• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

شهادت کي 37 ورهيه گذرڻ جي باوجود ڪروڙين عوام شهيد ڀٽي کي ڇو ٿو ياد ڪري؟

محمد خان سيال

سينيئر رڪن
ڪنهن به عوامي اڳواڻ لاءِ انهيءَ کان وڏو خراج ٻيوڪهڙو ٿي سگھي ٿو ته سندس شهادت جي 37 ورهين جو ڊگھو عرصو گذرڻ کانپوءِ به ڪروڙين غريب ۽ مسڪين عوام جي دلين تي راڄ ڪندو هجي ۽ خاص ڪري اهڙي سماج ۾ جت ڪم لٿو ڪاغذ ڦاٽو، واري ڪار هجي؟ اهڙيَ اڳواڻ کي عوام جي هر طبقي جا ڪروڙين ماڻهو اڄ به پسند ڪن ٿا خاص ڪري غريب ۽ مسڪين ماڻهو. هو مجموعي طور غريبن جي دل جو راڻو هو، نه رڳو ايترو پر سندس مقبوليت کي گھٽائڻ ۽ اميج کي بگاڙڻ لاءِ ملٽري ڊڪٽيٽرشپ ۽ ان جي حامين، مذهبي ۽ لساني انتهاپسندن توڙي سنڌي قومپرستن وسان ڪونه گھٽايو تڏهن به سندس عوامي مقبوليت گھٽجڻ بدران اڃا به وڌندي رهي.

شهيد ذوالفقار علي ڀٽيَ ملٽري ڊڪٽيٽر جنرل ضياءَالحق کان پنهنجي حياتيءَ جي بيک گھرڻ کان ڪنڌ ڪپائڻ بهتر سمجھيو، تاريخ ۾ شهيد ڀٽي جو نالو سنڌي سپوت طور لکيو وڃي ٿو ۽ اڄ به ڪروڙين ماڻهو کيس ياد ڪن ٿا جڏهن ته ملٽري ڊڪٽيٽر جنرل ضياءَالحق تي بيشمار لعنتون وجھن ٿا ۽ جنرل ضياءَ جا عذاب ساري ملڪ ۾ نه رڳو هاڻوڪو نسل ڀوڳي رهيو آهي پر خبر ناهي ته اڃا به ڪيترا ايندڙ نسل ڀوڳيندا رهندا.
 
Back
Top