• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

سنڌياڻي يا سعودياڻي

نثارابڙو

نائب منتظم


سعودي عرب جي پاڪ ۽ سهڻي شهر مڪي ۾ آباد پراڻا سنڌي، جيڪ هن وقت سعودي ٿي ويا آهن، جيتوڻيڪ سنڌي ڳالهائي نه سگهندا آهن ۽ سنڌ گهمڻ به نه ويندا آهن پر کين ڪنهن ڪنڊ ۾ اڃان به سنڌيت جا ڪرڻا موجود آهن ۔۔۔ انڪري جو مڪي شريف ۾ رهندڙ صدقه سنڌي جڏهن مونسان مليو ۽ کيس خبر پئي ته آ سنڌي آهيان ته هن مونکي پنهنجو سوٽ چيو ۽ پنهنجائپ جو اظهار ڪيو، ۽ سنڌ گهمڻ جي خواهش ڏيکاري ۔۔۔ جنهن مان محسوس ٿيو ته اڃان سندن ذهن ۾ سنڌيت جا ڪي ڪرڻا موجود آهن۔

سعودي عرب مان نڪرندڙ انگريزي اخبار عرب نيوز ۾ اڄ سندن ئي خاندان جي هڪ نياڻي ڊاڪٽرياڻي حيات سنڌي جي هڪ خبر شايع ٿي ته مونکي فخر ٿيو ته ان عورت جنهنجي نالي سان سنڌ جو نالو جڙيل آهي تنهن عرب دنيا ۾ نالو روشن ڪيو آهي۔ مونکي لڳو ته ڄڻ سنڌ جو نالو روشن ٿيو آهي ۔۔۔

ڀيڻ محترمه حيات سنڌي بايوٽيڪنالاجي ۾ ڊاڪٽريٽ ڪئي آهي، جيڪا عرب دنيا ۾ ڪنهن عورت جي ان مضمون ۾ پهرين ڊاڪٽريٽ آهي ۽ هي صاحبه سعودي عرب جي بهترين سائنسدان عورت آهي۔ تحقيق جي ميدان ۾ ڪيترائي ٻلا ۽ انعام کٽي سڄي عرب دنيا ۾ نالو روشن ڪري چڪي آهي۔۔۔

دوستو! جڏهن قومون آزاد هونديو آهن ۽ قومن جي هر فرد کي هر قسم جا وسيلا ميسر ٿيندا آهن ته پو معجزه ٿيندا آهن ۽ فردن جي روشني قومن کي چمڪائيندي آهي ۔۔۔ جيئن هڪ سنڌياڻي عرب دنيا ۽ خاص ڪري سعودي عرب جو نالو روشن ڪيو آهي ۔۔۔۔

منهنجو کي سلام آهي ۔۔۔۔
 
جواب: سنڌياڻي يا سعودياڻي



سعودي عرب جي پاڪ ۽ سهڻي شهر مڪي ۾ آباد پراڻا سنڌي، جيڪ هن وقت سعودي ٿي ويا آهن، جيتوڻيڪ سنڌي ڳالهائي نه سگهندا آهن ۽ سنڌ گهمڻ به نه ويندا آهن پر کين ڪنهن ڪنڊ ۾ اڃان به سنڌيت جا ڪرڻا موجود آهن ۔۔۔ انڪري جو مڪي شريف ۾ رهندڙ صدقه سنڌي جڏهن مونسان مليو ۽ کيس خبر پئي ته آ سنڌي آهيان ته هن مونکي پنهنجو سوٽ چيو ۽ پنهنجائپ جو اظهار ڪيو، ۽ سنڌ گهمڻ جي خواهش ڏيکاري ۔۔۔ جنهن مان محسوس ٿيو ته اڃان سندن ذهن ۾ سنڌيت جا ڪي ڪرڻا موجود آهن۔

سعودي عرب مان نڪرندڙ انگريزي اخبار عرب نيوز ۾ اڄ سندن ئي خاندان جي هڪ نياڻي ڊاڪٽرياڻي حيات سنڌي جي هڪ خبر شايع ٿي ته مونکي فخر ٿيو ته ان عورت جنهنجي نالي سان سنڌ جو نالو جڙيل آهي تنهن عرب دنيا ۾ نالو روشن ڪيو آهي۔ مونکي لڳو ته ڄڻ سنڌ جو نالو روشن ٿيو آهي ۔۔۔

ڀيڻ محترمه حيات سنڌي بايوٽيڪنالاجي ۾ ڊاڪٽريٽ ڪئي آهي، جيڪا عرب دنيا ۾ ڪنهن عورت جي ان مضمون ۾ پهرين ڊاڪٽريٽ آهي ۽ هي صًاحبه سعودي عرب جي بهترين سائنسدان عورت آهي۔ تحقيق جي ميدان ۾ ڪيترائي ٻلا ۽ انعام کٽي سڄي عرب دنيا ۾ نالو روشن ڪري چڪي آهي۔۔۔

دوستو! جڏهن قومون آزاد هونديو آهن ۽ قومن جي هر فرد کي هر قسم جا وسيلا ميسر ٿيندا آهن ته پو معجزه ٿيندا آهن ۽ فردن جي روشني قومن کي چمڪائيندي آهي ۔۔۔ جيئن هڪ سنڌياڻي عرب دنيا ۽ خاص ڪري سعودي عرب جو نالو روشن ڪيو آهي ۔۔۔۔

منهنجو کي سلام آهي ۔۔۔۔
ادا نثار ابڙا، حيات سنڌياڻي الله سائين جي ڪرم نوازين سان بقول تنهنجي آزاد مُلڪ ۽ آزاد قوم سعودي عرب جي عرب قوم ۾ جنم ورتو، ڀلي جيتوڻيڪ جي سندس والدين سنڌي آهن، اُتي پاڻ سائنس جي شعبي ۾ ڊاڪٽري ماڻِي به اٿس، ۽ مڃتا ملي به اٿس، هو پنهنجي دل جي سچائين سان سعودي حڪومت ۽ عرب قوم جي خدمت به ڪري رهي آهي۔ سُٺو ٿيو جو هُو سعودي عرب جي سنڌياڻي آهي، جيڪڏهن سنڌ جي ۽ پاڪستان جي سائنسدان ڊاڪٽرياڻي هُجي ها، ۽‌صدق دل سان سنڌ ڌرتي جي خدمت ڪرڻ چاهي ها، ته ڪڏهوڪو ڊاڪٽر قدير جيان نظربند هُجي ها، ۽ سندس هر چُر پُر تي نظر هُجي ها۔ لک لائق جو توهان سعودي عرب جي سنڌياڻي هوشيار مائي جي قابليت ، ذهانت ۽ سندس تصوير اسان سڀني سنڌ سلامت جي ساٿين سميت ساري دنيا جي سنڌين سان ونڊ ڪئي۔
 
جواب: سنڌياڻي يا سعودياڻي

مقصد ته سنڌي ماڻهو جو دماغ حوصلو جذبو الله تعالى اعلى بلند پيدا ڪيو آهي وڏي ڳالهه آهي ته جيتوڻيڪ سعودي ۾ رهندي به پاڻ وطن جي نسبت قائم رکي اٿن اسان جو به ان ڀيڻ کي سلام آهي ۽ دعا آهي ته سنڌي جتي هجن شال شاد و آباد هجن۔
 
جواب: سنڌياڻي يا سعودياڻي

سائين اهو تڏهن ئي ممڪن ٿيو آهي جڏهن اها سنڌي محترمه موجوده سنڌ کان پرتي آهي، جيڪڏهن هتي هجي ها ته هتان جي نظام جي ڪري همت هارائي ويهي ها يا وري ڪنهن جي ظلم جو شڪار ٿي وڃي ها۔۔
 
Back
Top