محمد خان سيال
سينيئر رڪن
ڪجھه وقت اڳ، ڪنهن شخص هڪ وڊيو، سوشل ميڊيا تي لڳائي هئي جنهن ۾ تڏهوڪي جيلر جو انٽرويو ڏيکاريو ويو هو جنهن ۾ اينڪر پرسن، جيلر کان پڇيو ته شهيد ڀٽي جي قومپرستيءَ جي باري ۾ هو ڇا ٿو ڄاڻي؟ جنهن تي جيلر سندس چوڻ موجب وراڻيو ته هڪ ڀيري بيگم ڀٽو، شهيد ڀٽي سان راولپنڊي جيل ۾ ملڻ آئي ۽ شڪايت ڪيائين ته جيل جي ڪجھه اهلڪارن ساڻس بدتميزي ڪئي جنهن تي شهيد ڀٽو ڪاوڙ ۾ ڀرجي ويو ۽ چيائين ته مون انهن فوجين جا 90 هزار قيدي، ڀارت کان ڇڏرايا، مونکي اهڙي خبر هجي ها ته مان سنڌو ديش ٺهرائي ساري حياتي ان جو صدر رهان ها. اهي لفظ جيلر جي واتان چيل آهن، ممڪن آهي ته اڃا به ڪجهه وڌيڪ چيو هجيس ـ
اهو ڪو پهريون ڀيرو ڪونه هو جو شهيد ڀٽي تي آزاد سنڌ يا سنڌو ديش برپا ڪرڻ جا الزام مڙهيا ويا هئا. ان کان اڳ به، جنگ اخبار ۾ فنانشل ٽائيمس، لنڊن جي حوالي سان شايع ٿيل هڪ خبر موجب، مٿس الزام هو ته جيل ٽوڙي کيس (شهيد ڀٽي) فرارڪجي ته جيئن هو اولهه جرمني (هاڻ جرمني) کان ويهي آزاد سنڌ جي تحريڪ هلائي سگھي. مون پاڻ اهڙي خبر اخبار ۾ پڙهي هئي. اهي حقيقتون آهن جيڪي ڪنهن به تبصري کانسواءِ لکيون اٿم.