آدرش آدرش نوٽ بڪ جا ورق - اياز ته اياز آهي ني ! -02

'ڪالم' فورم ۾ سليمان وساڻ طرفان آندل موضوعَ ‏3 اپريل 2016۔

  1. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    [​IMG]

    نوٽ بڪ جا ورق - اياز ته اياز آهي ني ! -02

    آدرش

    ول ڊيورانٽ فلسفي ۽ تاريخ کي سؤلو ۽ سادو لکي سگهندو هو. بادشاھ ۽ ڪاريگر ليکڪ هو. وڏو شان مان وارو اُستاد هو. هن جي ليڪچر ڏيڻ جو انداز، اهڙو ته جادوءَ وارو هو، جو ٻڌندڙ مُنڊجي ويندا هيا. هن آمريڪا جي يونيورسٽيءَ کان سواءِ ٻين ملڪن ۾ وڃي ڪري ليڪچر ڏنا. هو هندوستان به آيو هو، جڏهن اسان جا پڙڏاڏا هندستاني هيا.
    آمريڪا جي يونيورسٽيءَ ۾ هڪ ڏينهن ليڪچر ڏيندي ڏيندي، سوچ ۾ گم ٿي ويو. ميز تان چاڪ کڻي، خالي بورڊ تي هڪ جملو لکي، چاڪ ڪلاس جي ڪنڊ ۾ اُڇلائي، پينٽ جي کيسن ۾ هٿ وجهي تڪڙو تڪڙو ڪلاس مان هلي ويو. بليڪ بورڊ تي ول ڊيورانٽ جو لکيل جملو ته ڪنهن ڊسٽر سان ڊاهي ڇڏيو، پر ماڻهن جي من جي سليٽ تي اهو اڄ به لکيل آهي:”زائفان ذات اُها شئي آهي، جيڪا دل ڀڃڻ ۽ گهر ڊاهڻ جو وڏو هنر رکندي آهي.“

    ***

    نوي جي ڏهاڪي ۾ منهنجو ڪکن پنن جو آکيرو، شانتي نگر ڪراچيءَ ۾ هو. اُتي ڪنڌ ۾ ڪِلي هڻي گهمندڙ ٻه ٽي ٽيلي ويزن جا سنڌي پروڊيوسر ۽ بدڪردار اداڪار رهندا هيا. هڪ ”ڪوري مت ٿوري“ صحافي به رهندو هو، جيڪو وري ” نيويارڪ ٽائمس“ جي ايڊيٽر جي لوڏ هلندو هو. هن جا جهڙا هُيا ردي ليک، تهڙو پاڻ بڇڙو هو.
    مان رات جي روشني ۾ بل بورڊس تي ڇپيل اشتهارن ۾ جرڪندڙ اڌ اگهاڙين سندر ماڊل ماين کي ڏسندو، گهمندي پنهنجو هانءُ ٺاريندو ۽ رات جو جرڪائيندو هيم.
    جن قرب وارن سان سڪ جو سونو سڳو ٻڌل هو. جيڪي محبتون ڏيندا هيا، تن جو وڃي وانداڪائيءَ ويل در کڙڪائيندو هيم، ته قرب ۽ ڳالهين جا ڪوٽ اڏجي ويندا هيا.
    ول ڊيورانٽ سان مونکي قمر جميل صاحب ملرايو هو. قمر صاحب اردو جو جديد شاعر ۽ ڄاڻو نقاد هو. هن جا ٻه شعري مجموعا ”چهار خواب“ وغيره ۽ هڪ تنقيد تي ڪتاب ڇپيل آهن. هن ”دريافت“ نالي رسالي جا اٺ کن ڏاڍا سٺا ادبي پرچا ڪڍيا. سچو ماڻهو هو. دونمبري ۽ ترڪتالي ايڊيٽر ڪونه هو، سو اشتهار نه مليس. وي.سيءَ ۾ نڪتل پئسا سڀ رسالي ۾ پورا ٿي ويس، ته رسالو به پورو ٿي ويس.
    قمر صاحب ريڊيو جو رٽائرڊ ملازم هو. جڏهن رستي تان اُسَ ڪنهن دڪان اڳيان ڪنهن قرض رکائيندڙ وانگر کسڪي وڃي، ته مان گلشن چورنگيءَ کان ٽُڪر پنڌ تي قمر پلازه جي هڪ فليٽ جي گهنٽي وڄائيندو هيم. اها گهنٽي قمر جميل صاحب جي فليٽ جي هوندي هئي. هڪ ٻارڙي، درتي اچي نالو پڇي ويندي هئي. جهٽ گهڙيءَ کان پوءِ قمر صاحب در کولي آڌرڀاءُ ڪندو هو.
    دروازو ٽپي، ڪنڊ واري هڪ ماچيس جيتري ڪمري ۾ ايندا هياسون. مان صوفي تي ويهان، قمر صاحب سامهون هڪ ننڍڙي صندل تي ويهندو هو. ان تي غاليچو وڇايل هوندو هو. جنهن تي وڻ ٺهيل هوندا هيا.
    قمر جميل صاحب گوڏ گنجيءَ ۾ هوندو هو. بت ۾ ڀريل، پويان وار وڏا، ڪلين شيوڊ، عينڪ پائي، صندل تي طول وهاڻي کي ٽيڪ ڏئي ويهندو هو، ته مون کي هو آڳاٽي هندستاني جو ڪو ڀڪشو لڳندو هو.
    قمر جميل صاحب ڳالهين جي ڳنڍ کي کوليندو ويندو هو. ڳنڍ مان رنگ برنگي اڳڙيون نڪرنديون وينديون هيون. اُٿڻ مهل منهنجي هٿن ۾، ڳالهين جي هڪ سهڻي رلهي ٺهيل هوندي هئي. جنهن کي مان ڪلهي تي رکي، گهر کڻي ايندو هيم.
    ”شيخ صاحب ! يار توهان جو سنڌيءَ جو شاعر اياز ڏاڍو سٺو شاعر آهي. نه؟ ”قمر صاحب چوندو “ ها سائين! بالڪل تمام وڏوشاعر آهي ” مان وراڻيندومانس.
