• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

خبرون تي ٽيڪاٽپڻي / محمد خان سيال / ڇنڇر 02 اپريل 2016

محمد خان سيال

سينيئر رڪن
* جن کي سنڌ جي ترقي نه ٿي نظر اچي سي پنهنجن اکين جو علاج ڪرائن: وڏو وزير (خبر)
* * عوام اکين جي علاج ڪرائڻ لاءِ تيار آهي، اوهان رڳو پنهنجي دماغ جو علاج ڪرايو (تبصرو)

* سنڌ کي وينٽيليٽر تي پهچايو ويو آهي: گرينڊ الائنس (خبر)
* * ....پر وزيراعظم پنجاب، نواز شريف به سنڌ سان جُٺ ڪرڻ کان گھٽايوڪونهي (تبصرو)

* ميڊيا کي ايران سان لاڳاپا خراب ڪرڻ ڪونه ڏينداسون: چوڌري نثار (خبر)
* * ڇاڪاڻ ته ايران سان لاڳاپا خراب ڪرڻ لاءِ نواز شريف سرڪار ئي کوڙ آهي (تبصرو)

* گرميءَ جي اڳڪٿي، ايڌي 300 لاشن لاءِ قبرون اڳواٽ کوٽائي ڇڏيون (خبر)
* * ڪراچي اليڪٽرڪ جي، اڳواٽ ٿورن سان.....!!(تبصرو)

* زندگي، لفٽ جي مشين کانسواءِ ڪجھه ڀي ناهي: 24 ورهين کان لفٽ هلائيندڙ خالد (خبر)
* * قائم علي شاهه کان پڇبو ته چوندو: زندگي ڪرسيءَ کانسواءِ ڪجهه ڀي ناهي (تبصرو)
 
Back
Top