مٺڙا مهربانو! گذريل ٻن ڏينهن کان منهن جي ليپ ٽاپ تان ڪوبه برائوزر ( ڪروم، آئي اي يا فائرفاڪس وغيره ) سنڌ سلامت جي ويب سائيٽ بلڪل ئي نٿو کولي.برائوزر وري وري انسٽال ڪرڻ سان گڏ ونڊوز به ريفريش ڪري چڪو آهيان پر سڀ فضول! ها! مون هڪ اٽڪل ڪري سائيٽ کولي آهي سا اٽڪل اها ته هڪ ان بلاڪ پروڪسي سافٽويئر ۾ سنڏ سلامت جي ويب ايڊريس لکان ٿو ته تمام سستيء سان پر سائيٽ کلي وڃي ٿي. هاڻي مسئلو اهو آهي ته آئون ڏينهن ۾ ڪئين دفعا هن سائيٽ جو ڀيرو ڀريندو آهيان،سو منهن جي لاء اها سائيٽ کولڻ عذاب کان گھٽ ناهي. مهرباني ڪري جيڪر انتظاميه مون کي ان سائيٽ تي بلاڪ ڪيو آهي ته اهو اطلاع به مون کي ڏنو وڃي پر جي ايئن ناهي ته ڪو سڄڻ اهو سٽ سلجھائي ڏي،ڪمپيوٽر نه ٿيو مصيبت ٿي ويئي. شفيق شاڪر سائيٽ برائوز ڪرڻ وقت هي لفظ اچيو وڃن. This site can’t be reached sindhsalamat.com’s server DNS address could not be found. ERR_NAME_NOT_RESOLVED
السلام عليڪم عزيز دوستو الله سائين جي مھرباني سان اميد تہ خيريت سان ھوندا. اصل ۾ ڪافي ڏينھن کان مان موبائيل تي ئي سنڌ سلامت ڊاٽڪام کي کوليندو رھيو آھيان ان جو سبب اھو ڪونھي تھ مان پي سي تي ويب کولڻ جي ناھيان ڪندو پر پي سي تي ڪروم، فائر فاڪس يا مائڪروسافٽ ايج ۾ جڏھن به ويبسائيٽ کولڻ جي ڪيان ٿو تہ This site can't be reached sindhsalamat.com's server DNS address could not be found. ERR_NAME_NOT_RESOLVED لکيل نياپو ٿو نظر اچي. برائوزنگ ھسٽري وغيره پڻ صاف ڪري ڏٺو آھي پر باوجود ان جي مسئلو جيئن جو تيئن برقرار آھي. ڇا مسئلو آھي مھرباني ڪري حل ٻڌائيندا جو پوسٽس وغيره ڪرڻ ڏکيو ٿي پيو آھي ۽ موبائيل تان تہ بنهه ڏکيو آ.
يار رشيد وارو ڪر ... اڌ سنڌ مان اهي فون پيا اچن. ڪو مسئلو آهي ڪٿي. دوستن کي گهرجي ته هو فيسبوڪ اڪائونٽ بجاءِ پنهنجي سنڌ سلامت اڪائونٽ سان لاگ ان ٿي ڏسن. مان سمجهانو ٿو فيسبوڪ ۽ سنڌ سلامت انٽيگريشن جو ڪو مسئلو آ.
دوستو، سنڌسلامت جي سائيٽ ڪيترن ئي ڪمپيوٽرز ۽ موبائيل تان نه کلي رهي آهي.اهو ڪنهن ڪمپيوٽر يا برائوزر جو مسئلو ناهي پر سائيٽ جي سرور جو مسئلو معلوم ٿئي ٿو.ڪنهن سبب برائوزر انهيء سائيٽ سرور تائين پهچي نه پيا سگھن.بهرحال جيستائين اهو مسئلو مستقل حل ٿئي في الحال سنڌ سلامت جي سائيٽ پنهن جي ڊوائيس تان کولڻ لاء هي جڳاڙ ڪري سگھو ٿا. • پنهنجي برائوزر جي سرچ جي خاني ۾ unblock proxy لکو. • ڪوبه ان بلاڪر سافٽويئر ڪلڪ ڪري ان جي URL ڏيکاريندڙ باڪس ۾ www.sindhsalamat.com لکي Go يا Unblock جو بٽن ڪلڪ ڪريو.
دوستن کان معزرت ... ڪجهه ڏينهن ڳوٺ ۾ هجڻ ڪري سنڌ سلامت کان پري رهيم... دوستن جي ڪالز ڪرڻ کان پوءِ مسئلي کي عارضي طور سلجهايو اٿم... ۽ ڊيڊيڪيٽڊ سرور جنهن جو مدو ختم ٿي چڪو آهي جي مدي کي ايندڙ ٻن مهينن لاءِ وڌايو ويو آهي.. اميد ته ساٿين کي ان دوران وڌيڪ شڪايت نه رهندي...