    ”ان اياز مان هڪڙو اردو شاعر وڏي ڪمائي ڪري ويو“
    ”ڪهڙو سائين؟“
    ”اهو ترنم ۾ جيڪو شعر پڙهندو آهي ته گويو لڳندو آهي.“
    ”الائي ڪهڙو ٿا چئو؟“
    کلي چوندو: ” اڙي بابا! اهو حمايت علي شاعر، اياز تي ڪتاب لکيائين. ”اياز- شخص و شاعر“ پروفيسر ٿي ويو.
    ”قمر صاحب! اياز صاحب ڪهڙو به آهي، پر جيڪو نياز نوڙت سان مليس ته ان کي سونو ڪري ڇڏيندو. هاڻي ڏسو! اهو ڪمرشل رائيٽر احمد سليم به اياز صاحب مان لکين رپيا ڪمائي ويو.“
    ”اڇا ! ان ڇا ڪيو؟“
    ”ان اياز صاحب جي شاعري پنجابي ۾ ترجمو ڪئي جيڪا ” جو بيجل ني آکيا“ جي نالي سان ڇپي آهي.“
    ”ها..ها.. اهو فهميده رياض به ته ان جي شاعريءَ کي اردوءَ ۾ ترجمو ڪيو آهي نه؟ ان کي گهڻو ڏنائين“
    ”نه قمر صاحب نه، فهميده رياض صاحبه ويل مائي ناهي. وڏي گڻائتي زائفان آهي. هوءَ اياز صاحب جي وڏي معتقد آهي. هن بنا لالچ لوڀ جي، اياز صاحب جي محبت مئون سندس شاعري اردو ۾ ترجمو ڪئي آهي.“
    ”اڇا! اڇا! ان ڪتاب جو نالو ڇاهي؟“
    ”حلقه ميري زنجير ڪا“
    ”سٺو نالو آهي.“
    ڇوڪري هڪ ڊيش ۾ چانهن جا ٻه مڳا کڻي ايندي. ننڍڙي ميز تي رکي ويندي. چانهن جا گرم گرم ڍڪ ڀريندي، قمر صاحب يوناني فلسفين وانگر ڳالهين ۾ شروع ٿي ويندو.
    ”شيخ صاحب! هوءَ ويچاري شاعره جي نه اياز سان ملي ها ته اياز سندس زندگي ٺاهي ڇڏيس ها.“
    ”ڪير؟ سائين!“
    ”اها يار! پنهنجي ساره شگفته“ ايئن چئي قمر صاحب، عينڪ لاهي، گوڏ جي پلوَ سان شيشا اگهي، چوندو ”ڪيڏا نه سور سهي وئي. ڇا ته نثري نظم لکي وئي. هاءِ..هاءِ..“
    ”قمر صاحب! ساره صاحبه خودڪشي ڇو ڪئي؟“
    ”اڃا نه ڪري ها؟ ويچاري دوزخ جي تري ۾ ته هئي. ويچاريءَ پنهنجي جان ڇڏائي آجي ڪئي. سٺو ڪيائين. اسان جا اهي شاعر اديب ڪي چڱا آهن ڇا؟ سڀ Bastards آهن. انهن ئي ته حياتي وهُه ڪيس.“
    ”اڇا!“
    ” نه ته ڇا! ٻچا ٻڌُ! اڄ جي ڳالهه کلي آهي ته ٻڌايانءِ ٿو. ساره شگفته اصل ۾ گهريتڙي ڇوڪري هئي . ڏاڍي غريب گهر جي هئي. ائين سمجهه جهوپڙيءَ ۾ رهندي هئي. خانداني شاديءَ ۾ مڙس طلاق ڏني هيس. ان کان پوءِ فئملي پلاننگ ۾ ليڊي هيلٿ ورڪر جي نوڪري مليس. گرو مندر وٽ آفيس هيس. ساڳئي دفتر ۾ شاعر احمد جاويد به ڪم ڪندو هو. هاڻي پڪو ملان ٿي ويو آهي ۽ لاهور جي اسلامي اداري ۾ سٺي عهدي تي آهي.
