محمد طور جو قديم ماڳ جتي سومرين هيرا ۽ موتي جنڊن ۾ ڏريا

'سنڌ جا تاريخي ماڳ ۽ مقام' فورم ۾ سليمان وساڻ طرفان آندل موضوعَ ‏31 مارچ 2016۔

  1. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,940
    ورتل پسنديدگيون:
    27,308
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    محمد طور جو قديم ماڳ جتي سومرين هيرا ۽ موتي جنڊن ۾ ڏريا

    تحرير ۽ تصويرون : عثمان راهوڪڙو

    [​IMG]

    محمد طور نالي هڪ سومري کي سومرن پنهنجو سردار ڪري حاڪم چونڊيو جنهن ديرڳ پرڳڻي ۾ هڪ شهر تعمير ڪرائي ان کي پنهنجي نالي سان منسوب ڪيو ۽ محمد طور کي پنهنجي گادي جو هنڌ مقرر ڪيو.ان بابت ڪافي محققن جو خيال آهي ته محمد طور جو شهر اڳ۾ موجود هو جنهن کي مهاتم طور چيو ويندو هو جيڪو پوءِ محمد طور سڏجڻ ۾ آيو.هن شهر جي خوبصورتي پنهنجو مٽ پاڻ هئي، هتي جي خوبصورتي واپار ۽ شاهوڪاري ملُڪان ملڪ مشهور هئي. ڏيساورن جا واپاري هتي واپار ڪندا هئا، انهن جون واپاري ڪوٺيون به قائم ٿيل هيون. ڪڇ ، ڪاٺياواڙ ، گجرات، بکر ، سيوهڻ ۽ ٻين شهرن جو واپار هن شهر سان هلندڙ هو، خشڪي رستي واپاري قافلن ملڪ جي اهم مرڪزي شهرن کي پاڻ ۾ ڳنڍي ڇڏيو هو.نون شهرن جي تعمير روڊن ۽ رستن جھڙن سڌارن جي ڪري هتي خوشحالي اچي وئي هئي ۽ ماڻهو ڏاڍا آسوده ٿي ويا هئا ، اهڙي ريت هن حاڪم جنگين ۾ تباهه ٿيل خطي جي معيشت کي ٻيهر بحال ڪيو، جيتوڻيڪ 1223ع کان 1237ع تائين محمد طور جي ايامڪاري دوران سڄي سنڌ التمش جي ماتحتي هيٺ اچي وئي هئي، پر عملي طور تي سنڌ جي لاڙ واري حصي محمد طور جي قيادت ۾ پنهنجي آزادي ۽ خودمختياري کي قائم رکيو هو. هتي جي تاريخ بابت پروفيسر عبدالله مگسي ڪتاب ” سنڌ جي تاريخ جو مطالعو“ ۾ لکي ٿو ته محمد طور جي وفات کان پوءِ سندس پٽ خيرو ٻيو تخت تي ويٺو، جنهن چار سال حڪومت ڪئي ،سندس دور ۾ امن هو ، اقتصادي حالت سڌري ، ماڻهو منجھانس خوش هئا ، ان جي دور ۾ التمش جي درباري امير ملڪ اعزالدين بغاوت ڪري دهلي جي حڪومت تي قبضو ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي.پر هن باغي کي شڪست ملي ۽ هو اجمير کان سنڌ ڏانهن آيو، مولانا ابوالظفر ندوي جي راءِ آهي ته انهي امير ملڪ اعزالدين محمد طور تي حملو ڪيو ، لڳل جنگ ۾ خيرو ٻيو مارجي ويو پر ملڪ اعزالدين کي عوام سنڌ مان تڙي ٻاهر ڪڍيو ۽ هتي دودو ٽيو حاڪم مقرر ڪيو ويو جنهن جي وفات کان پوءِ سندس پٽ طائي حاڪم ٿيو جنهن ڪافي سڌارا آندا ۽ هن ديبل کي ٻيهر قبضي ۾ آندو، سندس وفات پڄاڻان سندس دور جي بااثر وزير چنيسر کي محمد طور جي تخت تي ويهاريو ويو ان سان ليلان واري چاڳ جو قصو وابسته آهي، ان قصي بابت شاهه عبدالطيف ڀٽائي رح جو سُر ليلان چنيسر پڻ وابسته آهي، شاهه سائين چيو ته :

    جو چونڊين سو چونڊ ، مڻيون توڙي ماڳ
    ڀُوري تنهنجو ڀاڳ ، آهي تنهنجي هٿ ۾.


