• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

جڏهن قاضي اڪبر شهيد ڀٽي کي پنهنجي حيدرآباد واري اورينٽ هوٽل ۾ ڪمرو ڪونه ڏنو

محمد خان سيال

سينيئر رڪن
شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جڏهن اقتدار کي لت هڻي حيدرآباد ۾ آيو ته ان وقت حيدرآباد ۾ گاڏي کاتي ۾ اورينٽ هوٽل (هاڻ بند ٿيل) هوندي هئي، جنهن ۾ ڀٽي صاحب رهائش لاءِ ڪمرو گھريو جيڪو کيس ڪونه ڏنو ويو ته متان جنرل ايوب خان ڪاوڙجي نه پوي ۽ جڏهن شهيد ڀٽي جو جلوس ريلوي اسٽيشن کان گاڏي کاتي ۾ هوٽل اورينٽ (هاڻ بند ٿيل) جي سامهون واري روڊ تان لنگهيو ته هوٽل جا درَ بند ڪرايا ويا ته متان شهيد ڀٽو هوٽل ۾ لنگهي نه اچي ۽ ملٽري ڊڪٽيٽر ايوب خان ڏمرجي نه پوي.

هوٽل جو ملڪ قاضي محمد اڪبر هو جنهن تي شهيد ڀٽي جا اڻ ڳڻيا احسان هئا سو شهيد ڀٽي جي اقتدار کان لهڻ سبب سندس احسان پل ۾ وساري ويٺو ۽ پنهنجي روزاني سنڌي اخبار عبرت ۾ شهيد ڀٽي خلاف ايڏي ته ڪوڙي پرچار ۽ گار گند ڪيائين جو صحافت جا سمورا اصول به مٽيءَ ۾ ملي ويا پر شهيد ڀٽي اقتدار ۾ اچڻ کانپوءِ کانئس ڪو به انتقام ڪونه ورتو.

اٽلندو، قاضي اڪبر کي سنڌي ڪتابن تي پيل بندش لاهڻ واري ڪاميٽيءَ جو سربراهه ۽ بعد ۾ پورچوگال ۾ پاڪستان جو سفير مقرر ڪيائين. اهي حقيقتون آهن ۽ رڪارڊ کي دست ڪرڻ لاءِ ان جو ذڪر ڪرڻ ضروري آهي.
 
Back
Top