صحبتي ڪچهري مڙئي معاف ڪياس خدابخش جويو صحبتي ڪچهريءَ ۾ حاجي محمد صديق پنهنجي ڳالهه کي جاري رکندي ٻوڏ ۾ مانجهند جي ٻڏي وڃڻ جو ذڪر ڪيو. هن ٻڌايو ته 1956ع ۾ وڏي ٻوڏ آئي، جنهن ۾ اسان جو ڳوٺ مانجهند ٻڏي ويو. اهڙي افراتفري واري ماحول ۾ مانجهند ڳوٺ جا رهواسي هالا ۽ سن ۾ لڏي اچي ويٺا. مان خود به سن ۾ اچي رهيس. ان کان اڳ ۾ سرندي وارن واڻين،طرفان مانجهند ۾ اسڪول ۽ اسپتال به جوڙائي وئي هئي. جيڪي ٻوڏ جي ڪري سڀ جون سڀ ڊهي پٽ ٿي ويون. صرف هڪ ٻه واڻين جون پڪيون جايون بچيون هنيون..جڏهن ٻوڏ جو پاڻي سڪي ويو ۽ ماڻهن واپسي ڪئي ته انهن ڪافي جاين جون سرون ۽ گارڊر به ماڻهو کڻي ويا. بعد ۾ اويڪيو پراپرٽي ڄاڻائي، انهن جاين جي گارڊرن، ٽيئرن ۽ ٻئي سان سميت پلاٽ وڪرو ڪيا ويا. اهو نه سوچيو ويو ته اسان جي ايندڙ نسلن جا ٻار ڪٿي پڙهندا. سرنديءَ وارن ماڻهن اهي پلاٽ ، سرون، گارڊر ۽ ٽيئر ٻيو سامان خريد ڪيو. جن ۾ هالن سميت مانجهند ۽ ان جي ٻهراڙي جا ماڻهو شامل هئا. ڪن سامان ڊويو ته ڪن چورايو به. جڏهن مون 1964ع ۾ “خادم وطن” تنظيم ٺاهي تڏهن ، جتي هن وقت ٿاڻو آهي، اتي صرف ٻه ڪمرا هئا جيڪي اسڪول طور استعمال ٿيا. چار استاد مقرر ٿيا. تن ڏينهن ۾ دادو ضلعي جو ڊپٽي ڪمشنر عبدالواسي هو، جيڪو ڪراچي جي ڪمشنر هاشم رضا جو نياڻو هو. ان سان وڃي ملياسين ۽ کيس عرض ڪيوسين ته اسان جي ڳوٺ مانجهند ۾ نه صحيح طرح سان اسڪول آهي نه ان لاءِ ڪا بلڊنگ آهي. پاڻ رڪارڊ چيڪ ڪيائين جنهن ۾ هن کان اڳ ۾ رهندڙ ڊپٽي ڪمشنر عبدالعليم ميمڻ جو نوٽ لکيل هو ته:“ مانجهند جا ماڻهو اهڙا آهن جو پنهنجي ڳوٺ جي اسڪول ۽ اسپتال جون جايون اويڪيو پراپرٽي ڄاڻائي ، واڪن جي ذريعي کپائي ڇڏيون ۽ اهو نه سوچيائون ته سندن ٻارن لاءِ تعليم ۽ صحت ڪيتري نه ضروري هئي!” هن اهو نوٽ جڏهن پڙهي مون کي ٻڌايو ته مان ٻڏي ويس! مون کيس چيو ته جنهن سماج ۾ هڪ ٻه ظالم هجن، جيڪي انسانيت جا ويري هجن ته انهن جي سزا خدا جي باقي خلق کي ته نه ڏبي! سرميدار جن اهي پراپرٽيون خريد ڪيون تن جا ٻار ته وڏن شهرن ۾ به پڙهي سگهن ٿا. پر سزا عام غريبن کي ڇو ملي؟ منهنجون ڳالهيون ٻڌي سوچ ۾ پئجي ويو ۽ چيائين ته“ تم سچ بولتا هي، مجهي مانجهند گائون دکائوگي؟” مون چيو بلڪل . پاڻ چيائين ته مان ٻن ڏينهن کان پوءِ ڪوٽڙي ايندس، اتي مون سان ملجان. پوءِ مان تو سان گڏجي مانجهند هلندس. اهڙيءَ طرح ٻن ڏينهن کان پوءِ ڪوٽڙيءَ وڃي ساڻس مليس. مون کي چيائين ته مان سبحاڻ مانجهند ايندس تون ڀلي وڃ. مون سندس اچڻ جي اهتمام لاءِ ڪرسيون وغيره، هڪ واڻين جي خالي پيل جاءِ ۾ هت ڪري لڳرايون. مختيار ڪار ۽ ٻيا آفيسر رات ئي بندوبست لاءِ پهچي ويا. هو آيو ته اسان شهر وارن هن جو آڌرڀاءُ ڪيو. ۽ کيس هار پارايا. 