    چنيسر جو ليلان سان چاهه هو ، هن جي روح جي راڻي ليلان ئي هئي ، هن جي نيڻن ۾ حاڪم جا نيڻ مينهن ڪنڍي پورن جيان پيوند ٿيل هئا.سندس بادشاهي ۾ راڄ جي راڻي ليلان ئي هئي . پر بدقسمتي سان ڪوئنرو واري ٻرندڙ طلسمي هار تي هرکجي هن پنهنجي روح جي راڻي چنيسر کي هڪ رات لاءِ هار عيوض ڏيئي ڇڏيو.ڪوئنرو چالاڪ هئي جنهن حاڪم کي ليلان جو لکيو ڏيکاريو جنهن تي چنيسر جي دل چڪناچور ٿي وئي ۽ ليلان کي ڏهاڳ اچي ويو، ليلان گھڻو ئي ليلايو پر حاڪم به ريسارو هو ، لطيف چيو ته :

    ليلان ليلائج ، ليلائي مه لهين ته پڻ ليلائج
    آسرو مه لاهيج ، سڄڻ ٻاجهيندڙ گھڻو


    اهو قصو لوڪ ادب ۾ اهم جڳهه سومرا دور جي حوالي سان جتي والاري ٿو اتي تاريخ لکيو آهي ته چنيسر محمد طور کي ڇڏي وڃي ديبل وسايو ، جتي پساهه پورا ڪيائين. تاريخ سنڌ جي مصنفن مولوي نور محمد نظاماڻي ، عبدالغني عبدالله ۽ محمد صديق مسافر باب ٽيو ۾ ڄاڻائيندي سومرن جي بڻ ۽ بڻياد بابت ايبٽ جي حوالي سان لکيو آهي ته سومرا اصل راجپوت هئا ، پوءِ ڪرمتي بڻيا ، تنهن کان پوءِ شيخ بهاءٌ الدين زڪريا جي روحاني فيض سان سچا مسلمان بڻيا . ايليٽ به تاريخ طاهري جي حوالي سان لکي ٿو ته سومرن جي تخت گاهه محمد طور شهر ۾ ڪيترائي وڏا ماڻهو ۽ زميندار ، شيخ مشائخ ، مخدوم بهاءُ الدين ذڪريا جا مريد هئا ، جن مان ڪيترائي خدا رسيده بزرگ پيدا ٿي پيا.ساڳي باب ۾ سومرا سردارن بابت لکيو ويو آهي ته هو هڪ ڀيرو نئون ڪپڙو پائيندا هئا ته ٻيهر لاٿل ڪپڙن کي پائڻ پنهنجي شان لاءِ عيب سمجھندا هئا.سومرا رعيتي راڄ جي ماڻهن تي ڏنڀ جو نشان ڪڍندا هئا.محمد طور جي حڪومت جو عرصو 15 سال ڏيکاريو ويو آهي.هتي رهندڙ جيوت آزادي جي هڳاءُ ڀريل هوائن ۾ ساهه کڻندي هئي.ان سمي هي وسندڙ شهر هو ، هتي پتڻ به هو،ڳاڙها سڳداسي چانور ، ادرڪ ، تماڪ ، گيهه ۽ نير هتي جام ٿيندو هو، ارٽ تي ڪپڙو اڻبو هو ، رات ٿيندي ئي هتي فانوس تارن جيان ٽمڪندي پري کان نظر ايندا هئا. گھاڻن ۾ سرنهن جو تيل پيو پيڙهبو هو، هن وقت تعلقي جاتي جي ديهه شاهه ڪپور ۽ تپي شاهه ڪپور ۾ ان قديم ماڳ جا کنڊرات ٽڙيل، پکڙيل ،ٽٽل ٺڪرن ، دڙن، قديم قبرستان جي قبرن، پٿرن ۽ ڦاٽل ڪاڳرن جيان ٽڙيل پکڙيل سرن تي مشتمل نظر اچن ٿا، گونگڙي جو وهڪرو به بيهي ويو آهي، تاريخ جي هن تخت گاهه وارو وسندڙ شهر ويران ٿي ويو، هن وقت هن ماڳ وٽان شاهه ڪپور شاخ گذري ٿي ۽ شاهه ڪپور ڳوٺ به آهي، جنهن ۾ هزار کن ماڻهو رهن پيا.هن ماڳ جو ماضي واري جي دڙن ۽ شاهه ڪپور جي قبرستان جي قبرن ۾ دفن ٿي ويو آهي ۽ تاريخ جي ورقن ۾ هن ماڳ جي قدامت جا قصا چوڏهين جي چنڊ جيان جرڪندي نظر اچن ٿا. مختلف تاريخدانن جا هن ماڳ بابت پنهنجا رايا ۽ ويچار جدا جدا تاريخ جي ڪتابن ۾ ڏنل آهن، سومرا حاڪمن پنهنجي ايامڪاري دوران محمد طور ، وڳهه ڪوٽ ، روپا ماڙي، ٺري ، ٿري، ساموئي ۽ عمر ڪوٽ جھڙا شهر قائم ڪري اتي جدا جدا وقتن تي تخت گاهه قائم ڪيا. انگريز ليکڪ ليمبرڪ جي راءِ موجب پراڻ جي وهڪري سڪي وڃڻ کان پوءِ سومرن پنهنجو تخت گاهه گونگڙي جي ڪپ تي قائم ڪيو، جنهن کي عام طور تي محمد طور سڏيو ويندو آهي.