محترم راجا ساند پاران گوگل پلي اسٽور تي آندل سنڌي ڪتابن جون ائنڊرائڊ اپليڪيشنز

'موبائيل جي دنيا' فورم ۾ سليمان وساڻ طرفان آندل موضوعَ ‏3 اپريل 2016۔

  1. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    [​IMG]

    سمارٽ فون جي دنيا ۾ ائنڊرائيڊ اپليڪيشنز ڇا آيون انقلاب اچي ويو. سنڌي ٻوليءَ جا ڪجهه خوبصورت ڪتاب به ائنڊرائڊ اپليڪيشنز جي صورت ۾ اچڻ لڳا آهن. ان سلسلي ۾ محترم راجا ساند جون ڪاوشون قابل تعريف آهن. سندس پاران گوگل پلي اسٽور تي آندل سنڌي ڪتابن جون ائنڊرائڊ اپليڪيشنز :

    1. اشرف پليءَ جو پهريون شعري مجموعو ”جوڀن پهريان ڏينهن“
    2. محترم حليم باغي ءَ جو شعري مجموعو ”اڙي شهرِ جانان“
    3. خالد ڪنڀر جي ڪالمن جو مجموعو ”گودڙي“
    4. عيسيٰ ميمڻ جي ڪالمن جو ڪتاب ”سياست، تاريخ ۽ ڪردار“
    5. الحاج احمد ملاح جي قران ڪريم جي منظوم ترجمي مان ”سوره ياسين“ منظوم ترجمي سان.
    6. اياز عمراڻي جو شعري مجموعو ”لکاڪي ۾ چنڊ“
    7. محترم اڪبر لغاري ءَ جو تحقيقي ۽ تاريخي ڪتاب ”سنڌي ادب جو مختصر جائزو“

    هن لنڪ جو ڀيرو ڀريو
     
    5 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. عبدالغني لوهار

    عبدالغني لوهار
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏3 جولائي 2009
    تحريرون:
    3,207
    ورتل پسنديدگيون:
    5,227
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    523
    ڌنڌو:
    ڪوسٽ گارڊ ۾ ملازمت
    ماڳ:
    اصل شهر وارھ ، موجوده ڪراچي
    تمام سهڻي ڪوشش آهي ، ڊولپر راجا ساند جن جي حوصله افزائي ڪجي ٿي ۽ اميد ته سنڌي ادب ۾ جيترا ٿي سگهن ڪتاب اينڊرائيڊ لاءِ پلي اسٽور تي آندا وڃن ، لک قرب سدا سلامت هجو
     
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  3. راجا ساند

    راجا ساند
    فعال رڪن

    شموليت:
    ‏14 اپريل 2014
    تحريرون:
    40
    ورتل پسنديدگيون:
    88
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    68
    سلام دوستو!

    اوهان سڀني کي اهو ٻڌائيندي تمام گهڻي خوشي ٿي رهي آهي ته مون هڪ ننڍڙي ڪوشش ڪندي سنڌي ادب جي ڪجھ ڪتابن کي اينڊرائيڊ اپليڪيشن جي صورت ڏني آهي ۽ انهن کي پلي اسٽور تي رکيو آهي. اوهان پلي اسٽور تي راجا ساند لکي ڳولهيندا ته اپليڪيشن اچي وينديون. وڌيڪ دوستن جي سهولت لاءِ هن لنڪ تي ڪلڪ ڪريو.

    اوهان سڀني دوستن کي گذارش ته گوگل پلي اسٽور تي اپليڪيشنز جي باري ۾ ريٽنگ ضرور ڪندا ۽ ڪمينٽس جي صورت ۾ پنهنجي صلاحن کان ضرور آگاھ ڪندا.

    لک قرب توهان سڄڻن جا.
     
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو