سيد خادم سبحان ڏاڏاهي
سينيئر رڪن
سيد خادم سُبحان ڏاڏاهي
غزل
توکي ڏسڻ لاء اکيون التجائون ڪنديون رهيون
پل پل تڪيندي راهون،صدائون ڪنديون رهيون
توکي پسي پرين جي جيئنديون رهيون سدائين
سجدن سُڏڪِي تولاءِ، دعائون ڪنديون رهيون
سنڌ جان لڳين ٿي سُهڻِي،اجرڪ جو چولو پهري
مخمور مست من کي،ادائون ڪنديون رهيون
ويڙهيل وار ڪُلهن تي،کولي ڇڏڻ کان پوءِ
واهه واهه ويندي ويندي، گهٽائون ڪنديون رهيون
ننڊ ۾ به جاڳندي مون يادون تنهنجون ڏٺيون
هر حال ۾ هميشه، وفائون ڪنديون رهيون
تنهنجو حُڪم ته هاڻي، اکيون کَڄَن نه مونڏانهن
هر هر نهاري تو ڏي، خطائون ڪنديون رهيون
خود سان ڪري بغاوت، "خادمَ"ڪيون ٿي آزيون
اعتراض ڪئين هزارين،انائون ڪنديون رهيون
پاران : بزم سخن فيسبوڪ سٿ
غزل
توکي ڏسڻ لاء اکيون التجائون ڪنديون رهيون
پل پل تڪيندي راهون،صدائون ڪنديون رهيون
توکي پسي پرين جي جيئنديون رهيون سدائين
سجدن سُڏڪِي تولاءِ، دعائون ڪنديون رهيون
سنڌ جان لڳين ٿي سُهڻِي،اجرڪ جو چولو پهري
مخمور مست من کي،ادائون ڪنديون رهيون
ويڙهيل وار ڪُلهن تي،کولي ڇڏڻ کان پوءِ
واهه واهه ويندي ويندي، گهٽائون ڪنديون رهيون
ننڊ ۾ به جاڳندي مون يادون تنهنجون ڏٺيون
هر حال ۾ هميشه، وفائون ڪنديون رهيون
تنهنجو حُڪم ته هاڻي، اکيون کَڄَن نه مونڏانهن
هر هر نهاري تو ڏي، خطائون ڪنديون رهيون
خود سان ڪري بغاوت، "خادمَ"ڪيون ٿي آزيون
اعتراض ڪئين هزارين،انائون ڪنديون رهيون
پاران : بزم سخن فيسبوڪ سٿ