محقق ڪزنس جي تحقيق مطابق محمد طور هڪ وڏي نهر جي ڪپ تي هو جنهن کي گونگڙو چيو ويندو هو.تاريخ طاهري جي مصنف سيد طاهر محمد نسياني سن 1020هه چوي ٿو ته هن حقير انهي شهر جا دڙا عبرت جي اکين سان ڏٺا هئا، لئمبرڪ معصومي ۽ طاهري تاريخن جا مصنف ان ڳالهه تي به متفق آهن ته درياءُ جو پاڻي هن نهر کي نه ملڻ سبب هي پٽ اجڙي ويو.ڪن مورخن جو چوڻ آهي ته 1313ع ۾ علاوالدين جي لشڪر هن شهر کي اجاڙيو ، ان دوران سومرين هيرا ۽ جواهر جنڊن ۾ پيهي اکين مان لڙڪ هاري هن ماڳ کي الوداع ڪري سمي ابڙي ڏانهن سام ٿي ويون،سيد در محمد شاهه جي حويلي کان اوڀر طرف هن ماڳ جي کنڊر ٿيل دڙن جو سلسلو شروع ٿئي ٿو ، انهن کنڊرن ۾ هڪ مسجد جا اهڃاڻ چٽا آهن جنهن جي ويڪر 1520 فٽ ۽ ڊيگھ 216 فٽ آهي، ديوار ساڍا چار فٽ ويڪري آهي. هڪ دڙي کي مقامي ماڻهو همير سومري جو دڙو چون ٿا، هتي هندن جي هڪ مندر جا آثار به ملن ٿا. 1821ع تائين هتي ٽي هزار ماڻهو رهيا ٿي جن ۾ اڪثريت هندن جي هئي. هن وقت هتي هزار کن ماڻهو رهن ٿا جن ۾ اڪثريت مسلمانن جي آهي.محمد طور جي ڏکڻ پاسي امير پير اسماعيل شاهه بخاري جو قبرستان آهي جنهن جي قبر قبر ماضي جي هن ماڳ ۽ پنهنجي دور جي پٿرن تي چٽسالي جو نادر نمونو پسائي ٿي.سوين سال اڳ ٿيل پٿرن تي ان چٽسالي جا رنگ ته هاڻي ڌنڌلا ٿيندا پيا وڃن پر ڏسندڙ اکيون ان چٽسالي کي ڏسي ڪاريگرن جي ڪاريگري کي داد ڏيڻ کان سواءِ رهي نٿيون سگھن.هن تخت گاهه جي کنڊرن ۽ ماضي جي ياد ڏياريندڙ قبرن واري قبرستان کي آرڪيالاجي کاتي جي ڪامورن جون اکيون ڏسي نٿيون سگهن پر افسوس جو هي ماڳ ۽ قبرستان قبضا مافيا جي قبضا گيري ۽ سم ۽ ڪلر جي ور چرهي ويو آهي .

    [​IMG]

    [​IMG]

    [​IMG]
     
  2. خدابخش مشاخ

    خدابخش مشاخ
    فعال رڪن

    شموليت:
    ‏22 فيبروري 2014
    تحريرون:
    78
    ورتل پسنديدگيون:
    83
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    68
    ڌنڌو:
    مزدوري
    ماڳ:
    ماتلي
    تمام بھترين ڄاڻ
    توھان جا لک ٿورا
     
    3 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  3. عبدالغني لوهار

    عبدالغني لوهار
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏3 جولائي 2009
    تحريرون:
    3,207
    ورتل پسنديدگيون:
    5,227
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    523
    ڌنڌو:
    ڪوسٽ گارڊ ۾ ملازمت
    ماڳ:
    اصل شهر وارھ ، موجوده ڪراچي
    سهڻي ڄاڻ لک قرب سائين
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو