محمد خان سيال
سينيئر رڪن
تنوير ايَ طاهر پنهنجي انگريزي ڪتاب “ايَ پوليٽيڪل ڊائنامڪس آف سنڌ”، پبلشر: ڪراچي يونيورسٽي، ۾ لکي ٿو: ڪراچي يونيورسٽيءَ جي وائيس چانسلر ايَ بي ايَ حليم جڏهن يونيورسٽيءَ اندر سنڌي ٻوليءَ تي بندش وڌي ته شهيد ذوالفقار علي ڀٽي، وڪيل جي حيثيت ۾ ان تي ون يونٽ ٺهڻ کانپوءِ لاهور هاءِ ڪورٽ ۾ چيلينج ڪيو جنهن ڪري اها بندش غير اثرائتي ٿي وئي ـ تنوير اي طاهر سنڌ نيشنل اسٽوڊنٽس فيدريشن جو اڳواڻ رهيو آهي ـ
سنڌي ٻوليءَ خلاف شديد شديد نفرت رکندڙ ايَ بي ايَ حليم جنهن کي پير الاهي بخش عليڳڙهه مان وٺي آيو هو تنهن سنڌي دشمنيءَ ۾ حد ڪري ڇڏي هئي. ٿيو هيئن جو سال 1954 ۾ ، ملڪ جي وزيراعظم محمد علي بوگرا (اوڀر پاڪستان هاڻ بنگلاديش) جڏهن ڏٺو ته بنگاليءَ کي ملڪ جي قومي ٻولي تسليم نه ٿا ڪن ته بنگالين جي دل رکڻ لاءِ بيان ڏنائين ته بنگالي، پاڪستان جي ثانوي (سيڪنڊ ٻولي) آهي جنهن تي نام نهاد قومي اردو پريس مڇرجي پئي ۽ هڙتال جو سڏ ڏنائون پر سنڌي پريس سندن ساٿ ڏيڻ کان انڪار ڪيو تنهن ڪري اردو ڳالهائيندڙن، مشهور سنڌي اخبار روزاني الوحيد جي پاڪستان چوڪ واري دفتر تي حملو ڪري انهيءَ کي تباهه ڪري ڇڏيائون ـ تعصب پرست وائيس چانسلر ايَ بي ايَ حليم سنڌي ٻوليءَ تي بندش وڌي هئي.
ڪجھه وقت اڳ، ميرِياٽ هوٽل ۾ فيڊرل اردو يونيورسٽي سنڌ تي هڪ سيمينار ڪرايو هو جنهن ۾ مان پاڻ شريڪ ٿيو هوس. انهيءَ ۾ امر جليل تقرير ڪندي چيو: مان پنجاهه جي وچ واري ڏهاڪي ۾ ڪراچي يونيورسٽيءَ جي ڪرڪيٽ ٽيم جو سربراهه هوس، سو انهيءَ وقت تعصب ڪونه هوـ مونکي امر جليل جي اهڙي لاعلمي تي ڏاڍو افسوس ٿيو ۽ جڏهن سڀ تقريرون ختم ٿيون ته مون کيس ڳوليو ته کيس ياد ڏياريان ته سال 1954 ۾ وائيس چانسلر اي بي اي حليم سنڌي ٻوليءَ تي بندش وڌي هئي ۽ اوهان ڪيئن ويٺا تعريفون ڪريو مگر امر جليل هٿ نه آيو جو فنڪشن مان هليو ويو هو ـ