• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

سنڌ امڙ

وفا سراج سارنگ

سينيئر رڪن
اسان هميشه سنڌ کي هميشه پنهنجي امڙ چئون ٿا ۽ چوندا رهنداسين.پر هاڻي شايد توهان کي سچ ٻڌائي رهيو آهيان.پر سچ ته ڪڙو هوندو آهي.پر ته سچ،سچ آهي.اسان هميشه اهو چوندا آهيون ته سنڌ کي ڌاريا لوٽيندا آهن.پر اسان پنهنجي ذمير ۾ جهانڪي ڏسون ته اسان ڪيترا سچا آهيون.اسان جي يونيورسٽين ۾ تعليم گهٽ پر سياسي تعليم پرهائي وڃي ٿي. اسان جا سياستدان پنهنجو پيٽ ڀرڻ لاء اسان جي امڙ جو پيٽ ٻين ڌارين سان وڪڙن ٿا.اسان جي تعليم کي ڪاپي ڪلچر جي ور ڪنهن چاڙايو،اسان جي پنهنجي جاگيردارن.سنڌ کي اسان جا پنهنجا قومپرست جيڪي پاڻ کي سنڌ جا ٻچا سڏائين ٿا.ڪڏهن ڳنهن ڪاپي ڪلچر جي خلاف ڌرڻو هنئيو.ڪڌهن يونيورسٽين جي سياست کي روڪيو.نوٽس بورڊ ۾ نوٽس بدران سياستدانن جون تصويرون لڳايون وڃن ٿيون.دوستو مونکي معاف ڪجو جيڪڏهن مون ڪا غلط ڳالهه لکي هجي ڇو ته آئون به هڪ سنڌ جو ٻچو آهيان.
سنڌ سلامت،ساٿ سلامت،جيئي سنڌ
 
Back
Top