4 اپريل ذولفقار علي جي ڀٽي جي ورسي... ۽ هاڻوڪي قيادت

'مختلف موضوع' فورم ۾ عبدالحڪيم راڄڙ طرفان آندل موضوعَ ‏4 اپريل 2016۔

  1. عبدالحڪيم راڄڙ

    عبدالحڪيم راڄڙ
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏13 ڊسمبر 2010
    تحريرون:
    111
    ورتل پسنديدگيون:
    34
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    238
    ڌنڌو:
    Student
    ماڳ:
    Sachal Goth, Karachi
    4 اپريل اڄ ذولفقار علي ڀٽو جي ڊيٿ انيرورسري آهي هو هڪ عوام ليڊر هو، عوام ان جي ڪڍ هئي ۽ اڄ ان جي پي پي جي عوام ڪڍ آهي! ته هنن ۾ مان ڪيئن جان ڇٽي، الله سائين ڪڏهن سنڌ جي جان آجي ڪندو اهڙن رهزنن مان جيڪي هن سنڌ ڌرتي جي لاءِ ناسور جيائين آهن جن نه صرف سنڌ جي وحد نقصان پهچايو بلڪه اربي ڪروڙين روپيا کائي کپائي، وڃي پرديس ۾ ويهي رهيا آهن، ذولفقار علي ڀٽي انهن کي اهو ٺيڪو ڪونه ته پي پي جي نالي تي سنڌ ڌرتي لاءِ ناسور بڻجي وڃجو! بلڪه نه ئي اهو چئي ته ان جي هرشعبي کي مٽيا مليٽ ڪري ڇڏجو!، سنڌ جي ٻارن کي تعليم بدران انهن کي ڪاپي ڪلچر طرف وٺي اچجو! ان جو ته اهو سبق هو ته سچ جي خاطر ان کي ڦاهي تي به چاڙهيو وڃي ته به هو انڪار نه ڪندو ڇو سچ وارا هميشه هڪڙو ئي رستو اختيار ڪندا آهن چاهي اهو پوءِ ان رستي تي پنهنجا ٻچا ڇو نه قربان ڪجن، سو هن اهو ثابت ڪري ڏيکاريو! پر ان جي ڀيٽ ۾ اڄ جي پي پي ان استاد جي لفظن مطابق آهي پي پي هاڻ ’پي پي پي پي ’ وڃي رهي آهي! ذولفقار علي ڀٽي اهو ڪونه چيو هو سائين جي مردارن کي سنڌ جي انهن نا اهل جي حوالي ڪجو، جيڪي سڄو چوري جي ڳالهه ڪن، ويسي هاڻ وقت به اهو ئي آهي ته جيڪو ڏاڍو سو پاڏو، اسان سنڌي ماڻهو ان وقت ڪيڏو خوش ٿيا هياسين ته زرداري صدر جو قسم کنيو هو پر اها خبر ڪونه هئي ته زرداري صاحب هر سرڪاري ملازم يا وزير کي اها نصيحت ڪندو اڄ اهو اختيار مليو اٿو اهو سوچجو ته سڀاڻي هجو الائي نه هجو، سو ملڪ کي وڄائي ڏيو، جيڪو مال ٺاهڻو اٿو ٺاهي وٺو تاڪي ٻاهرين ملڪ جي تياري ڪجي باقي سنڌ پئي جيئندي جيئن وڏا چوندا آهيا ته سنڌ جيئندي رهندي، مون ياد آهي هڪ دفعي آءُ حيدرآباد ۾ ڪنهن ننڍڙ پوسٽ جي لاءِ ٽيسٽ ڏيڻ ويو هئس حيدر چوڪ وٽ هڪڙو پوڙهو هو جنهن ڦروٽ جو گاڏو لڳايو هو، مان ۽ منهنجو ڀاءُ ان دل ۾ خوش هياسين ته هاڻ پي پي جو وقت آيو آهي ته ٿورو گهڻو خيال رکبو ڇو جو سنڌي هياسين ته پاڻ ڳالهيون پي ڪئي سي ته زرداري صدر ٿيو آهي ته اتي ويٺل پوڙهي چيو هو ’ديکهنا ايڪ دن يهي زرداري تمهاري گلي پڙ جائي گا’ اسان کي لڳو ته هو سنڌي تي سڙي ٿو، پر حقيقت ۾ ان جي جيتري عمري هئي ان کي زرداري جي چڱي ڄاڻ هئي ته هو ڪهڙي ڪردار جو آهي سو اهي ڪم آهن پي پي جا، ڀٽي انهن کي اهو ڪونه چيو ته سنڌ جي هر شعبي ۾ پٽيوالي کان وٺي سيڪٽريٽري تائين هر ايندڙ شخص کان پئسا وٺجو! هر شعبي کي کائي کپائي ڇڏجو، ائين ڪونه چيو هئين ته ڪميشن ۾ به پئسا وٺجو يا پنهنجن ڪنهن خاص ماڻهن جي سفارش تي ماڻهو رکجو، ائين ڪونه چيو هئين ته شرجيل ميمڻ وانگر بغير تعين جي ڊمي اخبارن کي اشتهيار ڏجو ان مان مليل ڪروڙين رپيا پنهنجي گهرن ۾ لڪائي رکجو!، ائين ڪونه چيو هئين ته جيڪو ايماندار آفيسر هجي ان جي مان ڀيڻ هڪ ڪجو ائين ڪونه چيو هئين ته SLT جي پوسٽن تي گلگتي يا اهڙن ماڻهن کي ڀرتي ڪجو جنهن کي ’ڏ’ به پڙهڻ نه اچي! ظلم جي انتها نه ڪجو! ائين ڪونه چيو هئين ته زمينن تي قبضا ڪجو! اڃان ته وڏيون وڏيون شايد ڳالهيون هجن جيڪي اسان عام ماڻهن کان پري هجن!

    بلڪه ذولفقار علي ڀٽي ايس ايل ٽي جي پوسٽ نج سنڌي ماڻهن جي لاءِ ڪرييٽ ڪئي هئي ته جيئن سنڌي ماڻهو ڪراچي جو رخ ڪن، انهن لاءِ به روزگار جا موقعا هجن، پر اڄ جا جيڪي به سنڌ ماڻهو لڏي ڪراچي ۾ اچن ٿا صرف مال لٽڻ لاءِ جمع ٿيا آهن، ٻين کي ڏسي اهي به ائين آهن، پنهنجي پاڻ کي ائين سمجهندي ڄڻ ڪوئي انهن کان سواءِ ڪو ڪونهي، سو لئه ڪرڻ ته صرف هن خدا جي ذات کي جڳائي!


    عبدالحڪيم راڄڙ

    سچل ڳوٺ
     
    2 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.

هن صفحي کي مشهور ڪريو