امتحان

'حالاتِ حاضره' فورم ۾ ٻروچ طرفان آندل موضوعَ ‏30 مارچ 2016۔

  1. ٻروچ

    ٻروچ
    نئون رڪن

    شموليت:
    ‏2 جون 2009
    تحريرون:
    289
    ورتل پسنديدگيون:
    330
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    0
    سڄو سال سنڌ جي تعليمي تباهي تي ڪالم لکندڙ اديب، تعليم جي ڀلائي تي سيمينار ڪندڙ دانشور، پڙهيل لکيل ۽ با شعور نئين ٽهي پيدا ڪرڻ جا دعوا ڪندڙ سياستدان، سنڌ جي اسڪولن ۾ سنڌي استادن جي تعليم ڪشي ته به خوش ته سنڌ جي اسڪولن ۾ هلندڙامتحانن دوران نقل تي بلڪل ننڊ پئجي ويندا آهن. يا وري موڪل تي هليا ويندا آهن.

    ڪو به ڪونهي جو هن بربادي تي ڪو عملي قدم کڻي.. ڪو اسڪول انتظاميه کي فرض ياد ڏياري.. ڪنهن سياسي يا سماجي پارٽي جا ڪارڪن ئي امتحاني مرڪز ٻاهران بيهي ڪاپي جو مواد کڻڻ کان روڪن يا نقل لاء ايندڙ مددگارن کي روڪن..
    قانوني ادارا ئي ڪو پنهنجو فرض ادا ڪندي بد انتظامي کي روڪن..
    تعليمي آفيسرن کي پنهنجو فرض ياد ڏيارڻ ته بي سود آهي.. پر سنڌ جي درد جا راڳ آلاپيندڙ پنهنجي فرض جي امتحان ۾ فيل آهن.. اسان سڀ ناڪام آهيون..
    موهن جي دڙي جي تهذيب تي ناز ڪرڻ سان، يا اجرڪ ٽوپي پائي نچڻ سان قوم جي ترقي ممڪن ڪانهي .. ترقي جي لاء محنت شرط آهي.. محنت لاء ايمانداري ۽ سچائي جو هجڻ ضروري آهي..
     
    7 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. عبدالغني لوهار

    عبدالغني لوهار
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏3 جولائي 2009
    تحريرون:
    3,207
    ورتل پسنديدگيون:
    5,227
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    523
    ڌنڌو:
    ڪوسٽ گارڊ ۾ ملازمت
    ماڳ:
    اصل شهر وارھ ، موجوده ڪراچي
    ڪاش ته اسان سجاڳ ٿيون ! ۽ پنهنجي ذميوارين جو احساس ٿئي ، اسان سڀئي اگر گڏجي نه ته انفرادي طور تي ئي ڪوشش ڪيون ته به ڪافي بهتري ٿي سگهي ٿي
     
  3. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,940
    ورتل پسنديدگيون:
    27,308
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    ها يار ٻروچ صحيح پيو چئين .....

    اصل ڀينگ لڳي پئي آ .... نقل اسان کي تباهي ڏانهن وٺي پيو وڃي
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو