خبرون تي ٽيڪاٽپڻي / محمد خان سيال / آچر 03 اپريل 2016

محمد خان سيال

سينيئر رڪن
* گرينڊ الائينس جو حشر 9 ستارن جھڙو ٿيندو: وڏو وزير قائم علي شاهه (خبر)
* *......۽ اوهان جو حشر؟ (تبصرو)

* ڪالاباغ ڊيم رٿا کي دفن ئي رهڻ ڏنو وڃي: غفور حيدري (خبر)
* * ..پر پنجاب ڪالاباغ ڊيم ذريعي پاڪستان کي دفن ڪرڻ چاهي ٿو (تبصرو)

* مصطفى ڪمال کي اسٽيبلشمنٽ جي سرپرستي حاصل آهي: فارق ستار (خبر)
* * ۽ ايم ڪيو ايم کي وري دهشتگردن جي..!! (تبصرو)

* 26 اپريل کانپوءِ ڪوبه “را” جو ڇاڙتو ڪونه ملندو: مصطفى ڪمال (خبر)
* * ڇاڪاڻ ته سڀ اوهان جي پارٽيءَ ۾ شامل ٿي، ڏوهه بخشرائي ڇڏيندا (تبصرو)

* بلاول ڀٽي هاريءَ جي ڌيءَ سان زيادتيءَ جو نوٽيس ورتو (خبر)
* * همت ڪر، شهيد ڀٽي جي راهه تي هلي هارين ۽ مزدورن جي خبر چار لهه (تبصرو)

* مخدوم جميل الزمان کي پ پ پ جو سينيئر وائيس چيئرمن بڻائڻ جو امڪان (خبر)
* * ...پر اختيار وٽس زيرو هوندا، هش ۾ خوش ڪرڻ جي ڪوشش (تبصرو)

*شريف برادران، احتساب جي ڪارروائيءَ کان مٿانهان آهن: اعتزاز احسن (خبر)
* * انهيءَ ۾ ڪو شڪ....؟؟ هيءُ پاڪستان آهي..!! (تبصرو)
 
Back
Top