تنهنجي تڪ تيز نگاهن کان بچو ڪو ڪونهي

عرس پريو

سينيئر رڪن
غزل

استاد بخاري

تنهنجي تڪ تيز نگاهن کان بچو ڪو ڪونهي
ڇو ته هر تير لڳو ٺيڪ گٿو ڪو ڪونهي


عشق جي آڳ ڪچهريءَ کي بنايو آوي
جو هتي آ سو پڪو آھ ڪچو ڪو ڪونهي


سونهن ۽ نينهن جي سڀ ڪنهن کي سڃاڻپ آهي
ايترو يار صفا ٺوپ انڌو ڪو ڪونهي


ڪو ٻري پيو ڪو ڳري پيو ڪو ڀري پيو آهون
تنهنجي پاڙي ۾ سڄي رات ستو ڪو ڪونهي


عشق جو آند نه ڪو پاند ٻُڌون ٿا ”استاد“
سونهن جي ذات نه ڪا پات پتو ڪو ڪونهي


Ustad+Bokhari.jpg
 
Back
Top