    اهو چنڊو عاشق ٿي پيس. ميل ميلاپ شروع ڪيائين. هوٽلن ۾ وٺي وڃي چانهيون پيئارڻ ۽ مانيون به کارائڻ لڳس. غريبڙي به هئي ته ويچار ڏاڍي سادي به هئي. دام ۾ ڦاٿس، ٻول ٻچن ڏئي شادي ڪيائينس.
    جاويد جو گهر اديبن شاعرن جو اڏو، سڀ مئا پيا هوندا هيا. شاعري ۽ فلسفا وڌيڪ، مانيون گهٽ، مان، احمد هميش، افضال احمد سيد، انورسِن راءِ ۽ عذرا عباس هوندا ئي هوندا هياسون. ٻيا به اچن. ميڙا مچن. هڪ ڇت هيٺان رهندي، ننڍڙي جاءِ ۾ ساره ڪاڏي وڃي؟ چنڊال چوڪڙيءَ سان ويهڻ لڳي. چرين جي چرين ڳالهين ۾مزو اچڻ لڳس. ڪتابن جي آڏو به سُرندي آئي. هڪ اڌ سگريٽ به پيئڻ لڳي.
    افضال چريو پٽ شاعر به ڏاڍو سٺو ته پڙهاڪو به وڏو ته شوقين جوان به. اهو ٿيو ساره تي عاشق، عاشق به اهڙو جو صفا مجنون بڻجي ويو. مائي به پٽڙيءَ تان لهي وئي. نيري ڇٽيءَ واري جا عجب کيل آهن نيٺ شادي ٿي وين. افضال وٽ ڄڻ باندي بڻجي وئي. هڪ ڪمري ۾ بند ڪري ڇڏيائينس. هوءَ ڪجهه ڪڇي ته ڪٽڪو به ڏيئس. ڏاڍو تنگ ٿي. آخر طلاق وٺي جان ڇڏايائين.
    شيخ صاحب! پوءِ ته ويچاري حال کان نڪري بي حال بڻجي وئي، چري ٿي پئي، چاڪ ٿي وئي ته جنس ڪهاڻي Sex Story بڻجي وئي. سڀ زنده جاويد ڪردار رب جي فضل سان سڀ منجهائنس خوش، ساره سدوري رُلي وئي.“
    مون ڏٺو ته قمر صاحب جون اکيون ڄڻ آليون ٿي ويون. مون مٿان به اداسيءَ جو ناسي رئو پئجي ويو. قمر جميل صاحب ٿڌو شوڪارو ڀريو. جهٽ رکي چوڻ لڳو:
    ”اها توهان جي ڪهڙي سنڌي شاعره آهي، نالو ڇا اٿس؟
    ”الائي ڪهڙي؟ سر! منهنجي ذهن تي ڪونه آئي“.
    ”اها ابا! جيڪا اڄڪلهه جهنڊا کڻي ٿي گهمي. اهو نالو به چڱو اٿس يار!
    ”ڇڏيوس نالي کي ان کي ڇا هي؟ سر!“
    ”ساره کي بک لڳل هجي. ان ڏينهن ويچاريءَ وٽ ٽڪو به ڪونه هو سو ان ڏانهن وئي. ڇڙو ڏھ رپيا اڌارا گهريا هيائينس ته گهران ڌڪا ڏئي ڪڍيو هيائينس. يار! ماڻهو ڪيستائين ذلتن کي منهن ڏئي؟ ٻڌاءِ نه؟ زائفان ذات، اڪيلو سر ڪو اوهي نه واهي. نصيبن ۾ رڳو ڌڪا ٿاٻا. نيٺ ويچاريءَ سر پٽڙيءَ تي رکيو. ريل جو ڊرائيور اهو نه ڏسي سگهيو ته پٽريءَ تي ڪيڏي ڏکويل شاعره ستل آهي.“
    رات چڱي ٿي چڪي هئي. مان قمر صاحب کان موڪلائي، بس اسٽاپ تي اچي، مني بس ۾چڙهيم. دريءَ مان نهاريم، فوٽ پاٿ جي پريان هڪ وڻ نظر آيو. مون کي قمر جميل صاحب جي شعر جون ٻه سٽون ياد آيون.

    سُتل جهرڪيءَ کان ته پڇ،
    رات اڃا باقي ڪيتري آهي؟

    ***
    قمر جميل صاحب ڪتابن پڙهائڻ جا قرب ڪندو رهندو هو. هڪ ڀيري ول ڊيورانٽ جو مشهور ڪتاب Pleasure of Philosophy جو اردو ۾ ترجمو ” نشاطِ فلسفه“ ڏنائين. اردوءَ ۾ ول صاحب جو پهريون ڪتاب ترجمو ٿيل هو ۽ سٺ جي ڏهاڪي جو ڇاپو هو. ترجمو ڏاڍو سٺو ۽ آسان هو. ڪتاب کنيم ته پورو ڪري پوءِ ڇڏيو مانس. ان جو ترجمو فلسفي جي اُستاد، ذهين ۽ نيڪ دل انسان ڊاڪٽر محمد اجمل ڪيو هو. ڊاڪٽر صاحب سچ پچ ايڏو ڌيان پنهنجي اولاد تي به نه ڏنو هوندو جيڏو ڪتاب جو ترجمو ڪرڻ تي ڏنو هيائين.

    ***

    ڊاڪٽر محمد اجمل لائق انسان هو. هن جي سگريٽ پيئڻ جو انداز به نرالو هو. سڄي هٿ جي ٻن آڱرين ۾ سگريٽ هوندو هيس. رکي رکي نفيس نموني ڪش هڻندو هو. ڳالهائيندو هو ۽ سگريٽ ٻرندو رهندو هو. ڳالهائڻ ڪري ڪش نه هڻي ته سگريٽ جي اڌ تائين ڦلو ٿي وڃي پر اُهو هيٺ نه ڪرندو هو.
    ڊاڪٽر صاحب پڇاڙيءَ ۾ وفاق ۾ تعليم جو سيڪريٽري هو. جنرل ضياءَ الحق جو دور هجي. پنجاب يونيورسٽي ڪئمپس ۾ شاگردن ۾ ڊگريون ورهائڻ جي تقريب هجي. ڊاڪٽر اجمل صاحب به سيڪريٽري تعليم هئڻ ڪري، اُتي موجود هو.
    ان وقت، جماعت اسلامي پاڪستان جو هاڻوڪو سيڪريٽري لياقت بلوچ شاگرد اڳواڻ هجي، يونيورسٽيءَ ۾ کاٻي ڌر جي شاگردن جو نڪ ۾ دم ڪيو هيائين. سو به موجود هو.
    تقريب جي پڄاڻي ٿي ته هيءَ ٻه ٽي مشٽنڊا وٺي، ضياء الحق سان وڃي مليو. هن کي چوڻ لڳو: ”جنرل صاحب! سٺي ڳالهه آهي جو اوهان اسلام جو جهنڊو کنيو آهي. اسان اوهان سان گڏ آهيون. هاڻي به اوهان تقرير ۾ اسلامي تعليم جون ڳالهيون ڪيون. پر افسوس اهو آهي ته جو تعليم جو سيڪريٽري هڪ ملحد ۽ سرخو آهي. اها ڳالهه ٺهي نه ٿي.“
    هن جي اها ڳالهه مت جي موڙهي ٻڌي، ته ان ئي گهڙيءَ، آمر ضياء بيٺي پير، ڊاڪٽر اجمل صاحب کي هٽائڻ جو نادري حڪم جاري ڪيو.
    ڊاڪٽر محمد اجمل صاحب سگريٽ دکائي، اطمينان سان ڪش هڻندو، گهر ڏانهن روانو ٿي ويو.

    ***
    ول ڊيورانٽ جا پنج کن ڪتاب اردوءَ ۾ ترجمو ٿي چڪا آهن. اُنهن جو ترجمو گذاري جهڙو آهي. ڊاڪٽر اجمل صاحب جهڙي ٻولي ڪير لکي ؟ سنڌيءَ ۾ هڪ اڌ مضمون، مختلف رسالن ۾ ترجمو ٿيا آهن. هڪ مضمون جو ترجمو آغا سليم صاحب ڏاڍو سٺو ڪيو آهي. ول ڊيورانٽ جي هڪ ڪتاب History of Islamic Civilization جو سنڌيءَ ۾ ترجمو ڪجهه عرصو اڳ ” اسلامي تهذيب جي تاريخ“ جي عنوان سان پڇيو آهي. ان جو ترجمو صحافي همسفر گاڏهي پڻ سولو ڪيو آهي.

    ***
    ايريل (Ariel) نالي هڪ سهڻي ڇوڪريءَ، روس جي هڪ يهودي ڪٽنب ۾ جنم ورتو. هن جا وڏا لڏپلاڻ ڪري آمريڪا جي شهر نيويارڪ ۾ آيا. ڏاڍا غريب هيا. ڏکن ڏاکڙن سان مڙس ٿي منهن ڏنائون.
    ايريل يونيورسٽي ۾ پڙهڻ لڳي ته وِلِ جهڙو عالي شان اُستاد مليس. هوءَ هن مٿان موهت ٿي پئي. ول به گهائل ٿي ويو. هڪ گهوڙي تي چڙهي، زندگيءَ جو سفر شروع ڪيائون ته جيون سڦل ٿي وين. پل پل پيار ۾ گذرين. هڪ کٽ تي گڏجي سُمهيا به، ته وري لکڻ پڙهڻ جو ڪم به گڏجي سڏجي ڪيائون. ڏاڍي سٺي زندگي گڏجي گذاريائون.
    ول ۽ ايريل گڏجي ڪري پنهنجي آتم ڪٿا به لکي. هڪ بابُ ول لکيو آهي ته ٻيو بابُ ايريل لکيو آهي. ٻنهي ڄڻن سچائي ۽ سادگيءَ سان زندگيءَ جي هر پهلوءَ تي سليقي سان، سهڻي انداز ۾ لکيو آهي. اردوءَ ۾ سندن ڪتاب جو ترجمو ٿيو آهي.
    ول ڊيورانٽ جنسي زندگيءَ تي پڻ سچائيءَ سان لکيو آهي. ول صاحب ڇوڪراڻي وهيءَ ۾ ان باھ جي حوالي سان لکيو آهي ته ” هڪ ڏينهن جنسي باھ ايڏو وٺ ڪيو جو جو مون ان کي وسائڻ لاءِ، سڄو ڏينهن محنت ڪئي“

