• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

شهيد ذوالفقار علي ڀٽو معمولي تعليمي اهليت جي باوجود مير رسول بخش ٽالپر کي سنڌ جو گورنر مقرر ڪيو

محمد خان سيال

سينيئر رڪن
شهيد ڀٽو اقتدارکي لت هڻڻ کانپوءِ، مير رسول بخش ٽالپر جي حيدرآباد واري بنگلي تي ٽڪيل هو ۽ مير صاحب تبصرو ڪندي کيس چيو: توهان وڏ گھراڻي جا ماڻهو آهي، توهان ڪهڙو انقلاب آڻيندئو؟ تنهن تي شهيد ڀٽي ڪرسيءَ کي لت هڻندي چيو هو ته انقلاب ڪنهن جي جاگير ڪونهي، ڪير به انقلابي ٿي سگھي ٿو.

اها افسوس جھڙي ڳالهه هئي ته مير صاحب جنهن غريبن، مسڪينن توڙي جمهوريت لاءِ ڪٺن ۽ ڊگھي جدوجهد ڪئي سو ٽئين ملٽري ڊڪٽيٽر جنرل ضياءَ الحق جي مارشل لا حڪومت ۾ سنڌ سرڪار جي معمولي ايڊوائيزر جي حيثيت ۾ شامل ٿيو ۽ انهيءَ عهدي تي فوت ٿيو جڏهن ته ان کان اڳ شهيد ڀٽي، گھٽ تعليم يافتا هئڻ جي باوجود سندس خدمتن کي ڏسي کيس سنڌ جي گورنر جهڙو اعلى عهدو ڏنو هو. ساڳي وقت وڏو وزير ممتاز ڀٽو به سنڌي هو ـ

مير رسول بخش سنڌ جي گورنري رڳو انهيءَ ڪري ڇڏي هئي ڇاڪاڻ ته ڀٽي صاحب سان سندس وڏي ڀاءُ مير علي احمد ٽالپر (بعد ۾ جنرل ضياءَالحق جو بچاءَ وارو وزير) سان سندس اختلاف ٿي پيا، مون کي رسول بخش ٽالپر جا اهي لفظ ياد آهن: وڏو ڀاءُ پيءُ جي برابر هوندو آهي، سو سندس ڀٽي صاحب سان اختلافن جي ڪري مان گورنري ڇڏيان ٿو.
نوٽ: جنهن کي شڪ هجي، ڀلي ان وقت جون اخبارون ڏسي، منهنجو اهو چيلينج آهي ـ
 
Back
Top