مطالعي جي عادت ۾ ڪيئن اضافو ڪجي؟ (گل حسن لاکو)

'ڪالم' فورم ۾ گل حسن لاکو طرفان آندل موضوعَ ‏4 اپريل 2016۔

  1. گل حسن لاکو

    گل حسن لاکو
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏18 جولائي 2010
    تحريرون:
    407
    ورتل پسنديدگيون:
    821
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    463
    ڌنڌو:
    لائبريري اسسٽنٽ، مهراڻ يونيورسٽي ڄامشورو
    ماڳ:
    مهراڻ ٽائون، شهدادپور ضلع سانگهڙ
    نوٽ: هي مضمون روزاني ڪاوش (تاريخ 30 مارچ اربع ڏينهن مڊ ويڪ ميگزين) ۾ شايع ٿيو.

    اسان جي معاشري ۾ ماڻهن جي اڪثريت ڪتابن جي اهميت ۽ افاديت کي تسليم ڪري ٿي پر ان جي باوجود پاڻ کي ان جي لاءِ آماده ڪرڻ انهن جي لاءِ مشڪل هوندو آهي. موبائل فونز ۽ سماجي رابطي جي ويبسائيٽس جي استعمال جي ڪري اسان جي معاشري ۾ خاص ڪري نوجوانن ۾ مطالعي جي روايت ڪافي حد تائين متاثر رهي آهي. نتيجو اهو نڪتو آهي ته اسان جي اڪثريت کي اها شڪايت آهي ته ڪتابن پڙهڻ سان بوريت محسوس ٿئي ٿي. ظاهر آهي ته هيءَ ڳالهه ڪو سٺو رجحان ناهي. ماڻهن ۾ مطالعي جي گهٽتائي هڪ عام مسئلو بڻجي رهيو آهي. ان جو اندازو اسان اسين روزمره زندگيءَ ۾ ماڻهن جي گفتگو جي موضوعن مان لڳائي سگهون ٿا. مطالعو انسان جي فڪري نشو نما جي لاءِ غذائيت جي حيثيت رکندو آهي. مطالعو اسان جي شخصيت ۾ نکار سان گڏوگڏ اسان جي سماجي تعلقن ۾ به خوشگوار تبديلين جو پڻ سبب بڻجندو آهي. اڄ جڏهن ڪتاب ڪلچر جي فروغ جي ڳالهه ڪئي ويندي آهي ته اهو سوال اڪثر پڇيو ويندو آهي ته ڪتاب پڙهڻ جي عادت ڪيئن پيدا ڪجي. سڀ کان پهرين اسان کي اهو ذهن ۾ رکڻ گهرجي ته مطالعو هڪ دلچسپ سرگرمي آهي، جيڪا اسان کان ٿورو وٺي بدلي ۾ گهڻو ڪجهه ڏيندي آهي. مطالعي جي عادت کي پيدا ڪرڻ يا وڌائڻ لاءِ هيٺيون ترڪيبون عمل ۾ آڻي سگهجن ٿيون.

    1. وقت مقرر ڪرڻ:

    مطالعي جي عادت پيدا ڪرڻ لاءِ روزانو مختلف وقتن ۾ مختصر وقت لاءِ 10 منٽ ئي روزانو مطالعو ضرور ڪريو. هي وقت ناشتي، منجهند جي ماني کانپوءِ يا رات جو سمهڻ کان اڳ جو ٿي سگهي ٿو. ان کان علاوه ڏينهن جو فارغ ملندڙ ننڍن ننڍن وقفن کي پڻ استعمال ڪجي ته هيءَ هڪ سٺي شروعات ٿيندي. شروعات ۾ گھڻو وقت ڏيڻ سان بوريت پيدا ٿيڻ جا امڪان آهن.

    2. هميشه ڪتاب پاڻ سان گڏ رکڻ:

    گهر کان نڪرڻ وقت پاڻ سان گڏ ڪتاب کڻڻ ڪڏهن به نه وسارجو. توهان جي گاڏي، دفتر، ڪم جي جاءِ غرض ته هر جڳهه تي ڪتاب توهان سان گڏ هئڻ گهرجي. ڪافي دفعا ايئن ٿيندو آهي ته ڪنهن سان ملاقات ڪرڻ يا ڪنهن ڪم لاءِ انتظار ڪرڻو پوندو آهي. هي وقت ڪتابن سان گڏ گذاري پنهنجي فارغ وقت کي مفيد بڻائي سگهجي ٿو. مطالعي جا شوقين ماڻهو اڪثر ريلوي اسٽيشن، ايئرپورٽ وغيره جي انتظار گاهن ۾ ڪتاب پڙهندي نظر ايندا آهن. اُسريل ملڪن ۾ ته ٽرانسپورٽ جي انتظار گاهن تي پڻ ننڍيون ننڍيون لائبريريون ٺهيل هونديون آهن ته جيئن مسافر پنهنجي انتظار واري وقت ۾ مطالعي ڪري سگهن.