1962ع واري بي ڊي اليڪشن جي ذريعي ٿيل ميمبر ۽ چئرمين به اچي ويا. ان وقت مانجهند يونين ڪائونسل لاکا جو حصو هئي. ۽ چيئرمين قادر بخش ميمڻ هو. ان موقعي تي ڊپٽي ڪمشنر صاحب چيئرمين قادر بخش ميمڻ کان پڇيو ته توهان مانجهند جي لاءِ ڇا ڪيو آهي. هن جواب ۾ چيو ته مون مانجهند ۾ ناڪو ٺهرايو آهي. بهرحال ڊپٽي ڪمشنر اسڪول لاءِ پنج ڪمرن تي مشتمل مڊل اسڪول منظور ڪيو. ان کان علاوه ٻه لنڪ روڊ ۽ هڪ هاسپيٽل به منظور ڪئي.جتي هن وقت اسڪول آهي، اتي هڪ هنڌو سماج سڌارڪ پنهنجي زال جي ياد ۾ اسڪول ٺهرايو هو جيڪو ٻوڏ جي ڪري ڊهي ويو پر ان جو يادگار طور ٺهرايل مينار اڄ به موجود آهي، اتي اعلانيل پنج ڪمرا ٺهيا. بعد ۾ اسان پنج ڪمرا ورلڊ بينڪ کان ورتا. ان کان پوءِ هاءِ اسڪول لاءِ جدوجهد ڪئيسين جنهن لاءِ چندا گڏ ڪري، پاڻ مزوريون ڪري ٻه وڌيڪ ڪمرا ٺاهي هاءِ اسڪول شروع ڪرايو ويو. صحبتي ڪچهريءَ م حاجي محمد صديق ميمڻ کان پڇيوسين ته ڀٽي ۽ سائين جي ايم سيد جي ڪا ٻي ڳالهه، جيڪا اوهان جي مشاهدي ۾ آئي؟ چيائين ته هڪڙيون اهڙيون ڳالهيون آهن، جيڪي اڃا تائين مان به سمجهي نه سگهيو آهيان. جڏهن صدر ضياءُ جي زماني ۾ ذوالفقار علي ڀٽي تي ڪيس هلي رهيو هو ته حسام الدين راشدي ۽ غلام مصطفيٰ شاهه گڏجي سائين جي ايم سيد وٽ آيا. مان ۽ ٻيا ڪجهه ماڻهو اتي موجود هئاسين. هنن ٻنهي سائين جي ايم سيد کي چيو ته “ سائين ڀٽي صاحب کي بچايو” مون اهي جڏهن لفظ ٻڌا ته تعجب ۾ پئجي ويس، ته هي ايڏا وڏا اڪابر ۽ ذهين ماڻهو سمجهيا وڃن ٿا ۽ سائين کي ڪهڙي قسم جي التجا پيا ڪن؟ سائين جي ايم سيد پاڻ قيدي ۽ ان کي پيا چون ته ڀٽي صاحب کي بچايو! سائين جا اهي لفظ ٻڌم ته “تنهنجي پيءُ الهندي شاهه کي ڦاسي ڪا نه ٿي ملي، جو تنهنجو سر ٿو وڃي” خير جڏهن هو ٻئي سائين کان موڪلائي ويا ته پوءِ منهنجي بيوقوفي سمجهو يا حجت پر مون سائينءَ کان سوال ڪيو ته “ سائين هي هيڏا وڏا ذهين ماڻهو، توهان پاڻ قيدي، سورن ۽ عذابن ۾ جي ڪيڏانهن وڃو ته پهرين ڊي سي کي چئون ،پوءِ مٿان کان اجازت ملي، تڏهن توهان کي وٺي هلون. چيائين“ بيوقوف! آئون چاهيان ته هن وقت هن کي ڦاسي گهاٽ تان به موٽائي سگهان ٿو. هو غلط ناهن تون غلط آهين. مون کي اها رات به ياد آهي جڏهن ڀٽي کي ڦاسي اچي وئي، سائينءَ وٽ عبدالواحد آريسر وارا به موجود هئا. رات جو ستين وڳي بي بي سي ريڊيو تان هندي کان وٺي اردو ۾ ويندي نائين وڳي تائين خاص پروگرام ڀٽي تي نشر ٿيو هو ۽ سائين جي ايم سيد ان سموري وقت ۾ هڪ لفظ به نه ڳالهايو هو. جڏهن نائين بجي واريون خبرون ختم ٿيون ته سائين لطيف سائينءَ جي اها سٽ اچاري ته: مڙئي معاف ڪياس، خالق بدلي خون جي!!!!!!
