• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

شهيد ڀٽي ڀنگيءَ جي ڌيءُ کي ڊاڪٽريءَ ۾ داخلا ڏياري ۽ حيدراباد ويجھو ڪولهين لاءِ فليٽ ٺهرايائين

محمد خان سيال

سينيئر رڪن
شهيد ذوالفقارعلي ڀٽو صدر پهرين صدر ۽ پوءِ َوزيراعظم هوندي به روڊ ويندي غريبن جي جھوپڙين ۾ گھڙي ويندو هو ۽ انهن سان کٽ يا ڪڏهن ڪڏهن پٽ تي ويهي سندن مسئلا ٻڌندو هو ۽ انهن جي مطالبن تي آرڊر به جاري ڪندو هو. حيدرآباد شهر ويجھو ڪولهين جي لاءِ فليٽ به سندس انهيءَ عوامي رابطي سبب ٺهيا هئا.

هت ٿورو ذڪر انهيءَ شخص جو به ضرور دهرائجي ته هڪ ڀنگي 70 ڪلفٽن ۾ ايندو هو، تن ڏينهن ۾ شهيد ذوالفقار علي ڀٽو ملڪ جو صدر هو ۽ بعد ۾ 1973 جي آئين منظور ٿيڻ کانپوءِ 14 آگسٽ 1973 تي ملڪ جو پهريون ڀيرو چونڊيل وزيراعظم بڻيو. اهو شخص، شهيد ڀٽي سان هٻَڪي ڳالهائي رهيو هو ۽ دل جي ڳالهه نه پئي ڪري سگھيو. شهيد ڀٽو سمجھي ويو ته هو ڪجھه چوڻ چاهي ٿو پر چئي ڪونه ٿو سگھي، سو پنهنجي ڪرسي خالي ڪري، انهيءَ شخص کي پنهنجي ڪرسيءَ تي ويهاريائين ۽ کيس چيائين ته ٿوري دير اڳ هن ڪرسيءَ تي ملڪ جو صدر ويٺل هو، هاڻ تون ويٺو آهين، هاڻ ٻڌاءِ ته توکي ڇا گھرجي جنهن تي هن وراڻيو ته سندس ڌي ڊاڪٽرياڻي ٿيڻ چاهي ٿي، کيس ميڊيڪل ڪاليج ۾ داخلا ڏني وڃي، شهيد ڀٽي ان وقت جي سنڌ جي صحت واري وزير عبدالوحيد ڪٽپر مرحوم کي آرڊر ڪيو جنهن کيس داخلا ڏني.

ڪٽپر صاحب هلال پاڪستان، ڪراچيءَ ۾ ڪيترو وقت ڪالم لکندو رهيو تنهن انهيءَ واقعي جو تفصيلي ذڪرڪيو۽ اهو به لکيائين ته کيس ڊپ هو ته انهيءَ داخلا ڏيڻ تي ڪراچيءَ جي لساني ڌر اعتراض ڪندي پر انهيءَ ڪونه ڪيو.
 
Back
Top