رسول بخش دائودپوٽه
سينيئر رڪن
شهيد ذولفقار علي ڀٽي جي مرتيي تي
______________________________
جنهن کي نه هو هٿيار هٿ ۾ تنهن کي ڦاسي تو ڏني
اي وقت جا منصف موچارا جنهن تي ڌرتي سڀ رني
کيل تنهنجا خواهشن جا ماڻهو ماري ٿو کلين
حيف تنهنجي حال تي ڀونءِ ساري ٿي ڀني
ڪو ڏوه جنهن جو ڪين هو وفا جو امين هو
تنهنکي تو بي موت ماريو اهڙي عادت تو ڪني
جو ڏيه جو ڏاتار هو مسڪين لئه مهندار هو
جو ديس جو دلبر هيو جنهن ملڪ کي عزت ڏني
رهندي دنيا ياد رهندو مسڪين ماڻهن جي دلين
هو سراپا سڪ اڃا تون نه سگهندي سا ڇني
رسول بخش دائودپوٽه
______________________________
جنهن کي نه هو هٿيار هٿ ۾ تنهن کي ڦاسي تو ڏني
اي وقت جا منصف موچارا جنهن تي ڌرتي سڀ رني
کيل تنهنجا خواهشن جا ماڻهو ماري ٿو کلين
حيف تنهنجي حال تي ڀونءِ ساري ٿي ڀني
ڪو ڏوه جنهن جو ڪين هو وفا جو امين هو
تنهنکي تو بي موت ماريو اهڙي عادت تو ڪني
جو ڏيه جو ڏاتار هو مسڪين لئه مهندار هو
جو ديس جو دلبر هيو جنهن ملڪ کي عزت ڏني
رهندي دنيا ياد رهندو مسڪين ماڻهن جي دلين
هو سراپا سڪ اڃا تون نه سگهندي سا ڇني
رسول بخش دائودپوٽه