    3. ڪتابن جي فهرست ٺاهڻ:

    سٺن ڪتابن جي فهرست ٺاهيو. مطالعي جي شوقين ماڻهن کان سٺن ڪتابن جي باري ۾ پڇو. پنهنجي ذاتي ڊائريءَ ۾ اهم ۽ مطالعي جي قابل ڪتابن جا نالا لکو ۽ آهستي آهستي ان ۾ اضافو به ڪريو. پوءِ انهن ڪتابن جي باري ۾ مطالعو پڻ ڪيو. خيال رهي ته مطالعي دوران اهم جڳهين جا نوٽس وٺڻ پڻ مفيد رهن ٿا، هي بعد ۾ حوالي جي طور ڪم ايندا. ڪجهه ڏينهن اڳ مون پنهنجي فيس بڪ اسٽيٽس ۾ لکيو ته ڪن به اهڙن پنجن ڪتابن جا نالا لکو جن توهان کي متاثر ڪيو هجي يا پڙهڻ سان فائدو ٿئي. ان ۾ ڪافي دوستن سٺن ڪتابن جا نالا لکيا هئا.

    4. پرسڪون جڳهه تلاش ڪرڻ:

    مطالعي جي عادت کي پختو ڪرڻ لاءِ اهو ضروري آهي ته ڪنهن اهڙي سڪون واري جاءِ تي ويهڻ گهرجي جتي موسيقي يا ٻيو شور ۽ گهمسان توهان جي توجهه کي متاثر نه ڪري سگهي. ان کان علاوه ويهي پڙهڻ زياده بهتر آهي. گهر ۾ ڪو هڪ ڪمرو مخصوص ڪري ڇڏڻ يا وري لائبريري جو ماحول ان حوالي سان بهتر ٿي سگهي ٿو.

    5. انٽرنيٽ ۽ ٽي وي جو محدود استعمال ڪرڻ:

    هن مشوري تي عمل اڄ جي دور ۾ يقينن آسان ڪم ناهي پر جيڪڏهن توهان مفيد مطالعو ڪرڻ چاهيو ٿا ته مطالعي جي مقرر وقتن ۾ ٽيليويزن يا ٻين رابطن جي ويبسائيٽس کان گريز ڪرڻو پوندو. هي شيون بار بار اوهان جي توجهه کي متاثر ڪري مطالعي جي تسلسل کي ٽوڙي ڇڏين ٿيون.

    6. پنهنجي ٻارن جا ڪتاب به پڙهڻ:

    جيڪڏهن توهان صاحبِ اولاد آهيو ته ٻارن لاءِ سٺا ڪتاب خريد ڪري اچو. انهن ۾ مطالعي جي عادت وجھو ۽ گڏوگڏ پاڻ به انهن ڪتابن جو مطالعو ڪريو. ان طرح سان توهان کي پڙهندو ڏسي هڪ ته ٻارن ۾ مطالعي جو ذوق وڌندو ۽ ٻئي طرف اوهان جي مطالعي جي عادت ۾ پڻ بهتري ايندي. ٻارن لاءِ سٺن ڪتابن جو انتخاب ڪريو. انهن جي مطالعي لاءِ اخلاقي ۽ سبق آميز ڪهاڻين جي فهرست ضرور ٺاهيو.

    7. ڪتاب گهرن يا ڪتابي ميلن ۾ وڃڻ:

    جڏهن توهان وٽ فرصت جو وقت هجي ته ڪتاب گهرن يا ڪتابي ميلن ۾ ويندا ڪريو. اتي توهان جي ملاقات مطالعي جي شوقين ماڻهن سان ٿي سگهي ٿي، جيڪي توهان کي سٺا مشورا ڏيندا. ان کان علاوه ڪتابن کي ڏسڻ سان شايد توهان جي ذوق جو ڪو ڪتاب توهان کي ملي وڃي.

    8. لائبريري ۾وڃڻ:

    اسان وٽ اڪثر لائبريريون سنسان هونديون آهن. مطالعي وڌائڻ تي ڪم ڪندڙ ماڻهن لاءِ بهتر آهي ته هفتي ۾ گهٽ ۾ گهٽ هڪ ڏينهن لائبريري لاءِ مقرر ڪن. نون ۽ پراڻن ڪتابن سان پاڻ کي ضرور متعارف ڪرائن. شروع ۾ اتي ڄمي ويهڻ مشڪل ٿيندو پر آهستي آهستي توهان کي لائبريري ۾ وقت گذارڻ ۾ مزو ايندو.

    9. خوش دليءَ سان پڙهڻ:

    مطالعو خوش دليءَ سان ڪريو. صاف سٿري ماحول ۾ مطالعو وڌيڪ موثر رهندو. صبح ۽ شام وارا وقت مطالعي ۾ لطف ڏيندا آهن. جيڪڏهن قدرتي ماحول مثلاً باغيچو وغيره ميسر هجي ته مطالعي جو عمل وڌيڪ دلچسپ ٿي سگهي ٿو.

