• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

خبرون تي ٽيڪاٽپڻي / محمد خان سيال / اڱارو 29 مارچ 2016

محمد خان سيال

سينيئر رڪن
* گونگن ۽ ٻوڙن جو سنڌ اسيمبليءَ ٻاهران ڌرڻو(خبر)
* * ٻاهران ڇو؟ اندر به ڄڻ ساڳيا ئي ويٺا آهن!! (تبصرو)

* سرڪار وقت سر قدم کڻي ها ته لاهور ۾ سوين گھر نه اُجڙن ها: خورشيد شاهه (خبر)
* * قائم علي شاهه به وقت سر قدم کڻي ها ته 15هزار ٽارگيٽ ڪلنگ ۾ نه مرن هئا (تبصرو)

* پنجاب ۾ به دهشتگردن خلاف فوجي آپريشن ٿيندو(خبر)
* * سمهي سمهي هاڻ اک پٽي اٿوَ(تبصرو)

* حيدرآباد ۾ مئٽرڪ جي امتحان ۾ ڪاپي، 346 شاگرد پڪڙيا ويا (خبر)
* * اجھو، هاڻ چوندا: سنڌي شاگردن تي وڏو ظلم پيو ٿئي...!!(تبصرو)

* سنڌ ۾ سمنڊ 3 ڪلوميٽر زمين ڳڙڪائي ويو: نيوي ۽ اسپارڪو ماهرن جي رپورٽ (خبر)
* * سنڌ سرڪار جي لاپرواهيءَ سبب ڪٿي ساري سنڌ ٻيهرسمنڊ نه بڻجي وڃي! (تبصرو)

* اڌ سچ ـ اڌ ڪوڙ نه هلندو: عاصما جهانگير (خبر)
* * ڇا اوهان اهو چاهيو ٿا ته سارو ئي ڪوڙ هلي؟ (تبصرو)

* سيوهڻ ۾ رستو نه ڏيڻ تي وڏيري ڊرائيور کي اڌ مئوڪري ڇڏيو(خبر)
** وڏيرا شاهيءَ جا ظلم سائنسي دور ۾ به جاري آهن (تبصرو)
 
Back
Top