريف سرڪار اڳيان رڳو پنجاب جو مفاد پيارو آهي (تبصرو)

* ميانمار جي نامزد وزير، جُڙتو ڊگري پاڪستان کان خريد ڪئي(خبر)
* * ..مطلب ته پاڪستان جو نالو، ساري دنيا ۾ روشن ٿيو(تبصرو)

* اختلاف راءِ جو حق ساري دنيا ۾ ڏنو ويندو آهي (خبر)
* * پرڪوڙا سنڌي قومپرست ان مان ڇا ڄاڻن؟ بدتميزي ۽ گارگند ۾ پي ايڇ ڊي ڪيل اٿن (تبصرو)
 
Back
Top