محمد خان سيال
سينيئر رڪن
تازو هڪ ٽي وي چينل تي مون ٻڌو ته ڪنهن شخص اعتراض ڪيو ته شهيد ڀٽو، صدارتي نظام جو حامي هو. مان، اهڙي پرپئگنڊا، شهيد ڀٽي طرفان ايوب خان جي حڪومت ڇڏڻ کان وٺي لاڳيتو ٻڌندو پيو اچان پر جڏهن شهيد ڀٽي، 1973 جو آئين جوڙيو ته ان ۾ پارلياماني نظام رکيائين، جيڪڏهن ڀٽو صاحب چاهي ها ته ٻين سياسي اڳواڻن سان صلاح مصلحت ڪري صدارتي نظام به رکي سگهي ها پر هن ائين ڪونه ڪيو. سندس جادوگر شخصيت بلوچ اڳواڻن (مينگل، بزنجو وغيره)۽ پـٺاڻ اڳواڻن (ولي خان وغيره) کي 1973 جي آئين تي مڃائي ورتو ته هو صدارتي نظام لاءِ به ڪنهن وڏي پريشانيءَ کان علاوهه کين مڃائي وٺي ها پر اهڙي پرچار ڪنهن به جائز سبب کانسواءِ اڃا به جاري آهي، شهيد ڀٽي ڪڏهن به اهڙي صدارتي نظام جي رسمي طور حمايت ڪونه ڪئي هئي پر سندس شهادت کي 37 ورهيه گذرڻ کانپوءِ به، سندس خلاف زهريلي پرچار اڄ به ڪنهن نه ڪنهن صورت ۾ جاري آهي.
اهڙي پرچار ۾ اڳوڻي بيوروڪريٽ روئداد خان (ڄمار اٽڪل هڪ سو ورهيه، جيڪو اڳوڻي صدر اسحاق خان جو ويجھو مائٽ آهي) جو مکيه هٿ آهي جيڪو ايڏي وڏي ڄمار جي باوجود ڪوڙ ڳالهائڻ کان باز نه ٿو اچي ۽ پاڪستان ۾ هر خرابيءَ جي پاڙ، هو شهيد ڀٽي کي سمجي ٿو. مون ڪجھه وقت انگريزي اخبار ڊان ۾ خط لکي کيس صلاح ڏني هئي ته هو پاڪستان اندر بيوروڪريٽس طرفان جمهوريت خلاف ڪيل سازشن کي به وائکو ڪري پر مٿس ان جو ڪو اثر ڪونه ٿيو. هونئن به روئداد خان ٽي وي انٽرويو ۾ يترو مڃيو هو ته اڳوڻي صدر اسحاق خان کي پاڪستان پيپلز پارٽيءَکان بڇان هئي ڇاڪاڻ ته سندس خيال هو ته پ پ پ کاٻي ڌر جي پارٽي آهي.
اهڙي ريت شهيد ڀٽي ڪڏهن به ون يونٽ جي حمايت ڪونه ڪئي هئي، نه جنرل ايوب جي دور ۾ ۽ نه ئي پوءِ پر افسوس ته ڪوڙا سنڌي قومپرست اهڙي پرچار جاري رکيو اچن. صحافي امداد اوڍيَ پنهنجن ساروڻين واري ڪتاب: جل مشعل جل ۾ لکيو ته شهيد ڀٽي ايران جي واپسيءَ تي در کي لت هڻي چيو هو: جيڪڏهن ون يونٽ نه ٽوڙيو ويو ته اسان هيئن ٽوڙينداسون.
2016