ميڊيا جو سفر۽ نازڪ بيانيون. شفيق شاڪر اهو به زمانو هو جڏهن اخبارون ڳوٺن ۾ ڏينهن جو 12 وڳين کان پهرين نه پهچنديون هيون.ننڍن شهرن ۽ ڳوٺن جون هوٽلون اهڙيون جايون هيون جتي ماڻهو گڏ ٿي سياست ۽ ملڪ سان گڏوگڏ پوري دنيا جي حالات حاضره تي تبصرا ۽ تجزيا پيش ڪندا هئا.هڪڙو اخبار پڙهندو هو ته ٻيا ويهي ٻڌندا هئا. اخبارون ايتريون گھڻيون نه هيون جيتريون اڄ آهن.ريڊيو ته جھر جھنگ ۾ عام هو پر اهو صرف لوڪ گيتن ۽ عارفاڻو ڪلام ٻڌڻ لاء استعمال ڪيو ويندو هو.سرڪاري ريڊيو جي خبرن تي ڪنهن کي ڪو اعتبار نه هوندو هو ان ڪري صبح سوير ۽ رات جو بي بي سي تان نشر ٿيندڙ حالات حاضره جو پروگرام “سيربين” ڳوٺن توڙي شهرن ۾ خاص اهتمام سان ٻڌو ويندو هو.جنهن کان پوء واحد سرڪاري ٽي وِي جو زمانو آيو ته ماڻهن انهيء کي به خبرن جي صحت ۽ سچائيء جي لحاظ کان اعتبار جوڳو ذريعو مڃڻ کان انڪار ڪيو،ٽي وي کي صرف ڊرامن ۽ پراڻيون پاڪستاني فلمون ڏسڻ لاء ئي استعمال ڪيو ويندو هو ۽ جيئن ئي خبرون شروع ٿينديون هيون ته ماڻهن جو منهن ٽي ويء کان ڦري ويندو هو.جيڪو ان تاثر طرف اشارو هوندو هو ته سرڪاري ٽي وي تي خبرن ۾ اڌواڌ يا سڀ ڪجھ ڪوڙ هوندوآهي.وقت اوچتو پلٽو کاڌو،صحافت ۽ اطلاعات جي دنيا ۾ عجيب انقلاب اچي ويو. هڪ طرف اخبارن جو تعداد حيرتناڪ حد تائين وڌيو ته ٻئي طرف ڪمپيوٽر جي تخليق گھڻو ڪجھ بدلائي ڇڏيو،مٿان انٽرنيٽ جي سهوليت اطلاعات ۽ صحافت جي دنيا کي ڪٿان کان ڪٿي پهچائي ڇڏيو.هزارين ٽي وي چينلز اچي ويا جن ۾ اطلاعات،رانديون، صحت،معيشت،مذهب ۽ زندگيء جي هر شعبي جي معلومات سان گڏوگڏ تفريح جا نوان ذريعا به ماڻهن کي ميسر ٿي پيا.جنهن دور ۾ ڪمپيوٽر اڃا ايجاد ئي نه ٿيو هو جنهن اڄ جي سوشل ميڊيا ۾ هنگامو برپا ڪري رکيو آهي تڏهن وڏن شهرن ۾ موجود آڱرين تي ڳڻڻ جيترين اخباري آفيسن ۾ ٻه سو کان اڍائي سو ماڻهو هوندا هئا جن جو روزگار صحافت سان لاڳاپيل هوندو هو جن ۾ ايڊيٽر،سب ايڊيٽر،ڪاتب يا ڪمپوزر،پروف ريڊر، مترجم ۽ چيف رپورٽر وغيره شامل هوندا هئا.ننڍن شهرن ۽ ڳوٺن ۾ وري انهن اخبارن جا نمائندا هوندا هئا جيڪي اڪثر ليند لائين فون يا ٽپال جي ذريعي خبرون موڪليندا هئا.گھڻو ڪري اخبارن سان لاڳاپيل ماڻهن کي معمولي پگھارون ملنديون هيون اهي به ڪڏهن ملن ته ڪڏهن نه!ان جي باوجود انهيء مخلوق جي اها خوبي هئي جو مسلسل ڪم ڪندا رهندا هئا.روزانو اخبار جي اٺن صفحن جو پيٽ ڀرڻ ڪو سولو ڪم نه هو جيترو ٻاهران نظر ايندو هو.سڀ کان زياده قابل رحم حالت رپورٽر جي هوندي هئي.ٻيا ته اخبار جي آفيس ۾ ايڊيٽر واري شان سان ويٺل هوندا هئا پر هي ويچارو رپورٽر خبر ناهي ڪٿي ڪٿي ڌڪا کائيندو هو ۽ ڪيئن به ڪري مختلف محلن،گڏجاڻين،ٿاڻن۽ عدالتن جا چڪر هڻي پنهن جون رپورٽون ايڊيٽر کي ڏياري موڪليندو هو.