سائين...... منهنجي خيال ۾ مٿي ڄاڻايل پوسنگ اهم آهي ۽ انهيءَ ۾ ڪيترن سوالن جا جواب لڪل آهن جن تي ڳنڀيرتا سان ويچار ڪرڻ گھرجي ـ ” ......جڏهن صدر ضياءُ جي زماني ۾ ذوالفقارعلي ڀٽي تي ڪيس هلي رهيو هو ته حسام الدين راشدي ۽ غلام مصطفيٰ شاهه گڏجي سائين جي ايم سيد وٽ آيا. مان ۽ ٻيا ڪجهه ماڻهو اتي موجود هئاسين. هنن ٻنهي سائين جي ايم سيد کي چيو ته “ سائين ڀٽي صاحب کي بچايو” مون اهي جڏهن لفظ ٻڌا ته تعجب ۾ پئجي ويس، ته هي ايڏا وڏا اڪابر ۽ ذهين ماڻهو سمجهيا وڃن ٿا ۽ سائين کي ڪهڙي قسم جي التجا پيا ڪن؟ سائين جي ايم سيد پاڻ قيدي ۽ ان کي پيا چون ته ڀٽي صاحب کي بچايو! سائين جا اهي لفظ ٻڌم ته “تنهنجي پيءُ الهندي شاهه کي ڦاسي ڪا نه ٿي ملي، جو تنهنجو سر ٿو وڃي” خير جڏهن هو ٻئي سائين کان موڪلائي ويا ته پوءِ منهنجي بيوقوفي سمجهو يا حجت پر مون سائينءَ کان سوال ڪيو ته “ سائين هي هيڏا وڏا ذهين ماڻهو، توهان پاڻ قيدي، سورن ۽ عذابن ۾ جي ڪيڏانهن وڃو ته پهرين ڊي سي کي چئون ،پوءِ مٿان کان اجازت ملي، تڏهن توهان کي وٺي هلون. چيائين“ بيوقوف! آئون چاهيان ته هن وقت هن کي ڦاسي گهاٽ تان به موٽائي سگهان ٿو. هو غلط ناهن تون غلط آهين“. سوچڻ جي ڳالهه آهي: 01 ـ جي ايم سيد چيو: بيوقوف! آئون چاهيان ته هن وقت هن (شهيد ڀٽو) کي ڦاسي گهاٽ تان به موٽائي سگهان ٿو ـ 02 ـ ٻي اهم ڳالهه ته جڏهن جنرل ضياءَالحق جي شهيد ڀٽي سان انتهائي نفرت هئي جو هن سندس ڦاهيءَ کانپوءِ ٽيم اسلام آباد کان لاڙڪاڻي موڪلي، سندس لاش جي بيحرمتي ڪري سندس فوٽو ڪڍرايائين ته سندس سنت ٿيل هئي يا نه جنهن تي کيس مايوسي ٿي ـ هاڻ سوال پيدا ٿئي ٿو ته جي ايم سيد جي جنرل ضياءَالحق سان ايڏي گھري مفامت هئي جو هو جنرل ضياءَالحق جي شهيد ڀٽي سان شديد نفرت جي باوجود کيس مجبور ڪري شهيد ڀٽي کي ڦاهيءَ گھاٽ تان موٽائي ها ـ 03 ـ مٿي پوسٽنگ مان چٽيءَ ريت لڳي ٿو ته جي ايم سيد، ڀٽي صاحب کي ڦاهي ڏيارڻ ۾ گھڻي دلچسپي رکندو هوـ انهن سوالن جا ڳنڀيرتا سان جواب ملڻ گهرجن ـ ضروري ناهي ته منهنجا خدشا درست هجن پر ڪو دوست پڪن دليلن سان انهيءَ جي وضاحت ڪري ته بهتر ـ انتظار رهندو ـ
سائين........حاجي محمد صديق ميمڻ ڪير آهي؟ اکين واري ڊاڪٽر صالح جو ڀاءُ حافّظ صديق ميمڻ يا ڪو ٻيو؟ مهرباني ڪري وضاحت ڪندا؟
مسٽر محمد خان سيال صاحب منهنجي لکت تي لکيو آهي ته : ”سوال پيدا ٿئي ٿو ته جي ايم سيد جي جنرل ضياءَالحق سان ايڏي گھري مفامت هئي جو هو جنرل ضياءَالحق جي شهيد ڀٽي سان شديد نفرت جي باوجود کيس مجبور ڪري شهيد ڀٽي کي ڦاهيءَ گھاٽ تان موٽائي ها ـ 03 ـ مٿي پوسٽنگ مان چٽيءَ ريت لڳي ٿو ته جي ايم سيد، ڀٽي صاحب کي ڦاهي ڏيارڻ ۾ گھڻي دلچسپي رکندو هوـ“ انهن سوالن جا ڳنڀيرتا سان جواب ملڻ گهرجن ـ ضروري ناهي ته منهنجا خدشا درست هجن پر ڪو دوست پڪن دليلن سان انهيءَ جي وضاحت ڪري ته بهتر ـ انتظار رهندو ـ _______________________________________________________________ منهنجي خيال ۾ صحافي هجڻ، ۽ سياسي سوج بوجهه رکڻ ۾ فرق ٿئي ٿو. يقينن محمد خان سيال صاحب صحافي رهيو هوندو. پر سيااست جي لوازمات مان بنهه اڻ ڄاڻ ٿو لڳي. پهرين ڳالهه ته سياست ۾ آدرش نه پر سياسي مفاد ۽ سياسي اصول ۽ نظريا ٿين ٿا. حقيقت اها آهي ته نه رڳو جي ايم سيد ڀتي صاحب کي ڦاسي گهاٽ تان موٽائي سگهيو ٿي پر خود ڀٽو صاحب به پاڻ کي ڦاسي گهاٽ تان پاڻ کي واپس ڪرائي سگهيو ٿي. جيڪڏهن هو پنهنجي سياسي مفادن، ۽ پنهنجي سياسي اصولن تان دستبردار ٿئي ها. جيڪو هن هرگز نه ڪيو. ساڳي ريت سائين جي ايم سيد کان توقع ڪئي وئي هئي جيڪا اڻ ٿيڻي ڳالهه هئي. هن به ڀٽي (هڪ شخص) جي بچائڻ خاطر ان وقت جي آمر سان سياسي ڏي وٺ هرگز نه ڪرڻ چاهي. اهو ته سادي ڳالهه آهي. سياست ۾ دوستيون اهم نه هونديون آهن. ٻي گذارش ته جي ايم سيد جي جنرل ضيا سان ڪا به مفاهمت نه هئي. ” مفاهمت“ سياسي اصولن جي خلاف هوندي آهي. جيڪا پاڪستان پيپلزپارٽي جي ايجاد آهي. تنهنجي ڪري پرائو طوق ٻين جي ڳچي ۾ نه وجهجي.
”........پر سیاست جی لوازمات مان بنهه اڻ ڄاڻ لڳي ٿو“ ـ ڇا اوهان کان سرٽيفڪيٽ وٺڻ جي ضرورت آهي؟ لڳي ٿو اوهان سياست ۾ پي ايڇ ڊي ڪئي هوندي؟ هونئن به ذاتي حملي يا تبصري کان پاسو ڪندا ڪريو ته بهتر آهي، وڌيڪ اوهان جي مرضي ـ