    ***
    مون ڪتاب ورتو ته شاعر دوست ۽ عاشق جيئڙو علي زاهد به اچي، مُرڪي ڪري، ڀاڪر پائي مليو. سٺو شاعر هئڻ سان گڏ کلڻو ملڻو جوان آهي. هن سان گڏ اردو شاعر سرفراز سخي به هو. جنهن کي سونهاري هئي، ته وارن ۾ پويان ڪلثوم جهڙي ربن به ٻڌل هيس.
    اسان سڀ گڏجي، آرٽس ڪائونسل کان ٻاهران چانهن پيئڻ لاءِ، ڪيفي حسنين تي آياسون، سڀ ئي چانهن جا شوقين مڙس هياسون. هونئن به چانهن نه پيئندڙ ماڻهو حسن ۽ سچ کي ڇا سمجهي سگهندو!
    هوٽل ۾ رش هئي جو ڪا ڪرڪيٽ مئچ هلي رهي هئي. اسان سڀ هڪ صندل تي ويٺاسون. مئچ تي شايد شرط به هلي رهي هئي جو اها بيماري سنڌ ۾ وائرس وانگر ڦهلجي وئي آهي. مون سوچيو ته هت سڀ شرطي ويٺا آهن، اتي جيڪڏهن جاگيراڻي صوبيدار هنيو ڇاپو، ته اسان به ناحق ۾ ٿاڻي تي هٿيڪا، پوءِ آڪ پت ئي ٻڏي ويندي.
    اسان ويٺاسون ته منور سولنگي سٺي چانهن چوڻ لاءِ ڪاريگر کي پارت ڪرڻو ويو. شاعر سرفراز سخيءَ جي پتي تي اسان شڪارپوري نه پياسون. هن کي ٺپ ڪونه وڻياسون. سو گهٽ لائيٽ ۾ به اخلاق انصاريءَ جي ڪهاڻي جي اردو ترجمي واري ڪتاب کي پڙهڻ ۾ ائين لڳي ويو ڄڻ صبحاڻي پيپر هُجيس.
    منور ميان چانهن ٺاهيندڙ کي پارت ڪري موٽي آيو. هو ٻڌائڻ لڳو ته چانهن ٺاهيندڙ اسان جو خاص خيال رکندو. نالو غلام فريد اٿس ۽ هو نامياري ۽ وساريل ڏاهي ليکڪ الهداد ٻوهيو صاحب جي سالي جو پٽ آهي، سو ان ناتي هو اديبن جو قدر ڪندي، سٺي چانهن ٺاهي موڪليندو آهي. شابس اٿس.
    ڊاڪٽر الهداد ٻوهيو صاحب ٻوليءَ ۽ تنقيد جي حوالي سان وڏو ڪم ڪيو آهي. جيڏو وڏو ڪم ٿيل اٿس، اوڏوئي وساريو ويو آهي. هو هڪ شانائتو اُستاد پڻ هو. ڏاهو ماڻهو هو.
    افسوس! اسان وٽ مها ڏاها اُهي آهن جن ترجما ڪيا آهن، جن مائي سسئيءَ جي چوڻ تي سواتي پٺاڻن جي آيل لوڌ جو گلن جا هار کڻي آڌر ڀاءُ ڪيو. جن اياز کي لڪي ڪري پٿر هنيا. جن زور آوري ڪري کيس ڪراڙ ڍنڍ ۾ اُڇلائي ڇڏيو.

    عوامي آواز سنڊي ميگزين 2 اپريل 2016ع
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو