هنگري سان تعلق رکندڙ فريز بيرن نوپسڪا انهن ماڻهن ۾ شامل آهي جنڀاهو سوچڻ شرو ڪيو ته آڳاٽي زماني جي جانورن جي رهڻي ڪهڻي ڪيئن هوندي هئي، نوپسڪا کان اڳ ۾ به ماهرن کي آڳاٽن جانورن جي موضوع ۾ دلچسپي هئي، جن ڊائنوسار ۽ ٻين ختم ٿي ويل جانورن بابت ڪوشش ڪئي. پر هنن ختم ٿي ويل جانورن جي رهڻي ڪهڻي جي حوالي سان ڪا تحقيق نه ڪئي. مثال طور نوپسڪا جي ان خيال کي شروع ۾ رد ڪيو ويو ته ڊائنو سار پنهنجي گروھ ۾ شامل ننڍن ڊائناسارن جو خيال رکندا هئا پربعد ۾ ملندڙ رڪاڊ مان ثابت ٿيو ته اهي پنهنجي قيام گاهن جي حفاظت ڪندا هئا.