جيسين سنڌ مان موالي ڪلچر جو خاتمون نه ڪبو، خوشحال سنڌ جو تصور ناممڪن هوندو

'اکر پڙهه الف جو' فورم ۾ Sindhi Media طرفان آندل موضوعَ ‏30 مارچ 2016۔

  1. Sindhi Media

    Sindhi Media
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏28 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    3,787
    ورتل پسنديدگيون:
    4,295
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    انجنيئر
    ماڳ:
    نيو سعيد آباد سنڌ
    خيرپور ۾ اهوئي سبب هو جو ڪچي شراب ٺاهيندڙ فيڪٽرين ڪري 52 پيئندڙن جو انت ٿيو! هڪ ڳاله ٿو ڪريان جو سوال آهي سنڌ جو! نه تُنهنجو ! نه مُنهنجو![​IMG]
    خيرپور ۾ اهوئي سبب هو جو ڪچي شراب ٺاهيندڙ فيڪٽرين ڪري 52 پيئندڙن جو انت ٿيو! هڪ ڳاله ٿو ڪريان جو سوال آهي سنڌ جو! نه تُنهنجو ! نه مُنهنجو!

    تعليمي حصول ۾ رُڪاوٽ وجهندڙ، (پهريون ۽ مُسلسل) اهوئي نعرو ۽ اهوئي مطالبو هئڻ کپندو هو ۽ توهانجو ۽ ٻين جو اهوئي (بينر) هُئڻ گهربو هو جنهن هيٺان هر قوم جي سنڌي فرد کي به گڏ ڪري تعليمي تحريڪ هلائڻي هُئي، جو اهيءَ ئي سبب ۽ ڪارڻ هُئا ۽ آهن ُجو (سنڌ جا تعليمي ادارا بند ٿيا، ٿيندا رهيا آهن ۽ ٿين به پيا) ۽ پوءِ انهن ئي (بند تعليمي ادارا ن) مان (گهوسڙو اُستاد) پيا تيار ٿين ، جو اهڙا استاد واندا ٿي ويا ۽ مُفت گهر ويٺي پگهار به وٺڻ لڳا. ان ڪري مفت پگهار جو ڏسي، ٻين علائقي جي وڏيرن جي سرپرستيءَ ۾ به هلندڙ ۽ انهن طرفان سفارشن يا (زرداريءَ جي مصالحتي پاليسيءَ جو فائدو حاصل ڪندڙن) (هر پارٽيءَ) جي وڏيرن جا ساٿاري به، اُتي جا (گهوسڙو اُستاد) پڻجڻ لڳا ۽ بڻجڻ شروع ٿيا جو تعليمي ادارا ته هُئائي ڪونه جتي هو ٻارن کي پڙهائين ها. اُهي اڳ ئي علائقي تي اثر رکندڙ وڏيرن ۽ ڀوتارن اسڪول جي بجٽ هٿيائي اسڪول نالي بجٽ وٺي ، اسڪول ته کوليا پر انهن ۾ پنهنجا گڏه، گهوڙا ۽ ڪُتا پالڻ لڳا يا اُن کي اوتارا بڻائي موالين جي حوالي ڪيو ويو هو، جتان کين ڀنگ گهوتجي ۽ چرس جا سگريٽ ۽ سُلفيون تيار ٿي ملنديون هُيون يا اُهي وٿاڻا ۽ مينهن جا واڙا ٿي استعمال ٿيڻ لڳا آهن. ته اڄ به ڪئمرا جي اک اُنهن کي رڪارڊ ڪري ڏيکاري سگهي ٿي. ڀلا جنهن مُلڪ ۾ اصل ڏوهي (وعده معاف گواه) بڻائي فلٽر ۽ اڇو اُجرو ٿي آزاد گهمندو وتي اتي ڪهڙو انصاف هوندو ۽ اُها قوم ڪيئن الله جي برڪتون حاصل ڪري سگهندي ماسواءِ بُک افلاس، طوفانن، زلزلن، گهرن ۽ دُڪانن ۽ جنگلن ۾ باهين ۽ قهر خُدائي، وغيره ۽ قوم مُسلسل جاهل، موالي، ڪاپي ۽ سفارشي ڪلچر ۾ ، فحاش ۽ عياشيءَ طرف مائل.

    ۽ ڳوٺن ۾ سنڌ جا اسڪول ، جيڪي علائقي جي وڏيري جي سرپرستيءَ ۾ قائم ٿيا هُئا پوءِ اُهي ئي تنبيلا، اوتارا، وٿاڻ بڻيايا ويا ۽ جتي اڳ ئي وڏيرن جي (ڀنگ گهوٽڻ وارا، چرس جي سُلفي ٺاهڻ وارا ) ڪمدار، مُنشي، بورچي، ڊرائيور، بنام اُستاد ڀرتي ڪري اسڪولن تي مقبوض هُئا ته اهڙن (مقبوض تعليمي ادارن) جا گهوسڙو اُستاد پوءِ ٻٻو جاب به ڪرڻ لڳا ۽ (گهوسڙو استاد) جو تمغو حاصل ڪيائون ۽ بڻندا ويا.
     
    انتظامي رڪن طرفان آخري ترميم: ‏16 اپريل 2016
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. Sindhi Media

    Sindhi Media
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏28 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    3,787
    ورتل پسنديدگيون:
    4,295
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    انجنيئر
    ماڳ:
    نيو سعيد آباد سنڌ
    ڇا بهتر نه ٿيندو ته اهڙن علائقن جي وڏيرن جي سرپرستيءَ ۾ پويان ويهي، اهي وڏيرا جن سنڌ جي جنهن به ڳوٺ ڳوٺ شهر شهر ۾ ڪچي شرابن جون بٺيون ٺاهي ۽ ڪن غريبن ۽ هندن کي پئسي جي مدد ڏئي، اڳيان آڻي نشي ڀتي جا دُڪان کولي ڪاروبار شروع ڪيو آهي جنهن سان پورو سنڌ موالي بڻجندو وڃي، ايستائين جو هاڻ سنڌ ۽ فيڊريشن جا ادارا، (سفارشن تي رکيل) وڏيرن ۽ ڪامورن جا ( نان ميرٽ سنڌي مٽ مائٽ ۽ دوست) بشمول هاڻ ته سنڌ جا (ڪي ٽي، وي چئنل به) انهن موالي سربراهن، مزدورن يا فنڪارن سان ڀريا پيا آهن، ايستائين جو هاڻ ته سنڌ جون نيڻيون به کُلي عام چرس ۽ ڍرو واپرائيندي ڏٺيون پيون وڃن، جيڪو ثبوت آهي ته تمام تيزيءَ سان سنڌ جو موالي ڪلچر پروان چڙهي چُڪو آهي ، جنهن لاءِ ميدان تي لهجي، ۽ انهن کي علاج لاءِ اسپتالن ڀيڙو ڪرڻ جو مشن شروع ڪجي .۽ آئينده لاءِ هر ملازم جي ميڊيڪل ٽيسٽ ڪجي ته (موالي ته ڪونهين؟) پوءِ کين ادارن ۽ اسڪولن ، ڪاليجن، يونيورسٽين ۾ نوڪري ڏجي.

    اهڙي تيزي، جنهن سان (باب الاسلام سنڌ ) ۾ (موالي گروپ) پئدا پيو ٿئي ۽ اهي موالي پنهنجي آقائن ۽ انهن جي دوستن لاءِ فحاشيءِ جو بندوبست ڪرڻ جا ڪارڻ به پيا بڻجن ۽ پوءِ اهي ئي چاهي آڱوٺا ڇپ هُجن، ادارن ۾ باس بڻيايا وڃن ٿا ۽ سنڌ ۾ باقي بچيل سنڌي ٽيلنٽ ۽ ميرٽ جي رڪاوٽ بڻجن پيا. سنڌ مان جيسي موالي ڪلچر جيڪو شروع ٿيو هو (عباسي دئور جي چوٿين خليفي معتصم با لله ، ميرن ۽ نادرشاه جي دئورن دوران) ختم نه ڪبو، سنڌ ۽ سنڌ جي ماڻهن جي خوشحالي محض هڪ خواب ۽ خيال رهندو. اچو جي سچا آهيون ته پنهنجن پنهنجن علائقن ۾ قائن اهڙن ڀتن ۽ ٺرن جي دڪانن ۽ فيڪٽرين جي نشاندهي ڪريون ۽ ان جي پويان ان وڏيري ۽ ڪاموري کي به نروار ڪريون جيڪو اهو سارو ڌنڌو ڪري اسانجي سامهون اُجرو ٿي اٿي وهي پيو ۽ (وائيٽ ڪالر) جي نالي سان آهي.
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  3. حامد گبول

    حامد گبول
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏6 فيبروري 2013
    تحريرون:
    78
    ورتل پسنديدگيون:
    92
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    108
    ڌنڌو:
    شاگرد
    ماڳ:
    ڪراچي سنڌ
    پيارا هي سائين جي نگري سائين جي نگراني هيٺ اهي ڪم پيا ٿين پاڻ موالي هجڻ سان گڏ پنهنجي نگري کي موالي ڪري خيرپور ميرس نه پر موالي نگر ٺاهڻ جي ڪوشش ۾ آھي پاڻ کي هلڪو بخار ٿئي ته حڪيمن طبيعبن سان ڪمرا ڀريل هوندس خير اچو ٿا مقصد طرف ته خدارا پنهنجي ٻارڙن کي صحت سائنس سان گڏ اخلاقيات جا درس ڏيون جيئن اهي هن تصور کي ختم ڪري سکيا ستابا رهي پنهنجي ديس کي دولها دريا خان وري نظري هيٺ ڏسن جيئن جي ايم سرخرو ٿي
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  4. Sindhi Media

    Sindhi Media
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏28 ڊسمبر 2009
    تحريرون:
    3,787
    ورتل پسنديدگيون:
    4,295
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    473
    ڌنڌو:
    انجنيئر
    ماڳ:
    نيو سعيد آباد سنڌ
    ۽ جڏنهن سنڌي چئنل بڻيا ته اهي ئي اهڙن موالي گهوسڙو سنڌي استادن، ليکڪن، جي نوڪريءَ جو آسان ذريعو بڻجڻ لڳو ۽ وڌندي وڌندي اهو ( موالي ناسور) يعني (گهوسڙو ڪينسر) ٻين ۾ به پکڙجي ويو. جنهن جا حصيدار گهڻي ڀاڱي شروعاتي وقت ۾ ته (موالي گروپ) هو ۽ پوءِ (عام شوقين سنڌي) به ان موالي گروپ ۾ شامل ٿي اڳيان وڌڻ لڳو ۽ شامل ٿيڻ شروع ٿيو. اسان پوءِ ان وڌندڙ (موالي ناسور) جو علاج ڳولڻ ۽ ڪرڻ بجاءِ (صرف گهوسڙوءَ جي ناسور سمجهي پبلسٽي) ڪئي ۽ صرف ناسور زده... ناسور زده (يعني) (گهوسڙو گهوسڙو) جا نعره بُلند ڪيا. ۽ موالين کي نه ڇيڙيو ته جنهن صوبي جا تعليمي ۽ ٻيا ادارا ادارا موالين هٿان قبض ٿيل هُجن ته اُتي تعليم ڪيئن جاري رهي سگهجندي ۽ قوم ۾ شعور ڪيئن ايندو.

    هُئڻ ائين گهُرجي ها ته تعليمي ادارن تي قابض ڪنهن وڏيري جي وڏين وڏين حويلين ۽ بنگلن اوطاقن يا کُلن ميدانن تي ٽينٽ هڻن ها. لياقت مراڻي صاحب خوشي ٿي جو هاڻ آهستي آهستي توهان کي سنڌ جي حقيقي محروميءَ جو احساس ٿيڻ لڳو آهي ۽ ڪنهن کي، ڪنهنجي سياسي خواهشن جي پوياري لاءِ نشانون نه پيا بڻيايو، جيڪو عمومن سنڌ جا ۽ عوام جي ووٽ جا محروم فرد پُٺين دروازن کان داخل ٿيڻ لاءِ قوم جي جذباتي فطرت کي محسوس ڪندي ۽ جذباتي حُب جي شدت ڏسي پنهنجي مقصدن لاءِ استعمال ڪندا آهن جڏنهن ته هُنن جو ماضي چٽو هوندو آهي ته هُنن کي سنڌ ۽ سنڌ جي ماڻهن سان ڪڏنهن به پيار نه رهيو آهي بلڪه اُهي ئي ته آهن جن کين غلامي، مُفلسي، غربت سان گڏ، ڪاپي ڪلچر، سفارشي ڪلچر ۽ موالي ڪلچر، ونگار ڪلچر ۾ سموئي کين انڌرن ۾ وجهي ڇڏيو ۽ پوءِ جيڪو به اهڙن غريب هارين، پورهيتن لاءِ اُٿي ٿو ته پنهنجي حيثيت ۽ پئسي جي آڌار تي رُڪاوٽون بڻجن ٿا.
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو