خبرون تي ٽيڪاٽپڻي / محمد خان سيال / آچر 27 مارچ 2016

محمد خان سيال

سينيئر رڪن
* تخت لاهور خلاف بغاوت ڪريان ٿو: بلاول ڀٽو زرداري (خبر)
* * ڌيان سان..!! ڪٿي تخت لاهور وارا تنهنجو نه صفايو ڪري ڇڏين؟ (تبصرو)

* ماحولياتي گدلاڻ بابت سنڌ سرڪار رپورٽ اکين ۾ ڌوڙ آهي: سپريم ڪورٽ (خبر)
* * سنڌ سرڪار جي ساري ڪارڪردگي اکين ۾ ڌوڙ وجھڻ جي برابر آهي!! (تبصرو)

* پ پ پ سنڌ کي عذاب کانسواءِ ڪجهه به نه ڏنو آهي: ممتاز ڀٽو (خبر)
* * همت ڪريو ۽ سچ ڳالهايو ته اوهانجي پارٽي نواز ليگ سنڌ کي ڇا ڏنو آهي؟ (تبصرو)

* ڪالاباغ ڊيم جو مامرو سي سي آءِ ۾ نه آڻڻ کپندو هو: مولابخش چانڊيو (خبر)
* * مولوُ ڄٽَ..!!.پهريون ڀيرو ڪا ڪم جي ڳالهه ڪئي اٿوَ !! (تبصرو)

* آسٽريليا، پاڪستان کي ورلڊ ڪپ کان ٻاهر ڪڍي ڇڏيو (خبر)
* * راند ۾ هارـ کٽ ٿيندي آهي، ان کي ڪفر۽ اسلام جي جنگ سمجھڻ غلط آهي (تبصرو)

* سنڌ جي ڪچي اندر آپريشن جي آڙ ۾ وڻن جي واڍ جاري (تبصرو)
* مطلب ته سنڌ کي ماحولياتي طور ناس ڪرڻ جو ڪم جاري آهي..!!(خبر)

* * ٿر ۾ مري ويل ٻارڙن جو انگ 277 ٿي ويو(تبصرو)
* پر اها خبر بي خبر وڏي وزير ۽ مولوُ ڄٽ تائين اڃا ناهي پهتي آهي (خبر)
 
Back
Top