ن آھي جنھن م صوفي شاعر جهانپور وارا سيد سائين علي انور ۽ حضورڻ سائين ۽ دادا سندي،امیر بخاري،ڀڳت ڪنوارام،مفتون کورائی مشتاق گبول ۽ عبدالمجید نائچ جھڙن ماٹھن جنم ورتو ھا دوستو اھو شھر گھوٹڪی آھي دادن فقیر صوفي درویش حرفن مولا ھو ھو ھڪ غریب ھاري محمد رمضان سندیلو جي ککائون گھر ۾ سن 1_4_1972 ۾ پیدا ٿیو ھو ننڊپٹ کان پنھنجي والد سان ڪلھو ڪلھی سان ملائي محنت ڪندو رھیو پڻ پرائمري اسڪول داد لغاري ۾ تعلیم حاصل ڪندو رھیو نندڊپڻ کان کتابن سان دوستی کیائین ۽ شاید نظریو ھیس کتابن سان آ دل منھنجي کتب خانو آ من منھنجو کتابن م دفن ثیندس ورق ثیندا ڪفن منھنجو دادن فقیر ۱۹۸۳-۸۴ م داد لغاري م مئٽرڪ پاس ڪرٹ کان پوء ۱۹۸۶-۸۷ ع ۾ ڊگري کالیج میرپور ماٿیلو مان ٻارھن درجا پاس ڪری گھر جو گاڏو ھلائٹ لڳو سن ۱۹۹۴ ع م شادی ڪئي،شادي جی ڏھاڪو گذرڻ بعد رب پاڪ کیس نیاڻي جي روپ ۾ اولاد عطا ڪئي اھڑي طرح رب پاڪ ھن کی 2 ٻیون نیاڻیون ڏنیون پر کیس پٽ جو اولاد نصیب نہ ڪیو ھن مئٽرڪ واري زماني کان شعر و شاعري سان لڳاء زندگي جي آخري پساھن تائین جاري رکیو ھو پنھنجي اندر جي آلاپ کي ڪاغذن تي اتاریندو،محفل مشاعرن ۾ خوب داد وصول ڪندو رهيو. ھو ۱۴ فیبروري تي بھار ۾ خزان ڈئي ویلنٽائن ڊی "تجدید وفا" واري ڏینھن موت سان وفا ڪری اسان کان ھمیشہ لئہ ڏور ھلیو ویو ویندي ویندي ھو اسان کی ھڪ تخفو پڻ ڈئي ویو جیڪو رھندي دنیا تائین امر رھندو سو تحفو ھن جي شاعري آ جنھن کي ھن جي ننڊی ڀاء علي رضا سندیلي وڏي مشڪلاتن سان منھن ڈیندي ڇپرائي، ھي کتاب جڈھن ڇپائي جي مرحلي ۾ پھتو تہ اتفاقن علي رضا جي سئوٽ جي پٽ جي طبیعت بلڪل نہ چاڪ ٿي وئي ھئي جنھن کي کڻي ڪراچي ھاسپتال آیا ھئا اتی کتاب بابت ڳالھیون ڪیوسین دوست سومري جي ثورڙن سان کتاب جو مھاڳ بشیر احمد تعبیر سومرو صاحب کان لکرائي سین جیڪو درگاھ جھانپور شریف جي بزرگ صوفین ۾ شامل آ مھاڳ جو تہ ڏچو ختم ثیو پر کتاب تي ڪجھ دوستن جا رایا کپن پیا سو رضا کی دادن فقیر جي ویجھڙن دوستن جي سڌ پڌ گھٽ ھئي سو پنھنجي جاٹ مطابق ھوش سرھاوڙي،میر احمد میر، عاجز سندیلو(موجودھ سرویچ علي اصغر سندیلو) چند ٻن دوستن جا نالا علي رضا جي سامهون رکيم، سو سڀ کان پھرین سائین ھوش کي فون ڪیم تہ ادا دادن فقیر جو کتاب آٹیون ٿا توھان جو گھرو دوست ھو چند سٽون براء کرم لکو. ھن لا سائین چیو دوست تہ ھئي پر شاعري ایتري ڪانہ پڑھي ٿم سو ڪجھ مواد موڪلیو، ھوش صاحب کي مان ۽ رضا مسیج وسیلي کجھ مواد موڪلیو پر سائین الئہ ڪھڙی سبب نه لکي سگھیا. ھن کانپوء میر احمد میر جنھن سان دادن جو ڀائپي وارو رشتو ھو میر کي ڪجھ لکڻ لاءِ چیوسون ته هن ھا اڄ سڀاٹي اڄ سڀاٹي ڪري ڪیترین ڏینھن کانپوءِ رضا ۽ منھنجي ھن سٽن ٰمیر توسان تہ ھن جي ڀائپي ھئي تون ڇو ٿو سستي ڈیکارین ھا اڄ سڀاٹي اڄ سڀاٹي ڪری ڇو ثو لٽائین جي نه لکڻو ثي تہ صاف جواب ڈي" میر ھي لفظ بڌي اسان مثان احسان ڪری ڪجھ ستت لکي ڏنائين ان کان علاوه ھن کتاب تي عاجز سندیلو ء نامیاري شاعر اداس سندیلو جا رایا پڻ شامل ڪیا ویا اهڙي طرح کتاب ویندي ویندي جي نالي سان علم دوست اڪيڊمي ميرپور ماٿيلو پاران شايع ڪرائي حیرت جي ڳالھ تہ دوست دادن پنھنجي ڊائری ۾ کتاب جو ارپنا نوري چھري جي ناءُ ڪري ویو ھو سو ارپنا ساڳي رکي سین کتاب ۾ دوست جا غزل،ھائیڪا،ٽیڙو،وائي،کافي،بیت،دوھا،چوسٽا ۽ نثري توڙی پاپند نظم شامل آھن جنھن جي آخري چار صفن تي سرائیڪی دوھا آھن جیڪی جيءُ ۾ سانڊڻ جھڑا ھن .. دوستو لکڻي طویل ٿی چکي آهي اچو تہ جلدي جلدي دوست جي شاعري جو ابڀیاس ڪیون دادن فقیر غزل صنف سان ڏاڊو سٺو نڀاھ ڪیو آھی جنھن ۾ ھن ھجر و فراق ۽ محبوب جي یاد ۾ ھن جي دل تي ڇا گذري،ڪیئن ٻارڻ ٻاري،محبوب کانسواء جیون اماس بیڪار ڀائين ٿو پڻ منٿون ڪندي نظر اچي ٿو ۽ دانھن ڏیندي چوي تو ته آھہ وڇڙي ماریو جاني مونکان ڏور نه گھاریو جاني تنھنجي چنچل شوخ ادائن دل ۾ بارٹ باریو جاني توري ڪیر ٻڌندو دانھون دادن ھر ڪو ڌاریو جانی پڻ ھن جي غزل ۾ "مزاج مرسل"واري خوبي پڻ نمایا ظاھر آھي مثال تسلسل خیالن سندو ڀور ٿي ویو، وري اک دامن پسائڻ لڳی آ ھتي اک دامن پسائٹ مزاج مرسل آهي ھن ھڪ لفظ ۾ سڃو داستان بیان ڪیو ویو آهي ھن استعاري سان بہ تمام گھٹو نڀایو آهي وفا پئي انھي کان گھري آ اسان پر ھو ورقا غمن جا ورائٹ لڳی آ ھتي کتاب بدران غمن جو استعارو تمام خوبصورت ۽ لاجواب استعمال آھي اچو تہ ھاڻ ڪجھ ھن جي شاعري جو مطالعو ڪيون تو تہ نھاریو ویندي ویندي مونکی ماریو ویندی ... جیون مانجھندو آ ڪو ڪم، ڪری گذاریو ویندي ویندي وڄڻو آھي سڀ کي دادن سنڌ سنواریو ویندي ویندي منھنجي توسان یاري آھي سھڻا تو دل ٺاری آھي دادن درد الم غم ویا سڀ واڳ وصل تو واري آھي اوھان سان ملڻ ھاڻ خوابن جون ڳالھیون ھیو پیار ڪنھن سان ڪتابن جون ڳالھیون رکي دل تي پٿر،اوھانکي فقیرؤ ھي دادن بڌایون جنابن جون ڳالھیون توکي ساري ساریون راتیون مون ھن پیارا گھاریون راتیون آئون تہ تنھنجي ناء ڪیان مان باقي جیون واریون راتیون آھن اوھان لئہ سوال نشاني فقیر دادن واریون راتیون تنھنجي یاد ستائي جاني ویٺس پاڻ وڄائي جاني ھجر جي رات م پیار جا نغما اسان کي وڃ تون بڌائي جاني بیڪس دل جو فریم آ خالي وڃ تصویر لڳائي جاني لڪي لیاڪا پائین ڇو ٿي گھایل من کي گھائین ڇو ٿي نٽھڻ اس ۾ منھنجي خاطر رنگت کي بدلائین ڇوٿي نشتر نیڻ کپائي بیڪس تن من کي تڑپائین ڇو ٿي ناري آئي سل کڻي چوٽي چندن ھٹي ساروڻیون اٿلي پیون روئي روئي رات ڀر تولئہ دل تڻي ساروڻیون اٿلي پیون تنھنجي حسن جا رنگ ھزار قاصر آھیان بیان ڪرٹ کان ڪارا قھری گیسو تنھنجا لبڙا تنھنجا لالہ زار قاصر آھیان بیان ڪرٹ کان سڪ مڙیو ئي سور،سور بہ سرجیا سڪ مان، پرین جي پریت جا،پل پل پون پور، روئي روئي رڄ ڪیان،اٿی ویل اسور، ڪري قھر ڪلور،دادن دوست ھلیا ویا سرڪي سڪ پیاري، من ۾ مچ ٻاري ایئن ڀيرو نه بڄبو آ بریڪ نشان بورڊ تي ٹرڪ لتاڙي وئي نینگر ڪالھ روڊ تي تون تہ آھین مگر تولئہ سرجیا جي سي سڀ گیت امر § تون وٽ پھتي دید او جانا جاڳي جیئڻ جي امید او جانا ترڇا نیڻ کڻی نخریلا مونکی ڪیئی خرید او جانا § آخر ۾ مان دادن فقیر جي سرائیڪی دوھن سان موڪلاڻی ڪیان ٿو محبوب مٺا من ڳالھ میڏی،آ مین ڪني تون ھڪ واري ڏي دلداري چا غصي ڪون ھڻ ڇوڙ صنم، ڳئي عمر میڏی ڳل ساري ڏي دلداري § تیڏي ھار سینگار اتي،میئن صدقي گھولي ٿیسان جو دم جیسان تیڏا روپ ھي جام شفا،میئن ڀر ڀر پیالي پیسان جو دم جیسان § ڪیا خامي ھي میڏی یار دي وچ،ٻه رب ني آپ بنایا حسن سوایا اکیان وانگ کٽوري،ڏوجھا ڪجلی روپ وڌایا حسن سوایا چھبڪ سنھڙي چیلھ دي وچ ھس انگ انگ ڪون اٽڪایا حسن سوایا دادن سھڻي یار دي وچ،ھم عجب جلوا پایا حسن سوایان . حامد گبول ۱۳ جون