گيت

اسد الله لغاري

سينيئر رڪن
خوش ھر ڪو ھجي شل يارن سان،
پنھنجي رِيس نہ آ ڪنھن جي ڀاڳن سان.

سنڌ ڌرتي تي سدا مينھن وسن،
ھٿ ھٿ ۾ ڏئي، شل جوڙا گُھمن،
گل باغ سُونَھنَ گُلزارن سان.

جن ماڻھن لئہ آھي ننڊ فِٽل،
اُھي ايسئين ۾ ڏينھن رات ستل،
سڄي لوڪ لِويو مونکي طعنن سان.

جيڪو دل کي وڻيو، تنھن ڪين وڻون،
تنھن تي “مير ڪلوئي“ ڪھڙي حام ھَڻون،
ڏنئون جھول ڀري اُڇنگارن سان.

شاعر: مير ڪلوئي
 
Back
Top