• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

شهيد ذوالفقار علي ڀٽي جي اڳيان سنڌي ٻوليءَ جي اهميت

محمد خان سيال

سينيئر رڪن
شهيد ڀٽي سال 1973 جي آئين ۾ پهريون ڀيرو صوبن کي اهو اختيار ڏنو ته هو پنهنجن صوبن اندر پنهنجن ٻولين کي ترقي ڏيارين ۽ بيريسٽر ضمير گھمريَ جي چواڻي ان جي بنياد تي صوبا پنهنجن حدن اندر پنهنجن پنهنجن ٻولين کي قومي زبان قرار ڏئي سگھن ٿا ۽ اها ڳالهه 1956 يا 1962 وارن آئينن ۾ هرگزبيان ڪيل نه هئي.

هت اهو سوال پيدا ٿئي ٿو ته سال 1956 واري پهرين آئين ۾ بنگالين ته پنهنجي ٻوليءَ کي قومي ٻولي بڻايو ته سنڌي قوم پرست اڳواڻ جيڪي ان وقت اقتدار ۾ هئا يا سندن وڏو اثر هو تن سنڌي ٻوليءَ کي قومي ٻولي بڻائڻ لاءِ بنگالين سان ملي ڇو ڪونه ائين ڪيو ۽ ڇو ان وقت اگھور ننڊ ۾ ستل رهيا؟ جيتوڻيڪ ان وقت ٿوري به ڪوشش ڪن ها ته بنگالين جي مدد سان سنڌي ٻوليءَ کي قومي ٻولي مڃرائي وٺن ها. انهيءَ سوال جو جواب شهيد ڀٽي جي هر چڱي ڳالهه مان به ڪنڊا ڪڍندڙن اهڙن سنڌي قومپرستن کي تميز جي اندر رهي ضرور ڏيڻ گھرجي ـ
 
مان به ڀٽي صاحب جي ڪافي ڳالھين سان اختلاف رکان ٿو پر ان جو مطلب ھرگز اھو نه آھي ته ان جو ھر ڪم غلط ھو. ڀٽي صاحب ڪيترا ئي اھڙا ڪارناما سرانجام ڏنا جيڪي ساراھڻ جوڳا آھن.
 
اختلاف راءِ رکڻ جو حق ته سڀني کي آهي پر افسوس ته اسان وٽ هٿ ٺوڪيا ”سنڌ جا ٺيڪيدار“ اها ڳالهه ڪونه ٿا سمجھن ۽ اختلاف راءَ رکڻ واري سان بدتميزي ڪرڻ ۽ گارگند ڏيڻ پنهنجو قومي فرض سمجهن ٿا ـ
 
Back
Top