    10. پنهنجو بلاگ ٺاهڻ:

    اڄ ڪلهه انٽرنيٽ تي مفت بلاگ ٺاهڻ جي سهولت آهي. ان حوالي سان سنڌسلامت فورم جي دوستن سنڌي ۾ خوبصورت ٽيمپليٽ ٺاهيا آهن. جيڪي سنڌي زبان سپورٽ ڪن ٿا. توهان به هڪ بلاگ ٺاهيو ۽ ڪتاب پڙهڻ کانپوءِ ان جا دلچسپ پهلو پنهنجي بلاگ جي زينت بڻايو. دوستن سان پنهنجو بلاگ شيئر ڪريو. ڪتاب جي بابت پڇيل سوال ۽ ٻين ماڻهن جا ان ڪتاب بابت رايا غور سان پڙهو. هي عمل توهان جي لکڻ جي صلاحيت ۾ پڻ بهتري آڻي سگھي ٿو. ڪتاب بابت پنهنجي راءِ فيس بڪ وغيره تي پنهنجي دوستن سان پڻ شيئر ڪري سگهون ٿا.

    11. منصوبه بندي ڪرڻ:

    مطالعي جي عادت پيدا ڪرڻ لاءِ توهان کي عزم ڪرڻو پوندو مثلاً هن سال ۾ 50 ڪتاب پڙهڻا آهن يا هر مهيني چار يا پنج مڪمل ڪتاب پڙهڻا آهن. پوءِ پوري دلچسپيءَ سان پنهنجي عزم کي پايه تڪميل تائين پهچايو. خيال رهي ته ان مقصد لاءِ پنهنجي روزمره جي اهم سرگرمين کي متاثر ڪرڻ کان بغير وقت ڪڍي سگھجي ٿو. بس ٿوري توجهه جي ضرورت آهي.

    12. موضوع کڻڻ:

    توهان جي سامهون ادب، مذهب، سائنس، سماجيات بابت بيشمار موضوع وکريل آهن. پنهنجي پسند جو موضوع منتخب ڪريو ۽ ان حوالي سان مطالعي جي شوقين ماڻهن سان مشورو ڪريو. اهم ڪتابن جا نالا لکي انهن جي جستجو ڪري ڇڏيو.

    13. تجزيو ڪرڻ:

    هر ڪتاب جي مطالعي کانپوءِ پنهنجي معلومات جو تجزيو ڪريو. ڏسو ته هن ڪتاب توهان کي ڪيترو متاثر ڪيو يا توهان جي معلومات ۾ ڪيترو اضافو ڪيو. هي عمل توهان کي وڌيڪ پڙهڻ ۽ اڳيان وڌڻ جو حوصلو ۽ همٿ ڏيندو.

    هي چند بنيادي نڪتا آهن جن کي عمل ۾ آڻي پنهنجي زندگيءَ ۾ اهڙي مسرت بخش دنيا سان روشناس ٿي سگهجي ٿوجڪا توهان کي سڪون، اعتماد ۽ بصيرت سان همڪنار ڪندي.


    گل حسن لاکو
    شهدادپور
     
    4 ڄڻن هيء پسند ڪيو آهي.
  2. عبدالغني لوهار

    عبدالغني لوهار
    سينيئر رڪن

    شموليت:
    ‏3 جولائي 2009
    تحريرون:
    3,207
    ورتل پسنديدگيون:
    5,227
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    523
    ڌنڌو:
    ڪوسٽ گارڊ ۾ ملازمت
    ماڳ:
    اصل شهر وارھ ، موجوده ڪراچي
    لک قرب ، سهڻو موضوع جوڙيو ويو آهي ، انٽرنيٽ ۽ موبائل جي گهڻي استعمال سبب تمام گهٽ ماڻهن ۾ مطالعي جو شوق وڃي رهيو آهي
     
  3. سليمان وساڻ

    سليمان وساڻ
    مينيجنگ ايڊيٽر
    انتظامي رڪن لائيبريرين

    شموليت:
    ‏6 آڪٽوبر 2009
    تحريرون:
    16,938
    ورتل پسنديدگيون:
    27,305
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    533
    ماڳ:
    سچل ڳوٺ ، ڪراچي
    تمام سٺو مضمون لکيو اٿو، ان ڏينهن ڪاوش ۾ پڙهيم.
     
  4. عبيد ٿھيم

    عبيد ٿھيم مُنتظم انتظامي رڪن سپر ايڊيٽر

    شموليت:
    ‏17 فيبروري 2013
    تحريرون:
    2,726
    ورتل پسنديدگيون:
    6,955
    ايوارڊ جون پوائينٽون:
    493
    ڌنڌو:
    سافٽويئر انجنيئر
    ماڳ:
    دبئي
    ڪاوش ۾ ته ڪونه پڙهي سگهيس پر واٽس ايپ تي پڙهيم، تمام بهترين گُل.. :)
     

هن صفحي کي مشهور ڪريو