shafique shakir
سينيئر رڪن
جنهن شان سان ڪو مقتل ويو!
شفيق شاڪر
1979ع جي اپريل مهيني جي ٽين تاريخ هئي.چئن آفيسرن جي هڪ ٽيم راولپنڊي جيل ۾ داخل ٿي اهي پاڪستاني تاريخ جو هڪ باب بند ڪرڻ لاء اتي پهتا هئا.صرف انهن آفيسرن جو ڪهڙو قصور! اسلامي جمهوريه پاڪستان جي تخت تي اهڙو رهزن ۽ لٽيرو ويٺل هو جنهن هڪ چونڊيل جمهوري ۽ آئيني وزيراعظم جي حڪومت تي راتاهو هڻي کيس گرفتار ڪيوهو ۽ بعد ۾ اسلام جي نالي تي پنهن جن منافقاڻين پاليسين ذريعي پوري سرڪاري مشينريء کي پنهن جي ذاتي قبضي ۾ وٺي ڇڏيو هو.ان وقت جي عدالتن جو پورو نظام سندس اشارن تي نچي رهيو هو.اهي چارئي آفيسران جيل جي هڪ ڪال ڪوٺڙيء ۾ قيد پاڪستان جي هڪ اهڙي معزول وزير اعظم سان ملڻ آيا هئا جنهن پاڪستان کي ايٽمي پرو گرام ڏنوهو،جنهن پاڪستان جا جنگي قيدي آزاد ڪرايا هئا ۽ وڏي ڳالھ اها ته هن پاڪستان جي غريب عوام جي وات ۾ زبان ڏني هئي.شايد هن جو ناقابل معافي ڏوھ اهو جو هن جو تعلق سنڌ ڌرتيء سان هو.اهي چار آفيسر جيل سپرينٽينڊنٽ يارمحمد، مئجسٽريٽ بشيراحمد، جيل ڊاڪٽر صغير حسين شاھ ۽ سيڪيورٽي بٽالين ڪمانڊر ۽جيل جو سيڪيورٽي آفيسر ڪرنل رفيع الدين هئا جيڪي ڪورٽ جا آرڊر کڻي اتي پهتا هئا. جهڙيء طرح ڪرنل رفيع پنهن جي ڪتاب “ ڀٽو جا آخري 323 ڏينهن” ۾ لکيو آهي ته جيل سپرنٽينڊنٽ هڪ گواھ سان گڏ 3 اپريل تي شام ساڍي ڇهين وڳين ڀٽي صاحب جي ڪال ڪوٺڙيء ۾ ويو.هن ڏٺو ته ڀٽو فرش تي ليٽيل هو.هن پهرين ڀٽي صاحب جو ڌيان پاڻ ڏانهن ڇڪائڻ لاء کيس نالي سان سڏيو پوء کيس سندس ڦاسيء جو آرڊر پڙهي ٻڌايو.ان آرڊر جو متن هي هو؛
“ لاهور هائي ڪورٽ جي 18 مارچ 1978ع جي حڪم مطابق توهان يعني مسٽر ذوالفقار علي ڀٽو کي نواب محمد احمد خان جي قتل جي ڏوھ ۾ ڦاسيء جي سزا ڏني وڃي ٿي. توهان جي سپريم ڪورٽ ۾ ڪيل اپيل 6 فيبروري1979ع تي رد ٿي چڪي آهي ۽ انهي فيصلي تي نظرثانيء جي ڪيل اپيل به 24 مارچ 1979ع تي رد ڪئي ويئي آهي.صدر پاڪستان به ان معاملي ۾ دخل نه ڏيڻ جو فيصلو ڪيو آهي ان ڪري توهان کي ڦاسي ڏيڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي.”
ان وقت ڪرنل رفيع جيڪو جيل سپرينٽينڊنٽ سان گڏ موجود هو.اهو چوي ٿو ته “ جڏهن ڀٽو
صاحب کي ڦاسيء جو اهو آرڊر پڙهي ٻڌايو ويو ته مون کي سندس چهري تي پريشاني ۽ بي چينيء
جو ڪو نشان نظر نه آيو.ان جي بدران مون ڏٺو ته هو نهايت مطئمن ۽ پرسڪون هو ۽ سندس چهري
تي مرڪ هئي.”
جيل سپرينٽينڊنٽ پاران اهو بيان ٻڌڻ کان پوء جناب ڀٽو چيو ته قانون مطابق اهڙو آرڊر ڦاسيء کان گھٽ ۾ گھٽ 24 ڪلاڪ پهرين ڏيکارڻ گھرجي پر ايئن نه ڪيو ويو. ان جي ابتڙ هن جي گھرواري ( بيگم نصرت ڀٽو)۽ ڌيء ( بينظير ڀٽو) جڏهن ساڍي يارهين وڳين هن سان ملڻ آيون ته انهن کي به ڦاسيء جي ڏينهن يا وقت جي ڪا خبر نه هئي. ڀٽي صاحب کي ٻڌايو ويو ته اهو آرڊر جيلر وٽ هو.انهيء ئي لمحي سپرينٽينڊنٽ بنان هٻڪ جي ڀٽي صاحب کان پڇيو ته هن کي ڪا آخري وصيت لکڻي هجي ته ٻڌائي جو هن کي ايندڙ ڪجھ ڪلاڪن ۾ ڦاسي ڏني ويندي.ڀٽي صاحب هاڪار ۾ ڪنڌ لوڏيو ۽ چيو ته هن کي لکڻ لاء ڪا شيء ڏني وڃي.هن جيلر کي اهو چيو ته کيس سندس موت جا بليڪ وارنٽ ڏيکاريا وڃن جنهن تي جيلر انڪار ڪندي چيو ته اهو قانون جي خلاف آهي.
