محمد خان سيال
سينيئر رڪن
سنڌي ٻولي، سنڌ ۾ نه ڳالهائبي ته ڇا ٽمبڪٽو ۾ ڳالهائبي؟ اهو سوال شهيد ذوالفقار علي ڀٽي، سنڌي ٻوليءَ جي مخالفن کان قومي اسيمبليءَ جي اجلاس ۾ تقرير ڪندي، سال 1972 ۾ پڇيو هو ـ
شهيد ذوالفقار علي ڀٽي جون يوٽيوب تي وڊيو به موجود آهن جنهن ۾ چيو اٿس ته سنڌي ٻوليءَ کي سمن، سومرن، ميرن ۽ انگريزن وغيره جي دورن ۾ پنهنجي پنهنجي اهم حيثيت حاصل هئي ته مان ڪير ٿيندو آهيان جو اها حيثيت نه مڃان؟
سندس چوڻ هو ته مون سنڌ ۾ سنڌي ٻولي ۽ پنجاب ۾ پنجابي ٻولي (پهريون ڀيرو) اتان جو ٻوليون قرار ڏنيون آهن ۽ هاڻ ڪي ماڻهو چون ٿا ته پنجاب ۾ اهڙو فيصلو درست آهي پر سنڌ ۾ غلط آهي ـ شهيد ڀٽي پڇيو ته اهو ڪيئين ٿو ٿي سگھي ته اسان جو ساڳيو فيصلو هڪ صوبي ۾ درست ۽ ٻئي صوبي ۾ غلط هجي؟
ياد رهي ته سال 1972 واري ٻولي ايڪٽ هيٺ سنڌي ٻولي، سنڌ جي اڪيلي صوبائي ٻولي قرار ڏنل آهي جڏهن ته لساني جهيڙو رڳو انهيءَ ڳالهه تي هو ته اردو ڳالهائيندڙ، سنڌ کي ٻه لساني صوبو قرار ڏيڻ لاءِ زور ڀري رهيا هئا ۽ هنگاما به انهيءَ مقصد لاءِ ڪرايا ويا هئا جيڪا ڳالهه شهيد ڀٽي آخر تائين ڪونه مڃي ـ
افسوس ته گھڻا ڪوڙا سنڌي قومپرست، شهيد ڀٽي جي دشمنيءَ ۾ جيجل سنڌ کي لساني بنيادن تي غيرارادي طور ٽوڙڻ لاءِ، سنڌ کي ٻه لساني صوبي هئڻ جو ڪوڙو ناٽڪ رچائين ٿا جڏهن ته سچائي اها آهي ته ايڪٽ ۾ ٻه لساني صوبي واري ڪا به ڳالهه لکيل ڪونه آهي ۽ اتي صرف سنڌيءَ لاءِ چٽن اکرن ۾ لکيل آهي ته سنڌ جي صوبائي ٻولي سنڌي هوندي جيڪو بعد ۾ زبردست ٻوليءَ جي هنگامن کانپوءِ آرڊيننس جاري ڪيو ويو هو، ان جو نالو وضاحتي آرڊيننس هو جڏهن ته سنڌي، سنڌ جي اڪيلي صوبائي ٻولي برقرار رهي ۽ وضاحت ۾ اهو چيو ويو ته اردو اڳ ۾ ئي قومي ٻولي (سال 1948) ڊڪليئر ٿيل آهي، سنڌي ٻوليءَ کي سنڌ جي ٻولي قرار ڏيڻ سان ان کي نقصان نه پهچندو ـ
نوٽ:ڪوڙن سنڌي قومپرستن کي چيلينج:
مان گذريل 3 يا 4 ورهين کان ڪوڙن سنڌي قومپرستن کي لاڳيتو چيلينج ڪندو پيو اچان ته جيڪڏهن هو ٻه لساني صوبي جو لفظ، 1972 واري ايڪٽ ۾ ثابت ڪن ۽ اهو به ته ايڪٽ مان سنڌ جي اڪيلي صوبائي ٻولي هئڻ واري فقرو ختم ڪيو ويو هو ته مان کين ڏوهه ڏنڊ ڏيڻ لاءِ تيار آهيان ٻي حالت ۾ هو پنهنجي ڪوڙي پروپئگنڊا بند ڪن ڇاڪاڻ ته سندن اهڙين حرڪتن سان سنڌين جي يڪجھتيءَ کي نقصان پهچي رهيو آهي ـ