رات جي وقت اهو ٿڪل ٽٽل رپورٽر اها دعا گھرندي گھر واپس ٿيندو هو ته خدا ڪري ڪا خبر يا رپورٽ هن کان رهجي نه ويئي هجي جيڪا سندس اخبار بدران ٻي ڪنهن اخبار ۾ ڇپيل ملي.ان زماني ۾ به جيڪر ڪنهن سياستدان جو بيان سندس پسند جي مطابق اخبار جي زينت نه بڻبو هو ته يا ته ٻئي ڏينهن تي ان بيان جي ترديد ايندي هئي يا وري چيو ويندو هو ته “ منهن جي بيان کي ٽوڙي مروڙي شايع ڪيو ويو آهي.” پر هاڻي سياستدان به گھڻو سياڻا ٿي ويا آهن،تمام ڏکيا ڏکيا لفظ سکي ويا آهن.مثال؛ منهن جي بيان کي اصل سياق ۽ سباق کان ڪٽي شايع ڪيو ويو آهي،اهڙيء طرح بيانن جي حوالي سان مثبت ۽ منفي،مسخ وغيره جهڙا ڏکيا لفظ به عام جام استعمال ڪيا وڃن ٿا ۽ ڪٿي ڪٿي لفظ معروضي به استعمال ڪيو وڃي ٿو.جيستائين صرف اخبارون هيون ته مڃجي کڻي ته ڪنهن رپورٽر غلط بياني ڪري بيان بدلائي ڇڏيو هجي يا وري ڪتابت جي غلطيء وچان جملي جو مطلب بدلجي ويو هجي پر جڏهن ٽي وي چينلز اچي ويا تڏهن به سياستدان انهيء کي اڄ به بولٽن مارڪيٽ مان نڪرندڙ ڪا شام واري معمولي اخبار ئي سمجھن ٿا.انهن ويچارن کي اها خبر ئي نٿي پوي ته ٽي وي ڪيمرا جي هنيل چغليء کي نه ته ڪو ٽوڙي سگھي ٿو ۽ نه ئي ڪو مروڙي سگھي ٿو.پهريائين خطابت جي جوش ۾ جيڪي زبان تي آيو سو چئي ويندا ۽ جيئن ئي سندن اهي ارشادات ٽي وي جي اسڪرين تي آيا ته فوري طور تي صفايون اينديون ته منهن جي چوڻ جو مقصد اهو نه هو،منهن جي بيان جو غلط مطلب ورتو ويو،منهن جي بيان کي منفي انداز ۾ پيش ڪيو ويو.معاملو صرف اتي ئي دنگ نٿو ٿئي.همراه ٽي وي ڪيميرا جي سامهون گل ڇٽيندي آپي مان ٻاهر نڪري ويا،اکين ۾ غصي کان خون ٽمڪڻ لڳو ۽ وات مان گڦ وهڻ لڳي،مٺيون به ڀڪوڙيائون ۽ ڪاوڙ ۾ گلي جا بٽڻ به کولي ڇڏيائون. ٺونشا به هلڻ لڳا،انهيء هاٿا پائيء ۾ ڪيتريون ئي مائڪروفون شهادت جي درجي کي پهچي وييون، هاڻي همراه گھر پهتا ۽ حواس ڪجھ بحال ٿيا ته احساس ٿيو ته ايئن نه ڪرڻ گھربو هو.هاڻي انهن بهادر اڳواڻن جي وري ٽي ي ڪيميرا جي سامهون اچي وضاحت ڪرڻ بدران سندن حمايتي ميدان ۾ لهي پوندا جيڪي ميڊيا تي لعنتون ڪرڻ سان گڏوگڏ وضاحتن ۽ صفائين جا نه کٽندڙ داستان کولي ڇڏيندا ته صاحب جي چوڻ جو مقصد هي نه پر هي هو.انهن ئي ٽي وي ڪيمرائن سامهون انهن سياستدانن جو هڪ ٻئي کي گارين جا هار پارائڻ ، هڪ ٻئي کي مڪون رسيد ڪرڻ ۽ گلاس اڇلي هڻڻ ، هڪ ٻئي کي باقائدي ڳچيء کان وٺڻ جي باري ۾ به ڪونه ڪو وضاحتي منظق به مستقبل ۾ ڪو نه ڪو جڙي ويندو. مثال اهو ته انهن اڳواڻن جي هڪ ٻئي سان حجت ۽ بي تڪلفي آهي ۽ اهي اهڙي مذاق هڪ ٻئي سان ڪندا رهندا آهن، ميڊيا هروڀرو هڪ نان اشوء کي اشو بنائي رهيو آهي!