سمي چنا جو فن سنڌ ڌرتي هميشه اهڙا پٽ ڄڻندي رهي آهي، جن سنڌ جي نالي ثقافت ۽ تمدن کي قائم رکڻ ۾ پاڻ نڀايو آهي، سنڌ ڌرتي تي هزارين اهڙا ماڻهون پيدا ٿيا آهن جن پنهنجي وقت ۾ پاڻ ڳڻايو آهي، پر افسوس جو انهن شخصيتن کي ڄاڻي واڻي نظرانداز ڪيو ويو آهي، سنڌ هون ته هر فن ۽ ڪمال ۾ پاڻ مڃرايو آهي پر هت مان آرٽ جي حوالي سان ذڪر ڪندس ۽ آرٽ ۾ جت سنڌ جي ٻين ماڻهن پاڻ مڃرايو آهي، اتي سمي چنا جو نالو ڪنهن کان گهٽ نه آهي، سمي چنا 25 مارچ 1961ع ۾ سنڌ جي مشهور شهر سکر ۾ جنم ورتو، شروعاتي تعليم حاصل ڪرڻ کانپوء نظام الدين ڏهر کان آرٽ جي سکيا ورتي۔ هت مان سندس فن جون ڪجهه جهلڪيون توهان سان ونڊ ڪيان ٿو۔ سمي چنا جون تيار ڪيل ڪجه تصويرون http://www.youtube.com/watch?v=eLED4vjvKVU
جواب: سمي چنا جو فن تمام بهترين ممتاز وگهيا توهان جي موڪليل هن ونڊ سان ماشا الله سنڌ سلامت جو اڱڻ مهڪي پيو ۽ سنڌ سلامت اسٽوڊيو اُجري پيو۔ زبردست تمام گهڻو خوش ٿياسين لک لائق۔
جواب: سمي چنا جو فن ۽ خاص ڪري اها منظر ڪشي جنهن ۾ ويڄن ويٺي ئي، دوست پيهي در آيو ۔۔۔ ويڄ ۽ طبيب ويٺا آهن، مريض کٽ تي آهي پر جيئن ئي محبوب تي نظر ٿي پويس ته سڀ درد دور ، سڀ مرض ختم ۽ ماڻهون نئون بنو ۔۔۔ اندر ٺري پيو ۔۔۔