محمد خان سيال
سينيئر رڪن
هڪ اهم ڳالهه بار بار ٻڌائڻ جي ضرورت آهي ته سال 1972 واري سنڌ اسيمبليءَ طرفان بحال ڪيل ٻوليءَ واري بل ۾ سنڌ کي ٻه لساني صوبو هرگز قرار ڪونه ڏنو ويو هو ۽ ائين نه ڪرڻ تان هنگاما به ٿيا هئا جڏهن ته ٻوليءَ جي هنگاما شروع ٿيڻ جو اهو اڪيلو سبب هو. سنڌي ٻوليءَ کي سنڌ جي اڪيلي صوبائي ٻولي قرار ڏنو ويو ۽ انهيءَ سلسلي ۾ منهنجو اهو چيلينج آهي.
ڪجھه سنڌي قومپرستن، لساني تنظيم جي ڪوڙين دعوئن تي ڪنهن به جاچ کانسواءِ ايمان آڻي، اهڙي ڪوڙي پرچار کي هٿي ڏيندا رهيا آهن ۽ اهڙي ڪوشش درحقيقت سنڌ کي ورهائڻ ۽ سنڌين کي ان لاءِ ذهني طور راضي ڪرڻ واسطي، لساني تنظيم جي ونگار وهڻ جي برابر آهي جنهن کي جيترو نندجيَ سو گھٽ آهي.
ياد رهي جيڪو آرڊيننس بعد ۾ زبردست هنگامن کانپوءِ جاري ڪيو هو تنهن جو نالو ئي وضاحتي آرڊيننس هو پر تنهن هوندي، سنڌي، سنڌ جي اڪيلي صوبائي ٻولي قرار ڏيڻ وارو فقرو برقرار هو ۽ آهي ـ