• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

شهيد ڀٽي جي دور ۾ بلوچ قومپرست اڳواڻن، اردوءَ کي بلوچستان جي ٻولي قرار ڏئي سنڌين لاء مسئلا پيدا ڪيا

محمد خان سيال

سينيئر رڪن
اهم انڪشاف ۽ تلخ حقيقتون........بلوچستان جي بلوچ قوم پرست اڳواڻن اڳوڻي وڏي وزير عطاءَالله مينگل ۽ گورنرميرغوث بخش بزنجيَ، سنڌي ٻوليءَ جي سنڌ اسيمبليءَ ۾ بل اچڻ کان اڳ ئي، اردوءَ کي بلوچستان جي ٻولي قرار ڏنو هو جڏهن ته سرحد صوبي (هاڻ خيبر پختونخوا) جي قومپرستن (نيشنل عوامي پارٽي ۽ جميت العلماءَ اسلام مفتي محمود) ) جي سرڪار به اردوءَ کي صوبائي درجو ڏنو هو ـ

بلوچستان ۽ سرحد صوبي طرفان اردو کي صوبائي ٻوليون قرار ڏيڻ سبب سنڌ سرڪار تي سخت دٻاءُ پئجيِ ويو هو ته سنڌ ۾ به سنڌيءَ سان گڏ اردوءَ کي به صوبائي زبانون مڃيو وڃي، ٻين لفظن ۾ سنڌ کي ٻه لساني صوبو قرار ڏنو وڃي پر شهيد ڀٽي اهو زبردست دٻاءُ مڃڻ کان انڪارڪيو هو جنهن جي نتيجي ۾ سنڌ ۾ لساني فساد ڪرايا ويا هئا.

اها تلخ ۽ ترديد نه جوڳي سچائي آهي ته سنڌ اندر لساني فساد ڪرائڻ ۾ بلوچ ۽ پٺاڻ قومپرستن جو وڏو هٿ هو جن اردو کي پنهنجي پنهنجي صوبن جون اڳواٽ ٻوليون قرارڏنو پر بعد ۾ سنڌ، ائين ڪرڻ کان انڪار ڪيو هو ـ

ياد رهي ته پ پ پ سرڪار، سنڌ ۽ پنجاب ۾ سنڌي ۽ پنجابي ٻولين کي اڪيليون صوبائي ٻوليون قرار ڏنو هو.
 
Back
Top