رات جو اٺين وڳين ڀٽي صاحب ڪافي پيتي.انهيء دوران هن پنهن جي جيل اٽينڊنٽ عبدالرحمان کي سڏيو ۽ ساڻس معذرت ڪئي.اٽڪل رات ڏهين وڳين هن عبدالرحمان کي سڏيو ته کيس گرم پاڻي مهيا ڪيو وڃي ته جيئن هو شيو ڪري سگھي.جنهن کان پوء هن ڪرنل رفيع ڏي ڏٺو ۽ چيو
“ ڪرنل رفيع! هي ڪهڙي قسم جو ناٽڪ کيڏيو پيو وڃي؟” پر سامهون ڪوبه جواب نه آيو.جنهن کان پوء ڀٽو صاحب ڏندن کي برش ڪرڻ ۾ لڳي ويو.ڪجھ دير لاء هو پنهن جي بستري تي ويٺو ۽ ڪا شيء لکڻ لڳو.انهيء لمحي هن وارڊن کان پڇيو “ منهن جي ڦاسيء ۾ ڪيترو وقت باقي بچيو آهي؟” هن کي وقت ٻڌايو ويو جنهن کان پوء هن اهي لکيل پنا ڦاڙي ۽ ساڙي ڇڏيا.رات جو 11.25 تي هن پنهن جي اٽينڊنٽ کي ٻڌايو ته هو ڪجھ دير آرام ڪرڻ چاهي ٿو جو گذريل رات هو صحيح طرح سمهي نه سگھيو آهي پر هن کي اڌ رات جو ضرور جاڳايو وڃي.اڃا گھڻي دير نه گذري هئي ته اسسٽنٽ جيل سپرينٽينڊنٽ ۽ ٻيو عملو ڪال ڪوٺڙيء جي در وٽ پهتو ۽ انهن جناب ڀٽو کي سڏيو جڏهن ڪوبه جواب نه مليو ته اهي اندر آيا پر انهن جي جواب ۾ ڀٽي صاحب صرف اکيون کوليون ۽ ڪو جواب نه ڏنو.ڪرنل رفيع جي زور ڀرڻ تي ڊاڪٽر ڀٽي صاحب جو ٽيون ڀيرو طبي معائنو ڪيو ۽ ٻڌايو ته هو بلڪل ٺيڪ ٺاڪ آهي.اٽڪل 1.35 تي عملي جي هڪ ٽيم وري ڀٽي صاحب جي ڪال ڪوٺڙيء ۾ داخل ٿي. ڀٽو صاحب ان وقت هڪ توريء تي آرام ڪري رهيو هو.مئجسٽريٽ بشير ڀٽي صاحب کان پڇيو ته جيڪڏهن هن ڪا وصيت لکي هجي پر ڀٽي صاحب نه ۾ جواب ڏنو ۽ ٻڌايو ته هن ڪجھ لکيو هو پر اهو ساڙي ڇڏيو.پوء هن کان پڇيو ويو ته هو ڦاسي گھاٽ تائين پنڌ هلڻ چاهي ٿو يا کيس اسٽريچر تي اتي پهچايو وڃي پر هن ان سوال جو ڪوبه جواب نه ڏنو.ڪجھ لمحن کان پوء جيل سپرينٽينڊنٽ عملي کي سڏيو جن ڀٽي صاحب کي هٿن ۾ هٿڪڙيون هڻي ڇڏيون.اهي اهڙا هٿ هئا جن پاڪستان جي ترقيء ۽ خوشحاليء لاء ڪيترائي معاهدا صحيح ڪيا هئا. اهواڄ پاڪستان جي تاريخ جي بدترين لمحن مان هڪ لمحو هو،جو هڪ اهڙي شخص سان مقتل سجايو پئي ويو جنهن پاڪستان کي نيوڪليئر پروگرام ڏنو! جڏهن اهي ڦاسي گھاٽ تي پهتا ته ٻن وارڊنس هن جي هٿن کي کولي سندس پٺيء پويان ٻڌو ۽ هن کي ڦاسيء جي تختي طرف وٺي ويا.اتي بيٺل سڀ خاموش هئا. انهيء راز کان بي خبر ته مقتول ڦاسي کائڻ باوجود بازي کٽي رهيو هو ۽ قاتل ستم جو آخري هٿيار هلائڻ باوجود بازي هارائي رهيو هو!
“مقتول کي مليو جو اعزاز سو ڏسي،
محرومين جو شعلو،قاتل کي کائي ويو!”