سماج مان سهپ ڪيڏانهن ويئي؟ شفيق شاڪر مسجدن ۽ ممبرن کان گونجندڙ صبر جا سبق، مندرن ۽ گرجائن کان بلند ٿيندڙ برداشت جا ڀاشڻ، علمي،ادبي ۽ سياسي اسٽيجن تان وسندڙسهپ پيدا ڪرڻ جي سهڻين صلاحن جون برساتون پر سماج جي اها ئي اڻ وڻندڙ صورت،اهو ئي اختلاف تي هڪ ٻئي جو گلو دٻائڻ جي خواهش،اهو ئي متفق نه ٿيندڙ هر زبان ڇڪي ڪڍي وٺڻ جو شوق. جيڪر اسان مان هرڪو صبر،برداشت ۽ سهپ جو پيامبر بڻيل آهي ته پوء اهو سهپ ڀريو سماج ڪٿي آهي؟ اهو صبر وارو سمان ڪٿي آهي ۽ اهو برداشت وارو باغ ڪٿي آهي؟ جيڪر هي معاشرو اسان جي ذاتي وجودن جي ئي اجتماعي تصوير آهي ته پوء انهيء ۾ سهپ، صبر ۽ برداشت جو ڪو رنگ نظر ڇو نٿو اچي!ماء جنهن کي ٿڌي ڇانو چيو ويو ۽ جنهن جي قدمن کي جنت جي گذرگاه ٻڌايو ويو،هيء هڪڙي خبر ئي ڪنهن حساس انسان جو هانء ڦاڙڻ ۽ جيء جھورڻ لاء ڪافي آهي جو ڪراچيء ۾ اسٽيٽ بينڪ جي هڪ آفيسر پنهن جي هٿن سان پنهن جي ماء کي قتل ڪري ڇڏيو. هي اسين ڪهڙي وحشي معاشري ۾ پهچي ويا آهيون ۽ ڪهڙي درندن جي ديس جا رهواسي آهيون؟جتي ڀل مان ٻوڙ ۾ لوڻ زياده وجھڻ جي ڏوه ۾ پنهن جي جيون ساٿيء کي قتل ڪيو وڃي ٿو، ڪا معصوم نياڻي ماني گول نه پچائي سگھي ته سنگدل دل پيء هٿان قتل ٿي وڃي ٿي،معصوم نوڪرياڻيء کان گلاس ٽٽي پوي ته سندس جسم کي ڏنڀڻ کان مالڪ جي دل نٿي ڏڪي. اجاين شڪن ۽ گمانن جا راڪاس خاندانن جا خاندان ڳهي وڃن ٿا.ٽيليفون ڪال اٽينڊ نه ڪرڻ تي به ڪيترن کي پنهن جن زندگين تان هٿ ڌوئڻا پون ٿا،انسان ايڏو ڪٺور ۽ سنگدل ته جهالت جي زماني ۾ به نه هو!ڪيڏانهن ويا مذهب جا محبت ڀريا سبق، ڪيڏانهن وييون صوفين جون سهپ واريون صلاحون،ڪٿي آهي علم جي روشني ۽ ڪٿي آهي تهذيب جي شائستگي، ۽ ڪيڏانهن ويئي نام نهاد روشن خيالي!اهڙو ئي هڪڙو واقعو ڪجھ ڏينهن پهرين شڪرڳڙھ ۾ پيش آيو جتي هڪ ڀاء پنهن جي ٻئي سڳي ڀاء کي قتل ڪري ڇڏيو.اهو سڀ ڪجھ روزانو ڏسڻ باوجود اسان مان ڪوبه اها ڳالھ اڃا به مڃڻ لاء تيار ناهي ته اسين،رنگ،نسل، زبان، مذهب،خاندان، مسلڪ، نظريي .مفادن ۽ فرقي جي تعصب ۾ مجموعي طور تي پنهن جو ذهني توازن وڃائي چڪا آهيون.اهو زهر اسان جي وجود جي انگ انگ ۽ نس نس ۾ داخل ٿي چڪو آهي جنهن جي ڪڙاڻ پوري سماج جو ذائقو ئي تبديل ڪري ڇڏيو آهي.پر اسان جو ضد اهو آهي ته اسين مسلمان ملت آهيون،پاڪستاني قوم آهيون،سڌريل سماج آهيون،ترقي پسند معاشرو آهيون،روشن خيال سوسائٽي آهيون ۽ خبر ناهي ته ڇا جو ڇا آهيون.دنيا جا سمورا عيب صرف ٻين سماجن ۾ آهن، سڀ برايون فقط ٻين قومن ۾ آهن،ظالم ۽ سنگدل صرف ٻاهريان ملڪ آهن، اسان ته هڪ مڪمل، معتبر،معزز، عادل ،منصف ۽ سڌريل قوم آهيون.ڪنهن کي مجال جو اسان ڏي آڱر به کڻي سگھي، ڪنهن جي جرئت جو اسان تي تنقيد به ڪري سگھي،اسان کي نه ڪنهن اصلاح جي ضرورت آهي ۽ نه ئي ڪنهن سڌاري جي!اسان جڏهن ڪنهن پنهنجي کي ئي هڪ سيڪڙو به پاڻ سان سان اختلاف جي گنجائش نٿا ڏئي سگھون ته پوء ٻاهرين کي ڪيئن اجازت ڏينداسين ته اهي اسان جي ڪنهن غلط سوچ، ڳالھ يا رويي کي غلط چوڻ جي همت ڪن!.اسان بحيثيت مجموعي ايترا ته ڪٺور،سنگدل، تنگ نظر ۽ انتهاپسند ٿي چڪا آهيون جو صرف پنهن جي ئي فرقي جي باري ۾ ئي اهو ايمان رکون ٿا ته صرف اهو فرقو ئي جنت ۾ ويندو باقي ٻيا سڀ جهنمي آهن، اسان جي سوچ ۽ نظريو ئي درست آهي باقي ٻيا سڀ غلط آهن. ڪن کي پنهن جي خاندان ۽ نسل تي ايڏو فخر آهي جو هو ٻين قومن ۽ ذاتين کي ڪريل ۽ حقير سمجھن ٿا.اهڙيء طرح عدم برداشت جا روزانو سوين منظر اسان کي چوڪن، چوراهن، هوٽلن، محفلن،مجلسن ايستائين جو مسجدن ۽ مدرسن ۾ به نظر اچن ٿا.ڪٿي ٻني ٻاري تي فساد آهي ته ڪٿي ڪاروبار ۽ زمين تي، ڪٿي هڪ جملو وات مان نڪرڻ تي خون وهن ٿا ته ڪٿي بل اڳ ۾ ادا ڪرڻ يا سيٽ تي ويهڻ تان اڌم ٻريو وڃي.ڪٿي گاڏيء کي ڪراس نه ڏيڻ تان گوليون هليو وڃن ته ڪٿي ٻارن جي جھيڙي تان سسيون لهيو پون.ڪٿي پيء پٽ ميت تي ان ڳالھ تي وڙهي رهيا آهن ته قبر جي اندر قرآن رکجي يا نه،قبر تي اذان ڏجي يانه. ڪڏهن عيد جو چنڊ ڏسڻ تي جھڳڙو آهي ته ڪٿي عيد ميلاد ملهائڻ يا نه ملهائڻ تي ڪفر جون فتوائون جاري ٿي رهيون آهن.ڪٿي اسپتالن ۾ مريضن ۾ جھيڙو آهي ته پهرين ڊاڪٽر کي ڪير ڏيکاريندو؟مطلب ته اسلامي جمهوريه پاڪستان جو سماج اهڙي صورت اختيار ڪري چڪو آهي جتي نه ته اسلام جو ڪواصول آهي،نه جمهوريت جي ڪا روايت ۽ نه ئي پاڪيزگيء جو ڪو نمونو! ٻڌڻ ۾ آيو آهي ته متحده عرب امارتن جي حڪومت ملڪ ۾ هڪ “وزارت برداشت” قائم ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي،ٿي سگھي ٿو ته عرب سڳورن جي ريس ۾ اسان جا حڪمران به پاڪستان ۾ اهڙي وزارت قائم ڪرڻ جو فيصلو ڪن پرجي اها قائم ٿي به ويئي ته وزارت برداشت ۾ ويٺل همراه جيڪي هڪٻئي جون ڳچيون پٽيندا سي دنيا ڏسندي!اسلامي نظرياتي ڪائونسل جي اجلاسن ۾ ان “عظيم برداشت” جا منظر اسان اڳيئي ڏسي چڪا آهيون.هونئن به اڄ ڪلھ پاڪستان ۾ ريسلنگ جو فن زوال جو شڪار آهي ان ڪري ڏسندڙن کي ڏسڻ لاء ڪو تماشو ملي وڃي ٿو.مذهب جي نالي تي جاري هي فرقيواريت جي راند جنهن ۾ سمورا فرقا پنهن جو پاڻ کي توحيد پرست ۽ عاشق رسول ۽ ٻين کي مشرڪ، ڪافر ۽ دشمن رسول ثابت ڪرڻ جي چڪر ۾ ﷲ جي گھرن يعني مسجدن کي اهڙيء طرح ورهائي چڪا آهن جو هڪ فرقي سان تعلق رکندڙ ٻئي فرقي وارن جي مسجد ۾ نماز پڙهڻ ته ٺهيو پر مسجد جي ڀرسان گذرندي به پنهن جو منهن ڦيري ڇڏي ٿو.صرف اهو ئي نه پر هر ڪنهن جي پنهن جي نماز،هر ڪنهن جو پنهن جو جمع،هرڪنهن جي پنهن جي عيد ۽ هرڪنهن جو پنهن جو جنازو آهي.هي سماج ۽ هي رياست جتي اقتدار جي تخت تي ويٺلن کي اهو گھمند ۽ گمان آهي ته هتان جي شريفن کي خدا نوازي رهيو آهي پر حقيقت اها آهي ته عدم برداشت جي ڪن ۾ ڦاٿل اسان جي هن ڪشتيء.کيفرقاپرستي، انتهاپسندي ۽ تعصب جي اهڙو سخت طوفان سامهون آهي جيڪو اسان کي نظر ته نٿو اچي پر اهو اسان کي تباه ۽ برباد ڪري ڇڏيندو.ان ڪڙي حقيقت کي ڪوبه تسليم ڪرڻ لاء تيار ناهي ته اسان جا رويا هڪٻئي سان تنگ نظري،تعصب ۽ نفرت وارا بڻجي چڪا آهن.جنهن جا مظهر اسان کي روزانو پنهن جي آسپاس نظر اچن ٿا.مثال اڄ ڪلھ اسان وٽ آل پارٽيز ڪانفرنسز جو وڏو رواج آهي،انهن اي پي سيز ۾ ويٺل سياسي مخالفن جي انداز مان ٽمندڙ غضب جي منافقت،سندن عدم برداشت ۽ تنگ نظري ڏسندي اهو اندازو لڳائي سگھجي ٿو ته انهن جي دلين ۾ هڪٻئي جي لاء ڪيتري سياسي عداوت ۽ فرقاپرستيء وارو زهر ڀريل آهي تنهن هوندي به منهن تي منافقت جي اهڙي مصنوعي مرڪ سجايل نظر ايندي جو خدا ڏئي پناه!ڇا اهو سچ ناهي ته مفادن جي بنياد تي جوڙيل استادن،ڊاڪٽرن،ڪلرڪن،وڪيلن،عورتن،اقليتن ۽ آفيسرن جي تنظيمن جا عهديدار ۽ ميمبر خود هڪٻئي سان خطرناڪ حد تائين حسد رکڻ سبب هر وقت هڪ ٻئي جون ٽنگون ڇڪيندا رهن ٿا؟ستايلن، لاچارن،يتيمن ۽ انساني حقن جي نالي تي قائم ڪيل انجمنن جا اڳواڻ عهدن ۽ مفادن جي ڊوڙ ۾پنهن جن ئي ساٿين کي لتاڙي اڳتي نڪرڻ جي ڪوشش ڪندا رهن ٿا ۽ ڪڏهن ڪڏهن هڪٻئي کي قتل به ڪرائي ڇڏين ٿا.جڏهن اسان چئون ٿا ته اسان پنهن جي دشمن کي معاف ڪري ڇڏيو آهي ته اهو به نسورو ڪوڙ هوندو آهي،اها اسان جي ڪا مجبوري يا ڪو مفادن جو معاملو هوندو آهي جنهن کي اسان منافقت وچان معافي يا مفاهمت جو نالو ڏيون ٿا، اندر ۾ ته اها ئي بغض جي باه،اهو ئي حسدن جو هجوم ۽ اهو ئي غرورجو گھمنڊ قائم هوندو آهي، بس موقعو ملي ته ڏنگي وٺجي،واري۾ اچي ته وڪڙ وجھجھي.ڪي ته ميت کي به معاف نٿا ڪن، جنازي جي جلوس۾ به اهو زهر هاري رهيا هوندا آهن ته ان فرقي جي ماڻهن جي جنازي نماز به نه پڙهڻ گھرجي،وس ۾ هجي ها ته اهڙن سنگدلن جي نفرت ڀري زبان ۽ بغض ڀريل دل ئي ڪڍي اڇلي ڇڏجي ها، جن وٽ اوڳاڇڻ لاء نفرتن جي زهر کان سواء ٻيو ڪجھ به نه آهي.ڪاش محبت جي ڪا اهڙي انجيڪشن ايجاد ڪئي ويئي هجي ها جيڪا هن قوم کي لڳائي ڇڏجي جو انهن ۾ برداشت، سهپ،صبر،تحمل،بردباري، انسانيت سان محبت، انسانيت جو احترام واپس موٽي اچي، دلين کي ٽوڙڻ جي بدران دلين کي جوڙڻ جو ڏانء پيدا ٿي پوي،صرف ٻين جون خرابيون ڳولهڻ جي بدران پنهن جون اوڻايون ۽ عيب ڳولهڻ واري نظر پيدا ٿي پوي. ڳالهيون گھڻيون سخت آهن، انهن ڳالهين جو مقصد ڪنهن جي دل ڏکائڻ به نه آهي پر سچ اهو ئي آهي ۽ جيڪر اسان ان ڪڙي سچ کي قبول ڪرڻ بدران ان تي منهن گھنجائينداسين ته سچ جي صحت تي ڪو اثر نه پوندو البته اسان وري پنهن جو پاڻ کي دوکو ڏيئي ڪجھ دير لاء دل مطئمن ڪري وٺنداسين ته سڀ ڪجھ ٺيڪ آهي، جهڙيء طرح اٺ پکي ڪنهن خطري کي سامهون ڏسي واريء ۾ منهن هڻي سمجھندو آهي ته “ سڀ ڪجھ ٺيڪ آهي.”!