محمد خان سيال
سينيئر رڪن
ڪجھه ماڻهو، ان وقت جي صورتحال جي نزاڪت کان اڻ ڄاڻ ٿي اهي اعتراض ڪن ٿا ته شهيد ڀٽو، ملڪ جو پهريون سويلين مارشل لا ايڊمنسٽريٽر ڇو بڻيو؟ اهڙن ماڻهن کي شايد پس منظر جي ترَ جيتري به خبر ناهي نه ته اهڙا اعتراض ڪونه اٿارين ها.
16 ڊسمبر 1971 تي پاڪستاني فوج، اوڀر پاڪستان(هاڻ بنگلاديش) ۾ گاديءَ واري شهر ڊاڪا ۾ هندستان جي فوج اڳيان هٿيار ڦٽا ڪيا هئا، نويَ هزار فوجي ۽ سويلين هندوستان جي قيد ۾ ڦاسي پيا جڏهن ته اولهه پاڪستان (هاڻ پاڪستان) ۾ پنجن هزار چورس ميلن جو علائقو به هندوستان جي قبضي ۾ هو، سو فوج اهڙي صورتحال ۾ تُرت مارشل لا هٽائڻ لاءِ هرگز تيار ڪونه هئي. بعد ۾ شهيد ڀٽي ڪنهن به شرط شروط کانسواءِ، اهي قيدي ۽ قبضو ڪيل علائقا ڇڏرايا.
جيئن ته سال 1971 ۾ پاڪستان ٽٽڻ کانپوءِ اقتدار به فوج کي منتقل ڪرڻو هو سو هنن شهيد ڀٽي کي رٿ ڏني ته هو چيف آف آرمي اسٽاف جنرل عبدالحميد جيڪو مارشل لا ايڊمنسٽريٽر هوندو تنهن هيٺ وزيراعظم جي حيثيت ۾ ڪم ڪريَ جڏهن ته شهيد ڀٽي ائين ڪرڻ کان انڪار ڪيو تنهن ڪري هو ڪجھه مهينا سويلين مارشل لا ايڊمنسٽرير به بڻيو ۽ اهڙي ريت فوج هيٺ ڪم ڪرڻ کان انڪارڪيائين.
اهو عهدو قبول ڪرڻ سان ڪنهن کي نقصان به ڪونه ٿيو ۽ ڪجهه مهينن کانپوءِ عارضي آئين ڏنائين ۽ اهڙي ريت سويلين مارشل لا ايڊمنسٽريٽر به ڪونه رهيو ۽ پوءِ سال 1973 جو پڪو آئين ڏنائين. سو، ڏيڍ سال اندر ٻه آئين ڏيڻ سندس وڏو ڪارنامو هو.