• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

تلخ سچائي: شهيد ڀٽي طرفان جي ايم سيد کي ڏنل آڇ قبول ڪرڻ گھرجي ها......!!

محمد خان سيال

سينيئر رڪن
سائين جي ايم سيد جي ڪٽر حامي ناز سنائي پنهنجي ڪتاب ساروڻيون ۾ لکيو آهي ته ڀٽي صاحب جي ايم سيد کي آڇ ڪئي هئي ته جيڪڏهن هو دادو مان صوبائي اسيمبليءَ جي سيٽ تي وڙهندڙ پير علي محمد راشديءَ جي حمايت نه ڪري ته هو سندس مقابلي ۾ پ پ پ جي بيٺل اميدوار (ملڪ سڪندر) کان هٿ کڻائڻ لاءِ تيار آهي پر جي ايم سيد، پير علي محمد راشديءَ (غدار سنڌ ) جي حمايت ڇڏڻ کان انڪار ڪيوهو ـ
هڪ صحافيءَ جي حيثيت ۾ مون کي ياد آهي ته شهيد ڀٽي جي، جي ايم سيد کي ڏنل اهڙي آڇ سڀني اخبارون ۾ ڇپي هئي جيڪا کيس قبول ڪرڻ گھرجي هئا جنهن جا ڪيترائي فائدا هئا ـ پير علي محمد راشدي ون يونٽ ٺهرائڻ ۾ ايوب کهڙي سان گڏ وڏو ڪردار ڪيو هو جنهن ڪري جي ايم سيد کي انهيءَ جي حمايت نه ڪرڻ گهرجي ها پر جي ايم سيد ون يونٽ جي ڪٽر حامي ايوب کهڙي کي به ساڻ کڻي گهمندو وتندو هو ۽ سنڌ متحدا محاذ جي دفترن جا افتتاح به گڏ ڪرائيندو هو ـ
ياد رهي ته گھڻو پوءِ، جي ايم سيد جو پٽ امداد محمد شاهه به پ پ پ جي حمايت سان صوبائي اسيمبليءَ جو ميمبر چونڊيو هو ـ
جي ايم سيد، شهيد ڀٽي جي آڇ قبول ڪرڻ کان انڪار ڪيو جنهن ڪري 1970 واري اليڪشن ۾ هن اٽڪل 10 هزار ووٽ کنيا ۽ ملڪ سڪندر 80 هزار ـ اها به پڪ هئي ته جي ايم سيد ڪامياب ٿئي ها ته 1973 جي آئين کي بهتر بڻائڻ لاءِ بهتر رٿون ڏئي ها جيڪي سنڌ ۽ ٻين صوبن لاءِ فائدي واريون هجن ها ـ 1970 جي اليڪشن وڙهڻ جو مطلب اهو ٿيو ته جي ايم سيد ڪاميابيءَ کانپوءِ پاڪستان سان وفاداريءَ جو اسيمبليءَ ۾ ضرور قسم کڻي ها ـ
نوٽ: اختلاف جو حق سڀني کي آهي پر اهي تهذيب جي اندر تبصرو ڪن، بدتميزي ڪندڙ سنڌي ڪوڙن قومپرستن کي بلاڪ ڪيو ويندو ـ
 
Back
Top