• ڇا توھان کان سنڌ سلامت جو پاسورڊ وسري ويو آھي..؟
    ھيٺ ڏنل بٽڻ تي ڪلڪ ڪري پنھنجي اي ميل واٽس ايپ ذريعي موڪليو. .انتظامي رڪن توھان جي پاسورڊ کي ري سيٽ ڪري توھان کي اطلاع موڪليندا. لک لائق..!

    واٽس ايپ ذريعي

شهيد ذوالفقار علي ڀٽي جون ڪجھه خاميون

محمد خان سيال

سينيئر رڪن
مون اڳ ۾ به لکيو آهي ته شهيد ذوالفقار علي ڀٽو هڪ انسان هو جنهن ۾ ڪيتريون خوبيون هيون ته خاميون به هيون ۽ مان انهن خوبين کي جائز ڪونه ٿو سمجھان ـ هڪ صحافيءَ جي حيثيت ۾، مون اڳ به لکيو آهي ۽ هاڻ به لکان ٿو ـ
منهنجي خيال ۾ شهيد ڀٽي جي وڏي غلطي بلوچستان ۾ آپريشن ڪرڻ هو، جيڪو غلط هو ۽ اها به سچائي آهي ته جڏهن کيس اهڙو احساس ٿيو ته هن اهو آپريشن ختم ڪرڻ ٿي چاهيو پر جنرل ضياءَالحق کيس چيو: ائين ڪرڻ سان فوج جو اميج خراب ٿيندو ۽ فوج ائين ڪرڻ جي مخالف آهي پر مان سمجھان ٿو ته انهيءَ جي باوجود انهيءَ آپريشن جو ذميدار ڀٽو صاحب ئي هو ـ وري جڏهن جنرل ضياءَالحق اقتدار ۾ آيو ته پهريان بلوچن تي ڪيس پاڻ ئي ختم ڪيائين ـ مير غوث بخش بزنجو ساڻس ملڻ اسلام آباد ۾ مليو ۽ کيس 5 لک روپين جي ڪار سوکڙيءَ ۾ ڏنائين ۽ اها خبر سڀني اخبارون ۾ ڇپي هئي ـ
سندس ٻي غلطي اها هئي ته سال 1971 ۾ اوڀر پاڪستان ۾ جيڪو آپريشن شروع ڪيو ويو هو تنهن جي موٽ ۾ ڪجھه فوجين تي وڏن ڏوهن ۾ مقدمو هلايو وڃي ها پرهن ڪوشش ڪري ائين ڪرڻ ڪونه ڏنوجڏهن ته شيخ مجيب الرحمان به انهيءَ تي نيٺ راضي ٿيو سو ڀٽو صاحب ۽ شيخ مجيب به انهيءَ لاءِ گڏيل ذميدار آهن ـ
جيتوڻيڪ آئين عبدالحفيظ پيرزادي ٺاهيو هو ۽ ان جي هڪ هڪ پيرا اسيمبليءَ ۾ منظور ٿي هئي، ان جو سو سيڪڙو ذميدار حفيظ پيرزادو هو ۽ ساڳي وقت بلوچ ۽پٺاڻ قومپرست ميمبر به هئا سو کين اين ايف سي ايوارڊ واري فقري جي مخالفت ڪرڻ گھرجي ها پر هنن نه ڪئي. اها ڳالهه، اسان جي ڪوڙن سنڌي قومپرستن کي سمجھه ۾ ڪانه ٿي اچي. منهنجي خيال ۾ پوءِ به اها غلطي آخرڪار ڀٽي صاحب جي کاتي ۾ ايندي جهڙي ريت آئين ٺاهڻ جي خوبي سندس کاتي ۾ اچي ٿي ـ
ڪيترا ورهيه اڳ، هڪ ڀيري مان پي آءِ اي آفيس ۾ ويٺو هوس ته منهنجو پاڙيسري سنڌي قومپرست آفيس ۾ آيو جيڪو شروع ۾ انتهائي غريب هو پر ڪنهن گڏجاڻيءَ ۾ منهنجي رٿ ۽ زور ڀرڻ تي، ڪراچيءَ ۾ سنڌين لاءِ سوسائٽي ٺاهي وئي ۽ ڏسندي ڏسندي هو ڪروڙ پتي ٿي ويو، سو لاڳيتو شهيد ڀٽي خلاف ڳالهائي رهيو هو. مون کي ڀٽي صاحب خلاف ڳالهائڻ تي اعتراض ڪونه هو پر آفيس اندر ٻين جي موجودگيءَ ۾ لاڳيتو ساڳيون ساڳيون سياسي ڳالهيون بار بار دهرائڻ ۽ لاڳيتو سياسي بحث ڪرڻ ، مناسب ڪونه هو ـ آخر تنگ ٿي، مون سندس اجازت سان هڪ سوال پڇيو ـ چيومانس جنهن ون يونٽ ٺهرايو تنهن کي ڇا چئبو؟ ته ترت جواب ڏنائين: غدار سنڌ ـ وري پڇيومانس جنهن پاڪستان ٺهرايو تنهن کي ڇا چئبو؟ منهنجو جواب ٻڌي سندس بولتي بند ٿي وئي ۽ لفظ به ڪونه ڪڇيو ـ چوڻ جو مقصد آهي ته ٻين کي تنقيد ڪرڻ وان کي پنهنجي ليڊر جي ڪردار تي بي ريا ويچار ڪرڻ گھرجي ۽ تنقيد ڪندڙن کي گارگند ڏيڻ ۽ بدتميزيءَ ڪرڻ کان پاسو ڪرڻ گھرجي جيڪو ڪوڙن قومپرستن جو مَرڪ رهيو آهي ـ
 
Back
Top