محمد خان سيال
سينيئر رڪن
اها هڪ تاريخي حقيقت آهي ته شهيد ذوالفقار علي ڀٽي، ڪراچي، سنڌ کي موٽائي ڏيڻ جي ان وقت زبردست حمايت ڪئي جڏهن ته سنڌي قومپرستن سميت سنڌ جا گھڻو ڪري سمورا مکيه شاگرد اڳواڻ، ڪراچيءَ کي سنڌ کي موٽائي ڏيڻ جا سخت مخالف هئا. بعد ۾ شهيد ڀٽي جي زبردست حمايت کي ڏسي اهي سنڌي قومپرست سياسي اڳواڻ ۽ شاگرد اڳواڻ جيڪي ڪراچيءَ جي موٽي ملڻ تي دل مَن هڻي رهيا هئا تن به پنهنجا رويا آخرڪار تبديل ڪيا. اها رڪارڊ جي ڳالهه آهي جنهن کان انڪار ڪونه ٿو ڪري سگھجي.
انهيءَ دوران هڪ مشهور سنڌي قومپرست اڳواڻ (جي ايم سيد) جو بيان اخبارون ۾ شايع ٿيو جنهن جو چوڻ هو ته جيڪڏهن اسان کي ڪراچي نه گھرجي، اسان کيِ 800 سو ڪروڙ (8 ارب روپيا) ڏيو ته پوءِ اسان ڄامشوريَ وٽ سنڌ جو گاديءَ وارو نئون شهر اڏيون جنهن تي ان وقت جي ڪراچيءَ جي تڏهوڪي سنڌي شاگرد اڳواڻ اسلم عباسي بيان ڏنو هو ته اهو قومپرست اڳواڻ، ڪراچيءَ ۾ رهندڙ سنڌين کي، في سنڌي 800 روپين جي عيوض وڪڻڻ چاهي ٿو.
ڪجھه وقت اڳ، لساني تنظيم ايم ڪيو ايم جي سينيئر ليڊر سردار احمد ڪجهه سنڌي صحافين (ارباب چانديو، ذوالفقار واهوچو وغيره) کي ٻڌايو ته ون يونٽ ٽٽڻ کان اڳ، سنڌي قومپرست اڳواڻ جي ايم سيد جو ڪجھه ماڻهو نياپو کڻي آيا هئا ته ڪراچي ڀلي اوهان (اردو ڳالهائيندڙ) کڻو پر سيد سردار احمد جي چواڻي اسان اها ڳالهه ٻڌي اچرج ۾ پئجي وياسون ڇاڪاڻ ته اسان (اردو ڳالهائيندڙن) اهڙو مطالبو ڪيو ئي ڪونه هو ـ اسان اهو چئي انڪار ڪيو ته سنڌ جي ٻين علائقن ۾ 30 لک اردو ڳالهائيندڙ رهن ٿا، تن کي اسان ڇڏي ڪونه ٿا سگھون.
مان يحى خان جي دور ۾ ڪراچيءَ جي ريديو پاڪستان سنڌي نيوز ۾ ڪم ڪندو هوس ته بندر روڊ (جناح روڊ) تي هڪ به سنڌي ڳالهائيندي نظرڪونه ايندو هو ـ حالت اها هئي ته سنڌي پاڻ کي سنڌي سڏائيندي شرمائيندا هئا ۽ پنهنجن ٻارن کي اردو پڙهائيندا هئا ـ اهو ئي سبب آهي ته جيڪڏهن شهيد ڀٽو، ڪراچي موٽائڻ جو مطالبو نه ڪري ها ته اڄ ڪراچيءَ ۾ سنڌي، ڏينهن جو ڏيئو کڻي ڳولڻ سان به نه لڀن ها ـ