غزل استاد بخاري تنهنجي تڪ تيز نگاهن کان بچو ڪو ڪونهي ڇو ته هر تير لڳو ٺيڪ گٿو ڪو ڪونهي عشق جي آڳ ڪچهريءَ کي بنايو آوي جو هتي آ سو پڪو آھ ڪچو ڪو ڪونهي سونهن ۽ نينهن جي سڀ ڪنهن کي سڃاڻپ آهي ايترو يار صفا ٺوپ انڌو ڪو ڪونهي ڪو ٻري پيو ڪو ڳري پيو ڪو ڀري پيو آهون تنهنجي پاڙي ۾ سڄي رات ستو ڪو ڪونهي عشق جو آند نه ڪو پاند ٻُڌون ٿا ”استاد“ سونهن جي ذات نه ڪا پات پتو ڪو ڪونهي